گهوٽڪي ۾ جِي ڊي اَي ايم پي اَي علي گوهرخان مهر جَي اهم سياسي اتحادي پنهنجا رستا ڌار ڪري ڇڏيا.
گهوٽڪي ۾ جِي ڊي اَي ايم پي اَي علي گوهرخان مهر جَي
اهم سياسي اتحادي پنهنجا رستا ڌار ڪري ڇڏيا.
اڳوڻو ايم پي اَي رحيم بخش بوزدار، علي گوهر مهر سان اتحاد ختم ڪري پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي ويو.
ميرپورماٿيلو لڳ
ڳڙهي چاڪر ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه سان ملاقات دوران سرداررحيم بخش خان بوزدار طرفان
پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو.
ڳڙهي چاڪَر ۾ وڏي وزير سان رحيم بخش بوزدار جِي ملاقات دوران
صوبائي وزير به موجود هئا.
, سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاه نثار کهڙو سان گڏ سردار رحيم بخش خان بوزدار ميڊيا سان ڳالهيندي
چيو ته اسان جا پ پ پ سان پراڻا واسطا آھن
اسان پ پ پ سان گهڻا
ويجها رهيا آھيون ڪجھ وقت پري رهڻ کان پوء
اڄ پراڻن دوست ياد ڪيو آھي انهن جي مهرباني آھي اسان پنهنجي پوري برادري سميت پ پ پ
۾ شموليت جو اعلان ڪيون ٿا
,ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڳالهائيندي چيو ته پراڻو ساٿي ۽ جهونو سياستدان
سردار رحيم بخش خان بوزدار اسان سان ٻيهر گڏ ٿيو آھي اسان ان جو شڪريو ادا ڪيون ٿا
هن هميشه عوام جي خدمت
ڪئي آھي ۽ هاڻي به اڳ جيان ڪندو رهندو,
هن وڌيڪ چيو هي پورو سال اسان ۽ توهان لاء امتحان جو سال رهيو
آھي ڇو ته ڪڏھن ماڪڙ جي مصيبت سر تي آئي ته ڪڏھن ڪورونا جا ڪلور جاري رهيا رهيل ڪسر وري بي
رحم برساتن ڪڍي ڇڏي آهي
هن اهو به چيو ته پوري
سنڌ ۾ فصل تباه ٿي ويا آحن
هڪ سوال جي جواب ۾
هن چيو ته ملڪ ۾ جيستائين حقيقي جهموريت بحال نه ٿيندي تيستائين تائين خوشحالي نه ايندي
وڏي وزير چيو ته وفاق 2018 ۾ جيڪي پئسه ڏنا هئا اهي ئي پئسه پيا خرچ ڪيون ٻن
سالن ۾ وفاق هڪ روپيو به نه ڏنو آھي وفاق نه پاڻ خرچ ڪري ٿو ۽ نه اسان کي ڏي ٿو ,
گهوٽڪي ضلع جي پيڪيج بابت پڇيل سوال تي هن چيو ته جلد گهوٽڪي
ضلع جي عوام لاء ترقياتي ڪمن جو وڏو پيڪيج ڏنو ويندو ۽ رهيل ترقياتي ڪم ڪرايا ويندا
وڏي وزير سان نثار کهڙو ناصر شاه محمد بخش مهر بابر علي خان
لنڊ اڪرام ڌاريجو مير احسان خان سندراڻي پڻ گڏ هئا
وڏو وزير سيد مراد علي شاه ان کان اڳ ڳوٺ صاحب خان لنڊ پهتو
جتي هن سردار فياض علي خان لنڊ ۽ مير بابر بابرعلي خان لنڊ سان ڀاءَ جي وفات تي تعزيت ڪئي جڏهن ته
وڏي وزير خانڳڙهه ۾ پ پ ايم ين اَي سردار محمد بخش خان مهر پاران ڏنل مانجهاندي ۾
پڻ شرڪت ڪئي
خانڳڙه ۾ سيڪورتِ جا انتظام سخت ڪيا ويا هئا روڊ رستا پ پ
جي جنهڊن سان سينگاريا ويا هئا
اينٽي ڪرپشن پوليس سول اسپتال جي
5 ميل، في ميل ڊاڪٽرز، 8 پيرا ميڊيڪل اسٽاف ۽ دوائن ۽ تيل جي 9 ٺيڪيدارن کي 23 سيپٽمبر
تي طلب ڪري ورتو. اينٽي ڪرپشن پوليس ساڳئي ڪيس ۾ ٽي ھفتا اڳ اڳوڻي ايم ايس، اڳوڻي ھيڊ
ڪلارڪ سميت 4 ڄڻن کي گرفتار ڪري جيل ڀيڙو ڪيو آهي. سرڪل آفيسر حنيف سرڪي موجب سول اسپتال
۾ ٿيل ھڪ ڪروڙ 67 لک جي گهوٻين جي جاچ جو دائرو وڌائيندي 5 ڊاڪٽرن سميت 22 ڄڻن کي ٻي
ڏينهن طلب ڪيو ويو آهي. سرڪل آفيسر مجب 22 ڄڻن کان جاچ ڪئي پئي وڃي. ڪوبه عملدار ڪرپشن
۾ ملوث نڪتو ته ان جو نالو ايف آئي آر ۾ شامل ڪيو ويندو.
.
ڪشمور ويجهو سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان
قتل، واٽهڙو پيرسن زخمي ٿي پيو،
هٿياربندن جي فائرنگ ۾ عيد گاهه واسي علي گل سولنگي ۽ واٽھڙو پيرسن شاھمور خالدي
زخمي ٿي پيا، زخمين کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، نوجوان کي رحيم يار خان نيو پئي ويو
ته رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيائين، مقتول جي وارثن جو چوڻ آهي ته مورزادو جکراڻي ۽ ڏاڏو
جکراڻي نوجوان کي قتل ڪيو، وڏو ظلم ڪيو ويو آهي، قاتل گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي
ڏهرڪي ۾ صفائي نه ٿيڻ تي شهرين جي شڪايتن جو نوٽيس، عدالت جي
حڪم تي سينيٽري انسپيڪٽر کي هٿڪڙيون لڳائي صفائي ڪرائي وئي، مقامي عدالت سينيٽري انسپيڪٽر
شوڪت ملڪ کي هٿڪڙيون لڳائڻ بعد سندس موجودگي ۾ صفائي ڪرائڻ جو حڪم ڏنو، عدالتي حڪم تي پوليس اهلڪارن جي مدد سان شهر جي صفائي، شهرين
صفائي نه ٿيڻ ۽ گندگي خلاف عدالت ۾ درخواستون داخل ڪرايون هيون، سينيٽري انسپيڪٽر شوڪت
ملڪ جو چوڻ هو ته سڄو ڏوهه پبلڪ هيلٿ کاتي جو آهي، سزا وري آئون ڀوڳي رهيو آهيان، پبلڪ
هيلٿ کاتي جي انتظاميا کي شهر ۾ صفائي ڪرائڻ گهرجي...
گڊو انڊس
هاءِ وي تي تيز رفتار ٻن موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر ھڪ ڄڻو فوت ٻه ڄڻا زخمي
گڊو انڊس هاءِ وي
تي واپڊا ڪالوني جي گيٽ نمبر 4 اڳيان تيز رفتار ٻن موٽر سائيڪلن ۾ ٽڪر ٿي پيو جنهن
جي نتيجي ۾ 15 ورهين جو نوجوان عبدالسميع عرف
پول پٽ شير محمد شيخ موقعي تي فوت ٿي ويو
جڏهن ته 14 ورهين
جو منير احمد پٽ سوئز علي مزاري، ۽ 16 ورهين جو سجاد علي، پٽ فصل حسين مزاري زخمي ٿي
پيا
زخمين کي ڳڻتي جوڳي
حالت ۾ پنجاب جي شهر رحيم يار خان اسپتال منتقل ڪيو ويو جڏهن ته فوتي جو لاش شيخ محلہ
پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو،
لاڙڪاڻو
جي چانڊڪا اسپتال مريضن لاءِ عذاب خانو بڻجي وئي، اسپتال ٻاهران احتجاج ڪندڙ پيراميڊيڪل
عملي ۽ پوليس اهلڪارن ۾ چڪريون، عملي جي سول سوسائٽي جي نمائندن سان به منهن ماري
ڪئي وئي
او پي ڊي سوڌو ٻين شعبن کانپوءِ چانڊڪا اسپتال جو
ايمرجنسي وارڊ به مڪمل طور بندرهيا
علاج ۽ دوا لاءِ
پهتل مريض دربدر ٿي ويا، پئراميڊيڪل اسٽاف ايم ايس طرفان مطالبن تي عمل تائين تحريڪ
جاري رکڻ جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو.
سکر سول
اسپتال ۾ علاج لاءِ آيل گهوٽڪي واسڻ عورت مسمات ضميران ڊاڪٽرن جي مبينا غفلت سبب فوت
ٿي وئي.
عورت جي وارثن
موجب 7 سيپٽمبر تي عورت کي اسپتال کڻائي آيا هئاسين ، چار ڏينهن گائني وارڊ ۾ رکڻ بعد
مريض عورت کي فيميل ميڊيڪل يونٽ ۾ داخل ڪيو ويو.
عورت جي فوت ٿيڻ
تي سماجي اڳواڻ صفيه بلوچ اسپتال انتظاميا خلاف احتجاج ڪيو. صفيه بلوچ جو چوڻ هو ته
اسپتال ۾ مقرر ڊاڪٽر ڊيوٽي کي وقت نٿا ڏين جنهن اھڙي قسم جا مسئلا پيش اچن ٿا.
فوتي عورت جي وارثن مطالبو ڪيو آهي ته ذميوار ڊاڪٽرن
خلاف ڪيس داخل ڪري ڪارروائي ڪئي وڃي
Comments
Post a Comment