جهنگلي جيوت بابت وزير اعلي سنڌ جو مددگار بنگل خان مهر
جهنگلي جيوت بابت وزير اعلي سنڌ جو مددگار بنگل خان مهر سنڌو درياءُ ۾ ٻوڏ توڙي بندن جي صورتحال جو معائنو ڪرڻ لاءِ سنڌو درياءُ جي شينڪ بند ۽ لوپ بند تي پهتو جتي هن بندن جي موجوده صورتحال، بندن تي هلندڙ ڪمن جو جائزو توڙي ضلع انتظاميه پاران متاثرن لاءِ لڳايل ڪيمپن جو معائنو ڪيو ۽ بندن تي ويٺل متاثر ماڻهن جا اهنج معلوم ڪيا ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي مير بنگل خان مهر چيو ته انتظاميه پاران بريفنگ ڏني وئي آهي ته پهرين 5 لک ڪيوسڪ پاڻي هيو هاڻ ﷲ جو شڪر آهي جو پاڻي جو وهڪرو گهٽجي ويو آهي، پهرين بلڪل بندن تي دٻاءُ هيو ۽ خطرو هيو پر هاڻ اهو خطرو ٽري ويو آهي، تفصيل معلوم ڪنداسين قادرپور ۾ موجود 91 جي رپورٽر ذولفقار علي سندراڻي کان ....................... مير بنگل خان مهر جو چوڻ هيو ته سنڌ حڪومت پاران بندن تي ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ سمورا بندوبست ٿيل آهن، هن چيو ته ضلع انتظاميه پاران بندن تي بهترين ڪم ڪيو ويو آهي، هن وقت بندن تي متاثر ماڻهن لاءِ ٽي ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن پر اڃان تائين رڳو هڪ ڪيمپ ۾ ماڻهو آيا آهن باقي ٻه ڪيمپون خالي پيل آهن، ڪيمپن ۾ رهندڙ ماڻهن لاءِ راشن جو مڪمل بندو