Posts

Showing posts with the label .اين سي او سي سموري ملڪ ۾ سڀاڻي کان ٻئين مرحلي ۾ تعليمي ادارا کولڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي،

.اين سي او سي سموري ملڪ ۾ سڀاڻي کان ٻئين مرحلي ۾ تعليمي ادارا کولڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي،

  . ا ين سي او سي سموري ملڪ ۾ سڀاڻي کان ٻئين مرحلي ۾ تعليمي ادارا کولڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ، وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ تعليم واري وفاقي وزير، صوبائي وزيرن ۽ سيڪريٽريز شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ ٻئي مرحلي ۾ تعليمي ادارا 28 سيپٽمبر تي کولڻ وارو سنڌ حڪومت جو فيصلو رد ڪيو ويو، اين سي او سي جي اجلاس بعد ڪي پي ۽ پنجاب سرڪار سڀاڻي کان ٻئي مرحلي ۾ تعليمي ادارا کولڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، سنڌ سرڪار ڇهين کان اٺين درجي تائين تعليمي ادارا سڀاڻي کان نه کولڻ واري فيصلي تي قائم آهي. ٻي پاسي تعليم واري صوبائي وزير سعيد غني لاڙڪاڻي پهچي   سرڪاري اسڪولز ۽ ڪاليجز جا دورا ڪيا   استادن جي دير سان پهچڻ ۽ شاگردن ۾ سماجي وٿيءَ سوڌو ايس او پيز تي عمل نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو   لاڙڪاڻو جي تعليمي ادارن ۾ ڊيسڪ تي هڪ بدران 2-2 شاگرد ويٺل نظر آيا، دورن دوران سعيد غني شاگردن سان به ايس او پيز بابت ڪچهري ڪئي، صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته افسوس آهي جو ڪيترن ئي سرڪاري توڙي نجي تعليمي ادارن ۾ ايس او پيز تي عمل نه ٿي رهيو آهي، ٻارن جي صحت سڀ کان وڌيڪ اهم آهي، اُن جو ڀرپور نموني خيال رکيو ويندو.