ڪراچي ۾ ڊفينس ۽ ڪلفٽن ۾ 5 ڏينهن کان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ
ڪراچي ۾ ڊفينس ۽ ڪلفٽن ۾ 5 ڏينهن کان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف رهواسين جو صبر ختم ٿي ويو، ڪنٽومينٽ بورڊ آفيس اڳيان علائقي واسين جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاج، ڌرڻو هنيو ويو، علائقي واسي ڪنٽومينٽ جا دروزا ٽوڙي اندر داخل ٿي ويا، پوليس ۽ احتجاج ڪندڙ ماڻهن وچ ۾ منهن ماري پڻ ٿي، مڇريل ماڻهن دروازي جا شيشا به ٽوڙي ڇڏيا، پوليس اٽالا طلب ڪيا ويا، ڪنٽومينٽ بورڊ جو عملو ٻئي دروازي مان فرار ٿي ويو، پوليس انتظام سنڀالي ورتا، مظاهرين جو چوڻ هو ته اڃان تائين علائقن مان برساتي پاڻي نيڪال ناهي ٿي سگهيو، نظام ڪمزور هجڻ ڪري پاڻي بيهجي ويو، 5 ڏينهن گذرڻ باوجود پاڻي بيٺل آهي، جڏهن ته ڊي آءِ جي ڏکڻ مظاهرين سان ڳالهين لاءِ پهچي ويو، جڏهن ته سي بي سي آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو ويو آهي، سي بي سي جو اعليٰ عملو فرار ٿي ويو، مظاهرين طرفان احتجاج ختم ڪرڻ کان انڪار ڪيو ويو آهي. سنڌ حڪومت وفاق کان آبادگارن جو زرعي قرض ۽ ٽيڪس معاف ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي ، صوبائي وزير اسماعيل راهو چيو آهي ته وفاق آبادگارن جو زرعي قرض ۽ ٽيڪس معاف ڪرڻ جو اعلان ڪري، سنڌ حڪومت متاثر ٿيل 20 ضلعن کي آفت سٽيل قرار ڏئي چ