لاهور ۾ موٽر وي تي زيادتي ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي
لاهور ۾ موٽر وي تي زيادتي ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي
آهي،جوابدار ڄاڻايل وقار الحسن سي آءِ اي ماڊل ٽائون وٽ پاڻمرادو پيش ٿي ويو،عورت
سان زيادتي جو ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو،
ذريعن موجب مک جوابدار عابد علي جو ساٿي جوابدار وقار الحسن سي آءِ
اي ماڊل ٽائون آڏو پاڻ پيش ٿيو آهي.جوابدار وقار الحسن جو چوڻ آهي ته عورت سان
لڄالٽ واقعي ۾ ملوث نه آهيان:
وقار الحسن سي آءِ اي آڏو اعتراف ڪيو آهي ته جوابدار عابد علي سان
ٻين ڏوهن ۾ شريڪ رهيو آهيان پر عورت سان زيادتي واري ڪيس سان منهنجو ڪو به تعلق
ناهي،
پوليس ذريعن موجب عباس کي به جاچ ۾ شامل ڪيو پيو وڃي،۽ وقار الحسن
جا مائٽ به ملوث هجڻ جو شڪ آهي.
پنجاب سرڪار عورت زيادتي ڪيس ۾ عابد علي ۽ وقار الحسن کي جوابدار
ڄاڻايو هو.
نواز ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب پنجاب اسيمبلي جي اپوزيشن ليڊر کي
ڪورونا جي تصديق ڪندي چيو آهي ته حمزه شهباز ٽن ڏينهن کان بخار ۾ مبتلا آهي،علاج ۾
لاپرواهي ٿيڻ جي صورت ۾ حمزه شهباز جي حالت وڌيڪ خراب ٿي سگهي ٿي،کيس جيل مان
اسپتال منتقل ڪرڻ لاءِ هنگامي بُنيادن تي قانوني گهرجون پوريون ڪيون وڃن،
نواز ليگ جي صدر شهباز شريف پُٽ جي جلد صحتيابي لاءِ دعا جي اپيل
ڪندي چيو آهي ته حمزه شهباز کي جيل ۾ ڪورونا ٿيو آهي، مشرف کانپوءِ هو نيب نيازي
ڳٺ جوڙ جي انتقام کي ثابت قدمي سان منهن ڏئي رهيو آهي.
ناليوارو عالم دين علامه اختر نقوي دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو،
ان حوالي سان ويجهن عزيزن جو چوڻ آهي ته
علامه ضمير اختر نقوي کي رات دير سان نجي اسپتال منتقل ڪيو ويو،جتي هو دل جو دورو
پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو آهي.جڏهن ته ضمير اختر نقوي جو مڙه انچولي امام بارگاهه منتقل
ڪيو ويندو..
علامه ضمير اختر نقوي ڀارتي شهر لکنو ۾ پيدا ٿيو،۽ هو هڪ خطيب هجڻ
سان گڏوگڏ شاعر به هو، ۽ هن شاعري،۽ مرثيه نگاري سميت درجنين ڪتاب پڻ لکيا.
ڪراچي جي لياري واري علائقي ۾ 2 ماڙ عمارت ڪري پئي جنهن جي نتيجي ۾ 2
ڄڻن فوت ۽ 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا..
لياري جي ڪوئله گودام ويجهو 2 ماڙ عمارت ڌماڪي سان ڪري پئي، ريسڪيو
ذريعن موجب عمارت جي ملبي مان ٻن لاشن کي ڪڍيو ويو آهي. جڏهن ته 10 ماڻهو زخمي ٿي
پيا آهن، ڪيترائي ماڻهو عمارت جي ملبي ۾ دٻيل هجڻ جو خدشو به ظاهر ڪيو پيو وڃي.
پوليس،ريسڪيو رضاڪار ۽ علائقي واسي واقعي واري هنڌ وڏي انگ ۾ پهچي
ويا، امدادي ڪارروايون تيز ڪيون ويون آهن.
موسميات کاتي پاران سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اڄ ۽ سڀاڻي برسات
جو امڪان ظاهر ڪيو آهي،
موسميات کاتي موجب ڪراچي، ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، سانگهڙ ۽ ميرپورخاص ۾
برسات جو امڪان آهي،جڏهن ته سکر،لاڙڪاڻو،نوابشاهه،بدين، ٺٽي،۽ حيدرآباد سميت سنڌ
جي مختلف علائقن ۾ برسات جو امڪان آهي.
جنهن لاءِ الرٽ جاري ڪيو ويو آهي..
ڪراچي ۾ 7 سالن جي نينگري سان زيادتي جي الزام ۾
60 سالن جي پوڙهي کي پوليس گرفتار ڪري ورتو..
شاھ لطيف ٽائون واري علائقي ۾ ستن سالن جي معصوم نينگري سان زيادتي
جي الزام هيٺ 60 سالن جي جوابدار شهاب بيگ کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
نينگري جي پيءُ محمد اسماعيل نيازي الزام لڳائيندي چيو آهي ته سندس
نينگري کي پاڙيسري شيءِ وٺي ڏيڻ بهاني گهر ۾ وٺي وڃي زيادتي جو نشانو بڻايو.
نينگري جي وارثن موجب نينگري گهر روئيندي اچي حقيقت ٻڌائي جنهن بعد
سندس نشانڌهي تي جوابدار جي گهر پهتاسين.
زيادتي جو شڪار ٿيل نينگري جي والد جي فرياد تي پوليس ڪيس داخل ڪري
جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي..
ڪنڌڪوٽ جي مدرسا محلي ۾ نينگري رابعه کي مبينا اغوا ڪرڻ جي ڪوشش
ڪندڙ جوابدار مدد شيخ کي علائقي واسين پڪڙي ورتو،
جوابدار کي علائقي واسين پاران روڪڻ تي جوابدار طرفان مزاحمت ڪئي وئي،جڏهن
ته علائقي واسين نينگري کي هٿ ڪري اغوا ڪندڙ شخص کي سوگهو ڪري پوليس حوالي ڪري
ڇڏيو..
بڊاڻي ويجھو ڪجھ ڏينهن اڳ چوري ٿيل موٽرسائيڪل
واپس نه ٿي ڳوٺاڻن جو احتجاج نوٽيس جو مطالبو ڪيو ويو...
بڊاڻي جي مرتضي چوڪ تان چار ڏينھن اڳ چوري ٿيل موٽرسائيڪل
واپس نه ٿي سگهي اهڙي عمل خلاف ڳوٺاڻن جو اڪبر علي ڊومڪي،عبدالحميد ڊومڪي ۽ ٻين جي
اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو.
مظاهرين ايس ايس پي ڪشمور ۽ ٻين وس وارن کان نوٽيس وٺڻ جو
مطالبو ڪيو آهي..
گهوٽڪي ويجھو نامعلوم هٿياربندن گهر ۾ داخل ٿي نوجوان کي
گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو..
گھوٽڪي ويجھو بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ دوست محمد بلو ۾ نامعلوم ھٿياربندن
گھر ۾ داخل ٿي 22 سالن جي نوجوان محمد ھاشم پٽ محمد قاسم بلو
کي گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو,
اطلاع تي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش کڻائي تعلقا اسپتال گهوٽڪي
منتقل ڪيو جتان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.
جڏهن ته نوجوان پاڪ فوج ۾ سپاھي طور ملازم ھو ۽ ڪجھ ڏينهن اڳ موڪل تي
گھر آيل هو.ٻي پاسي پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آھي.
گهوٽڪي جي مختلف علائقن ۾ نالين جو پاڻي جمع ٿيڻ
لڳو انتظاميه اک نه پٽي شهرين جو احتجاج نوٽيس جو مطالبو ڪيو ويو..
گهوٽڪي ۾ ميونسپل انتظاميه جي لاپرواهي سبب شهر جي مختلف
محلن رحموالي محلا،ميمڻ محلا،محبوب شاهه محلا،چاچڙ محلا،شبهاز ڪالوني،۽ ٻين محلن
سميت روڊ رستن تي نالين جو پاڻي جمع ٿيڻ لڳو آهي.
ان حوالي سان شهرين عبدالسمعد ساونڊ،بابو سومرو،غلام مصطفيٰ
۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو آهي ته ميونسپل انتظاميه جي نااهلي سبب شهر جا ڪيترائي
علائقا نالين جي پاڻي هيٺ اچي ويا آهن پر انتظاميه جي ڪن تي جون به نٿي چري.
هنن چيو ته ڪيترائي ڀيرا ميونسپل عملدارن کي شڪايتون ڪيون
آهن پر ان جي باوجود به نالين جو پاڻي نيڪال ناهي ٿي سگهيو.جڏهن ته روڊن رستن تي
گندو پاڻي جمع ٿيڻ سبب ڪاروبار به ٺپ ٿي ويو آهي.
احتجاج ڪندڙن وس وارن کان نوٽيس وٺي گندو پاڻي نيڪال ڪرائڻ
جو مطالبو ڪيو آهي...
عادلپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ گولو ابڙو ۾ نامعلوم ماڻهن پاران فرمان
ابڙو جي گهر کي مبينا طور تي باهه ڏيئي فرار ٿي ويا.
اهڙي واقعي بعد متاثرن فرمان ابڙو،صفيع الله ابڙو ۽ ٻين عادلپور
پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪندي الزام هنيو آهي ته نامعلوم ماڻهون اسان جي گهر کي باهه ڏيئي
فرار ٿي ويا آهي جنهن بعد اسان پنهنجي مدد پاڻ تحت باھ کي وسائي نقصان ٿيڻ کان بچائي
ورتو آهي،
احتجاج ڪندڙن ايس ايس پي گهوٽڪي سميت ٻين وس واران کان
نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
Comments
Post a Comment