ايڊيشنل سيشن جج جهانگير اعواڻ تي فائرنگ واري واقعي جي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ گونج،
ايڊيشنل سيشن جج جهانگير اعواڻ تي فائرنگ واري واقعي جي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ گونج، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله ڊپٽي اٽارني جنرل کان پڇاڻو ڪيو ته گذريل ڏينهن ريڊ زون ۾ ڇا ٿيو؟ سمورا وڏا ماڻهو ڪمپرومائز ڇو ڪري ويندا آهن؟، چيف جسٽس چيو ته مان ڪڏهن به ناهي ٻڌو ته مهذب معاشري ۾ اهڙا ڪمپرومائز ٿيندا آهن، ڪيترائي ڀيرا چئي چڪا آهيون ته هن شهر ۾ لاقانونيت آهي، رياست جي رٽ به ڪٿي ته هجڻ گهرجي، رياست به ته ڪنهن شئي جي ذميواري کڻي. . حيدرآباد جي پريٽ آباد واري علائقي ۾ عورت وڪيل جو گهر مان لاش هٿ آيو، پوليس 35 سالن جي صوبيه زال عامر مارواڙي جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي، ان سلسلي ۾ پوليس چيو آهي ته عورت وڪيل صوبيه ۽ سندس مڙس وچ ۾ جهيڙو هلندڙ هو، جاچ ڪئي پئي وڃي ته واقعو آپگهات آهي يا کيس قتل ڪيو ويو، ٻئي پاسي هاءِ ڪورٽ ۽ ڊسٽرڪٽ بار جي وڪيلن واقعي کي قتل قرار ڏيندي عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو آهي، وڪيل اڳواڻن جو چوڻ آهي ته صوبيه آپگهات ناهي ڪيو، کيس قتل ڪري معاملي کي آپگهات جو رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، معاملي جي شفاف ج