لاهور ۾ موٽر وي تي زيادتي ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي
لاهور ۾ موٽر وي تي زيادتي ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي،جوابدار ڄاڻايل وقار الحسن سي آءِ اي ماڊل ٽائون وٽ پاڻمرادو پيش ٿي ويو،عورت سان زيادتي جو ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ذريعن موجب مک جوابدار عابد علي جو ساٿي جوابدار وقار الحسن سي آءِ اي ماڊل ٽائون آڏو پاڻ پيش ٿيو آهي.جوابدار وقار الحسن جو چوڻ آهي ته عورت سان لڄالٽ واقعي ۾ ملوث نه آهيان: وقار الحسن سي آءِ اي آڏو اعتراف ڪيو آهي ته جوابدار عابد علي سان ٻين ڏوهن ۾ شريڪ رهيو آهيان پر عورت سان زيادتي واري ڪيس سان منهنجو ڪو به تعلق ناهي، پوليس ذريعن موجب عباس کي به جاچ ۾ شامل ڪيو پيو وڃي،۽ وقار الحسن جا مائٽ به ملوث هجڻ جو شڪ آهي. پنجاب سرڪار عورت زيادتي ڪيس ۾ عابد علي ۽ وقار الحسن کي جوابدار ڄاڻايو هو . نيب هٿان گرفتار ٿيڻ بعد لاهور جي ڪوٽ لکپت جيل ۾ قيد حمزه شهباز ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي ويو، نواز ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب پنجاب اسيمبلي جي اپوزيشن ليڊر کي ڪورونا جي تصديق ڪندي چيو آهي ته حمزه شهباز ٽن ڏينهن کان بخار ۾ مبتلا آهي،علاج ۾ لاپرواهي ٿيڻ جي صورت ۾ حمزه شهباز جي حالت وڌيڪ خراب ٿي سگهي ٿي،کيس جيل مان اسپتال منتق