يارو لنڊ ويجهو گونگي عورت خودڪشي ڪئي آهي
يارو لنڊ ويجهو گونگي عورت خودڪشي ڪئي آهي اياز گبول کان گذريل ٻن سالن دوران حڪومتي قرض ۾ پنجيتاليهه سيڪڙو واڌ ناڻي واري وزارت نئين دستاويز جاري ڪ ري ڇڏيو آهي جنهن موجب گذريل 2 سالن ۾ حڪومتي قرض ۾ 45 سيڪڙو واڌ ٿي آهي .رپورٽ موجب ناڻي واري وزارت طرفان جاري ڪيل نئين دستاويز موجب 2 سالن ۾ حڪومتي قرض جي ڊي پي جي 87 سيڪڙو جي برابر ٿي ويا آهن جڏهن ته قرض ۾ واڌ جو وڏو سبب مالي خسارو پورو ڪرڻ جي لاءِ ورتل قرض آهي. ٻئي طرف قانون موجب حڪومتي قرض جي ڊي پي جي 60 سيڪڙو کان وڌيڪ نه هجڻ گهرجي. ياد رهي ته مسلم ليگ(ن) جي حڪومت دوران حڪومتي قرض جي ڊي پي جو تقريبن 73 سيڪڙو هو. سنڌ حڪومت صوبي ۾ موجود مدرسن کي تعليمي ادارن جيان رجسٽرڊ ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي .وڏي وزير جي ترجمان موجب مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ نيشنل ايڪشن پلان سميت ٻين معاملن تي بريفنگ ڏني وئي . آءِ جي سنڌ بريفنگ ۾ ٻڌايو ته سنڌ ۾ 8195 مدرسا ۽ امام بارگاهون آهن، فيصلو ڪيو ويو آهي ته صوبي ۾ مدرسن کي تعليمي ادارن جيان رجسٽرڊ ڪيو ويندو ۽ ان کي تعليم کاتو رجسٽرڊ ڪندو. ان موقعي ت