.اين سي او سي سموري ملڪ ۾ سڀاڻي کان ٻئين مرحلي ۾ تعليمي ادارا کولڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي،

 

.اين سي او سي سموري ملڪ ۾ سڀاڻي کان ٻئين مرحلي ۾ تعليمي ادارا کولڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي،

وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ تعليم واري وفاقي وزير، صوبائي وزيرن ۽ سيڪريٽريز شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ ٻئي مرحلي ۾ تعليمي ادارا 28 سيپٽمبر تي کولڻ وارو سنڌ حڪومت جو فيصلو رد ڪيو ويو،

اين سي او سي جي اجلاس بعد ڪي پي ۽ پنجاب سرڪار سڀاڻي کان ٻئي مرحلي ۾ تعليمي ادارا کولڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو،

سنڌ سرڪار ڇهين کان اٺين درجي تائين تعليمي ادارا سڀاڻي کان نه کولڻ واري فيصلي تي قائم آهي.

ٻي پاسي

تعليم واري صوبائي وزير سعيد غني لاڙڪاڻي پهچي  سرڪاري اسڪولز ۽ ڪاليجز جا دورا ڪيا

 استادن جي دير سان پهچڻ ۽ شاگردن ۾ سماجي وٿيءَ سوڌو ايس او پيز تي عمل نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو

 لاڙڪاڻو جي تعليمي ادارن ۾ ڊيسڪ تي هڪ بدران 2-2 شاگرد ويٺل نظر آيا، دورن دوران سعيد غني شاگردن سان به ايس او پيز بابت ڪچهري ڪئي،

صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته افسوس آهي جو ڪيترن ئي سرڪاري توڙي نجي تعليمي ادارن ۾ ايس او پيز تي عمل نه ٿي رهيو آهي، ٻارن جي صحت سڀ کان وڌيڪ اهم آهي، اُن جو ڀرپور نموني خيال رکيو ويندو.

هوڏانهن

تعليمي ادارن جي تالابنديءَ  خلاف ميرپور ماٿيلي ۾ سنڌ پرائيويٽ انسٽيٽيوشنز نيٽ ورڪ گهوٽڪي پاران  احتجي ريلي ڪڍي جلد اسڪول کولڻ جو مطالبو ڪيو ويو.

سنڌ ۾ تعليمي ادارن کي کولڻ جي حوالي سان سنڌ پرائيويٽ انسٽيٽيوشنز نيٽ ورڪ جي ڏنل سڏ تي محمد نواز چارڻ افتخار نائچ،ذيشان ڪلوڙ خالد آرائين عبدالحڪيم پنهور طارق عزيزشيخ اختر اوڳاهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب ميرپور ماٿيلي کان ڀٽائي چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي

 جنهن ۾ گهوٽڪي ضلعي جي نجي اسڪول جي مالڪن،پرنسپالز،استادن والدين سميت ساڃاه وندن  وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي .

احتجاجي ريلي دوران تعليم بچايو ۽ٻارن جو مستقبل بچايو جا نعرا پڻ هنيا ويا

 ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ملڪ ۾ شادي هالز هوٽلز بازارون توڙي مال پڙيون کولڻ جي اجازت ڏني وئي آهي پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته تعليمي ادارن مٿان بندش برقرار آهي جيڪا سراسر زيادتي آهي.

هنن چيو ته  ست مهينا  تعليمي ادارابند ٿيڻ سبب تعليم تباهي جي ڪناري تي پهچي چڪي آهي پر پوءِ به سنڌ حڪومت هوڏ تان نه ٿي لهي.

ان موقعي تي سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته اين سي او سي جي فيصلي  کي مدنظر رکندي نرسري کان اٺين درجي تائين في الفور اسڪولن کي کولڻ جي اجازت ڏئي تعليمي سرگرمين کي بحال ڪيو وڃي

هنن چيو ته جيڪڏهن اين سي او سي جي فيصلي تي عمل نه ڪيو ويو ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

ڪراچي ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ اجلاس، حيدرآباد ۽ ميرپورخاص ڊويزن ۾ امدادي ڪمن جو جائزو ،

 اجلاس کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ جي 5 لک ايراضي تي پاڻي بيٺل آهي،

 سيڪريٽري ايريگيشن جو چوڻ هو ته اسان پاڻي نيڪال وارو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي،

وڏي وزير چيو ته ايندڙ 15 ڏينهن ۾ ضرور پاڻي نيڪال ٿيڻ گهرجي، وڏي وزير چيو ته عوام جي تڪليفن جو احساس آهي، پاڻي نيڪال لاءِ قدم کنيا وڃن

ھمايون ڀرسان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ عيساڻي برادري جا 2 نوجوان قتل ٿي ويا، 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا،

 جاڳڻ اسٽاپ وٽ نامعلوم ھٿياربندن حملو ڪري نوجوانن کي قتل ڪيو، فائرنگ ۾ 20 ورھين جو نادر عيساڻي ۽ محمد صديق عيساڻي مارجي ويا،جنهن بعد علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو،

. پنجاب جي علائقي سونمياڻي ٿاڻي جي حد ۾ پراڻي دشمني تان عمراڻي قبيلي جي وچ ۾ فائرنگ دوران 3 ڄڻا قتل ٿي ويا.

مارجي ويلن ۾ شاھ نواز، مورو ۽ نورحسن عمراڻي شامل آهن

.اطلاع تي پوليس جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهچي مارجي ويلن جا لاش تحويل ۾ وٺي صادق آباد اسپتال منتقل ڪيا.

 

حيدرآباد ۾ مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل نياز خاصخيلي جي ڪيس ۾ عدالت ايس ايڇ او امداد ٽالپر جي اسٽي لاءِ ڏنل درخواست رد ڪري ڇڏي

حيدرآباد لڳ ڀٽائي نگر ٿاڻي جي حد ۾ مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل نياز خاصخيلي جي ڪيس ۾ عدالت ٿاڻي جي اڳوڻي ايس ايڇ او امداد ٽالپر جي اسٽي لاءِ ڏنل درخواست رد ڪري ڇڏي.

 مقتول جي زال مسمات ساجده خاصخيلي جي درخواست سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت 27 آڪٽوبر 2015ع تي اڳوڻي ايس ايس پي عرفان بلوچ، ايس ايڇ او امداد ٽالپر، ڊي ايس پي سي آءِ اي اسلم لانگاه، اي ايس آءِ سيف الرحمان سهتو سميت ٻين پوليس عملدارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

 اڳوڻي ايس ايڇ او سيشن جج جي فيصلي کي 3 نومبر 2015ع تي هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو عدالت سندس درخواست تي هيٺين ڪورٽ جي فيصلي کي معطل ڪيو.

لاڳيتو درخواست گذار توڙي سندس وڪيل پيش نه ٿيڻ تي عدالت اسٽي واري درخواست خارج ڪري ڇڏي.

فريادي جي وڪيل موجب درخواست خارج ٿيڻ بعد هيٺين ڪورٽ جو فيصلو بحال ٿي ويو. عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڪنهن تي هڪ سئو ڪيس به داخل ٿيل هجن پر ان جي سزا جو فيصلو ٽرائل ڪورٽ ۾ ٿيندو.

جوابدار کي موت جي سزا جو اختيار عدالتن وٽ آهي پوليس بنا ٽرائل ڪرڻ جي ڪنهن کي به مقابلو ڄاڻائي ماري نه ٿي سگهي

نصيرآباد ۾ مدرسي جي کٿابي سان مبينا بدفعلي جو انڪشاف، مدرسي جي مولوي سميت 2 ڄڻا گرفتار ڪيو ويو،

 سوشل ميڊيا تي 9ورهين جي آصف مگسي جي وائرل ٿيل وڊيو بيان جو ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ نوٽيس ورتو.

 ايس ايس پي جي حڪم تي پوليس مولوي مجيب الرحمان ۽ سندس سئوٽ اسحاق ھڪڙو کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

لکي غلام شاهه ويجهو اڳوڻي مڙس جي حملي ۾ 10 ڏينهن اڳ پرڻيل عورت قتل ٿي وئي،

 ڳوٺ ساماڻو ڀرسان هٿياربندن فائرنگ ڪري زرينا زال واحد بخش جتوئي کي قتل ڪري ڇڏيو،

ان سلسلي ۾ مقتول عورت جي وارثن جو چوڻ هو ته زرينا کي سندس اڳوڻي مڙس علي گوهر خروس ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪيو آهي،

 مقتولا جي امڙ جو چوڻ هو ته زرينا جي 10 ڏينهن اڳ پنو عاقل واسي واحد بخش جتوئي سان شادي ٿي هئي، ڪاوڙ ۾ اچي ڪوڙو الزام هڻندي سندس مڙس اڄ کيس قتل ڪري ڇڏيو، بيگناهه نياڻي کي قتل ڪيو ويو آهي، جوابدار کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.

 

ڪراچي جي علائقي تيموريه ۾ پوليس اهلڪار جي عورت سان مبينا لڄالٽ، اهلڪار ڪامران خلاف ڪيس داخل،

 زيادتي جو نشانو بڻيل عورت چيو آهي ته هوءَ اهلڪار ڪامران جي گهر ۾ ڪرائي تي رهي ٿي،

جوابدار کيس اڪيلو ڏسي گهر ۾ گهڙي زيادتي جو نشانو بڻايو،

مڙس دانهن کڻي ٿاڻي تي ويو ته کيس تشدد جو نشانو بڻايو ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته جاچ جاري آهي، وڌيڪ حقيقتون ميڊيڪل رپورٽ کانپوءِ سامهون اينديون.

دادو ڀرسان ڳوٺ مراد آباد ۾ پوليو ٽيم تي هٿياربندن جو حملو، فائرنگ ۾ پوليو ورڪر عزيز الله پنهور مرڻينگ،

 ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نواب شاهه اسپتال منتقل، پوليس چيو آهي ته پوليو ورڪر عزيز الله پنهور ٻارن کان پوليو جا ڦڙا پيئارڻ لاءِ پنهنجي ايريا ۾ وڃي رهيو هو ته هٿياربندن حملو ڪيو، حملي جا ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ جاچ ۽ جوابدارن جي ڳولا جاري آهي.

..

 

قادرپور  ڳوٺ رئیس عظیم ساوند جو رھواسي 22 سالن جو نوجوان  چار ڏينھن کان گم وارثن جو قادرپور پريس ڪلب اڳيان  احتجاج

 قادرپور رئیس عظیم ساوند جورھواسي نوجوان احسان علي سندراڻي گذريل چار ڏيھن کان گم  ٿي ويو آھي  گم ٿيل نوجوان جي پيء جمون سندراڻي ء ڀاء قربان سندراڻي    قادرپور پريس ڪلب پھچي  ھنن ٻڌايو تہ اسان جو ڇوڪرو قادرپور شھر م پيٽ گذر لاء مزدوري ڪرڻ لاء ايندو  ھو  اسان جو ڇوڪرو چار ڏينھن گذري وڃڻ باوجود  گھر واپس نہ آيو آھي  ء ان جو مبائل فون بہ مسسل بند ٿي ويو آھي    اسان قادرپور پوليس کي بہ اطلاع ڪيو آھي پر پوليس اسان جي ڳولا م ڪا بہ مدد نہ پئي ڪري وڌيڪ ھنن جو چوڻ ھو تہ اسين مطالبو ٿا ڪيون ايس ايس پي گھوٽڪي کي تہ خدارا اسان جي ڇوڪري جي ڳولا م مدد ڪئي وڃي اسان مسڪين آھيون ان لاء اسان جي مدد ڪير بہ نٿو ڪري خدارا اسان جي مدد ڪئي وڃي..

 

 

گهوٽڪي ڀرسان ڳوٺ پنجل سهتو جو رهواسي 40 سالا پورهيت محمد يعقوب سولنگي ڦٽين جي فصل کي ڦوهارو ڪندي بيهوش ٿي ويو جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رحيميار خان جي اسپتال داخل ڪيو ويو جتي هوفوت ٿي ويو پورهيت جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو

 

 

غوثپور ويجهو ڳوٺ شھداد ڀيو جي رهواسين پاران بنيادي سهولتون نه ملڻ سبب سئو کان وڌيڪ ٻارڙن کي پوليو پيارڻ کان انڪار  ڪري ڇڏيو۔ ضلعي انتظاميان خلاف آمين ڀيو ۔ ملان گلڙو ڀيو ۽ ٻين ڪيترائي ٻار ساڻ ڪري گهاري واري هنڌ پهچي ضلعي انتظاميا خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري سخت  نعريبازي ڪئي وئي۔ مظاهرين ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو آهي ته قديمي ڳوٺ شهداد خان ڀيو هن جديد دور ۾ به رستي سميت سڀني بنيادي سهولتن کان محروم بڻيل آهي۔ مظاهرين وڌيڪ دانهيندي چيو ته 2010 واري مھا ٻوڏ کانپوءِ هي شاهي رستو تباھ ٿي ويو هو جيڪو سوين ڳوٺن کي ملائي ٿو گذريل ڏهن سالن کان اسين ضلعي انتظاميان کي رستي جي بحالي لا۽ شڪايتون ڪيون آهن پر ضلعي انتظاميان اسانجي رستي جي بحالي لا۽ ڪي به قدم نه کنيا آهن جنهن سبب ڳوٺاڻن  پوليو جي ٽيم کي ٻارن کي بغير ڦڙا پيارڻ جي واپس روانو ڪري ڇڏيو آهي۔ مظاهرين سنڌ جي وڏي وزير توڙي اعلا اختيارن کان  مطالبو ڪيو آهي ته جيستائين اسانجو زميني رابطو بحال نه ڪرايو ويندو تيستائين ڳوٺ شهداد ڀيو ۾ ٻارڙن کي پوليو پيارڻ وارو اسانجو بائيڪاٽ جاري رهندو.

 

غوثپور ويجهو ڳوٺ شھداد ڀيو جي رهواسين پاران بنيادي سهولتون نه ملڻ سبب سئو کان وڌيڪ ٻارڙن کي پوليو پيارڻ کان انڪار  ڪري ڇڏيو۔ ضلعي انتظاميان خلاف آمين ڀيو ۔ ملان گلڙو ڀيو ۽ ٻين ڪيترائي ٻار ساڻ ڪري گهاري واري هنڌ پهچي ضلعي انتظاميا خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري سخت  نعريبازي ڪئي وئي۔ مظاهرين ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو آهي ته قديمي ڳوٺ شهداد خان ڀيو هن جديد دور ۾ به رستي سميت سڀني بنيادي سهولتن کان محروم بڻيل آهي۔ مظاهرين وڌيڪ دانهيندي چيو ته 2010 واري مھا ٻوڏ کانپوءِ هي شاهي رستو تباھ ٿي ويو هو جيڪو سوين ڳوٺن کي ملائي ٿو گذريل ڏهن سالن کان اسين ضلعي انتظاميان کي رستي جي بحالي لا۽ شڪايتون ڪيون آهن پر ضلعي انتظاميان اسانجي رستي جي بحالي لا۽ ڪي به قدم نه کنيا آهن جنهن سبب ڳوٺاڻن  پوليو جي ٽيم کي ٻارن کي بغير ڦڙا پيارڻ جي واپس روانو ڪري ڇڏيو آهي۔ مظاهرين سنڌ جي وڏي وزير توڙي اعلا اختيارن کان  مطالبو ڪيو آهي ته جيستائين اسانجو زميني رابطو بحال نه ڪرايو ويندو تيستائين ڳوٺ شهداد ڀيو ۾ ٻارڙن کي پوليو پيارڻ وارو اسانجو بائيڪاٽ جاري رهندو.نارائڻ ناز سنڌ ٽي وي نيوز غوثپور

 

ميرپور ماٿيلو(رپورٽر) ميرپور ماٿيلو؛ تعليم بچايو ريلي، سنڌ جي مستقبل روشن لاءِ تعليم جلد بحال ڪريو، ميرپور ماٿيلو ۾ سرڪاري توڙي پرائيوٽ اسڪولن جي استادن پاران ميرپور ماٿيلو ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، تعليم بچائڻ لاءِ اڀ ڏاريندڙ نعريبازي، ريلي ڀٽائي چوڪ کان گهنٽا گهر چوڪ تائين ڪڍي وئي، گلن جهيڙن ٻارڙن جو مستقبل روشن ٿيڻ بدران تباھي جي ڪناري تي پهچي رهيو آهي، سنڌ حڪومت کي گهرجي ته ايس او پيز تحت سمورا اسڪول کوليا وڃن، اڳواڻن جو خطاب تفصيل موجب ميرپور ماٿيلو؛ تعليم بچايو ريلي، سنڌ جي مستقبل روشن لاءِ تعليم جلد بحال ڪريو، ميرپور ماٿيلو ۾ سرڪاري توڙي پرائيوٽ اسڪولن جي استادن پاران ميرپور ماٿيلو ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، تعليم بچائڻ لاءِ اڀ ڏاريندڙ نعريبازي، ريلي ڀٽائي چوڪ کان گهنٽا گهر چوڪ تائين ڪڍي وئي، ان موقعي تي استادن نديم مهر، ڪاشف سيال، اختر دايو، خالد آرائين، عبدالحڪيم پنھور، افتخار نائچ، عبدالحنان ڪلوڙ ۽ ٻين ميڊيا کي ٻڌايو ته سنڌ جي تعليم هٿ سان تباھ ڪرڻ چاهي ٿي، گذريل 7 مهينن کان تعليمي ادارا بند هئا ۽ گلن جهيڙن ٻارڙن جو مستقبل روشن ٿيڻ بدران تباھي جي ڪناري تي پهچي رهيو آهي، هنن چيو ته مارڪيٽون، بازارون، هوٽل، مال پڙيون سرعام هلن پيون پر تعليمي ادارا ڇو بند آهن، هنن چيو ته سنڌ جي تعليم کي تباھ ڪرڻ جي هڪ سازش آهي جيڪا ڪڏهن به ڪابل قبول ناهي، هنن چيو ته سنڌ حڪومت کي گهرجي ته ايس او پيز تحت سمورا اسڪول کوليا وڃن، ته جيئن معصوم گلن جهيڙن ٻارڙن جو مستقبل روشن ٿي سگهي..

 

جروار ۾ وڌندڙ بدامني ۽ نقلي زرعي زهر هلائيندڙ دڪاندارن  خلاف شهرين جو مين چوڪ تي ڌار ڌار احتجاجي مظاهرا

جروار پوليس خلاف شهرين جو احتجاج  ٽائرن کي باهيون

شھرين آڪاش ڪمار نعيم چنو راجيش ڪمار جي اڳوڻي ۾ جروار پوليس خلاف مين چوڪ تي ٽائرن کي باه ڏيئي احتجاج ڪري مين چوڪ بند ڪيو ويو ,

جروار ۾ نئون ايس ايڇ او مقرر ٿيندي ئي ڏوهن ۾ اضافو ٿي ويو آھي هڪ هفتو اڳ شھر مان هڪ موٽرسائيڪل چور ڪاهي ويا ان سان گڏچور هڪ گهر ۾ گهڙي گهر مان لکين روپيه چوري ڪري ويا ۽ ان کان سواء سولر پليٽون پڻ چوري ڪري ويا پر پوليس هن مهل تائين ڪجھ نه ڪيو آھي هڪ چوري به سوگهو نه ڪري سگهي آھي

جروار پوليس جي سستي سبب اسان غريبن جون ننڊون حرام  ٿي ويون آھن هن وقت ڏوهاري سرگرم ٿي ويا آھن ۽پوليس ٻرن ۾ لڪي ويئي آھي ,هنن ايس ايس پي گهوٽڪي کان مطالبو ڪيو ته  چوريون واپس ڪرائي ڏنيون وڃن

ٻئي طرف

ڪپھ جو فصل تباه ٿيڻ ۽ نقلي زرعي دوائون وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف جروار يوٿ فورم جي سڏ تي واجد گبول جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو , ريلي ۾ مختلف سياسي پارٽين جا اڳواڻ پڻ شريڪ ٿيا

ماٿيلو چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو ويو ان حوالي سان سياسي سماجي اڳواڻن واجد گبول فراز لنڊ رحيم گبول صغير شاه ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته

جروار ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ ڊيلرن نقلي ٻج ۽ زرعي دوائون ڏيئي غريب آبادگارن جو فصل هٿ سان تباھ ڪيو آھي نقلي زرعي دوائن جي استعمال سبب ڪپھ جي فصل کي لڳل بيماريون ته ختم نه ٿيون پر ڪپھ جو فصل مڪمل طور تباھ ٿي ويو آھي جنهن سبب آبادگار لکين روپين جا قرضي ٿي ويا آهن ايگريڪلچر جا آفيسر انهن ڊيلرن کان لکين روپيه رشوت وٺي نقلي ٻج ۽ زرعي دوائون وڪرو ڪرڻ جي اجازت ڏين ٿا

ريلي ۾ شريڪ ماڻھن ڊي سي گهوٽڪي کان مطالبو ڪيو ته انهن ڊيلرن خلاف ڪاروائي ڪري آبادگارن جا قرض معاف ڪرايا وڃن ۽ نقلي ٻج ۽ زهر هلائيندڙ دڪاندارن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي

 

گڊو سنڌو درياھ جي پيٽ مان نڪرندڙ بي ايس فيڊر جي ۾ تڙ دوران 13 ورهين جو نينگر مريد احمد پٽ امان چنو ٻڏي فوت ٿي ويو سندس جي لاش چنه محلح تي پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو،

 

 

ڪنڌڪوٽ / ضلعي سيشن ۽ جج سول اسپتال پهچي ويا

 جڏهن ته ضلعي سيشن ۽ جج جمشيد علي اعوان ڪورونا ايمرجنسي ۾ سول اسپتال پهچي ويا ، ڊاڪٽر غير حاضر هئاايمرجنسي دوران ڪي ڊاڪٽر پنهنجي موبائلن تي راند کيڏڻ ۾ مصروف هئا

اسپتال جو ايم ايس پڻ غائب ٿي ويو

صفائي جو نظام درہم برہم ٿي ويو ، ڪورونا ايس ايس پي کي اسپتال ۾ نظرانداز ڪيو پيو وڃي ، آپريشن ٿيٽر غير فعال آهي ، وارڊن جي حالت خراب هئي ، ڪوزر جو نظام ناهي.

 ضلعي سيشن جج سول اسپتال کانپوءِ ليڊي هيلٿ سينٽر جو پڻ معائنو ڪيو ليڊي هيلٿ سينٽر ۾ ترسيل سهولت موجود نه هئي.

 ضلعي سيشن جج ايم ايس سميت سمورن ڊاڪٽرن جي رپورٽ هاءِ ڪورٽ ڏانهن موڪلي.

 

 

 

 

 

 

 

Comments

Popular posts from this blog

ايس ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل پاران ضلعي جي پوليس کي سماجي

قادرپور ويجهو سنڌو درياء ۾ پاڻي جي سطح ۾ لاٿ اچڻ بعد درياء

شهري اتحاد سرحد پاران سرحد ۾ روڊ حادثن کان حفاظت جي سلسلي ۾ سيمينار ٿي گذريو،