دنيا ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 5 هزار 264 انساني جانيون کسي ورتيون
دنيا ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 5 هزار 264 انساني جانيون کسي ورتيون، 2 لک 22هزار 369 نوان ڪيس رپورٽ ٿيڻ کانپوءِ متاثرن جو انگ 2 ڪروڙ 27لک 91هزار کان وڌي ويو آهي. برازيل ۾ صورتحال بدستور خراب آهي، جتي هڪ ڏينهن ۾ وڌيڪ هڪ هزار 115 مريضن دم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته 41هزار کان وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ ٿيا. ڀارت ۾ هڪ ڏينهن ۾ وڌيڪ 981 مريضن دم ڏنو، جنهن بعد فوتين جو ڪل انگ 24هزار 975 ٿي ويو آهي. مسيڪو ۾ 707، ڏکڻ آفريڪا ۾ 195، ايران ۾ 139، روس ۾ 110، عراق ۾87، فلپائن ۾ 88، سعودي عرب ۾ 42 ۽ ترڪي ۾ 19 ڄڻا فوت ٿي ويا. عالمي وبا سبب هيل تائين حياتيون وڃائيندڙن جو انگ 7 لک 95 هزار 454 ٿي ويو، هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ مريض وائرس کي شڪست ڏئي صحتياب ٿي چڪا عالمي بينڪ دنيا کي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن فوري طور ڪورونا وائرس تي ضابطو نه آيو ته دنيا ۾ غربت وڌي ويندي ۽ ماڻهو بک مرڻ شروع ٿي ويندا. عالمي بينڪ جي سربراهه ڊيوڊ مليپاس چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي ڪري 10ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو غربت جي لڪير کان به هيٺ زندگي گهارڻ تي مجبور ٿيڻ جو خدشو آهي. عالمي بينڪ جي سربراهه چيو ته ڪورونا وائرس جي ڪري صورتحال وڌيڪ خراب ٿي ته غربت