اتر ۽ ڏکڻ وزيرستان جي سرحدي علائقي ۾ سڪيورٽي
اتر ۽ ڏکڻ وزيرستان جي سرحدي علائقي ۾ سڪيورٽي فورسز ڪاروائي ڪري دهشگردن جي ڪماندر سميت ٽن ڄڻن کي ماري ڇڏيو.. اتر ۽ ڏکڻ وزيرستان جَي سرحدِي علائقي ۾ سڪيورٽي فورسز آپريشن ڪيو. آپريشن ۾ دهشتگردن جو ڪمانڊر احسان الله سَنڙَي ٽن ساٿين سوڌو مارجي ويو. آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دهشتگرد احسان الله سَنڙَي دهشتگردي جِي ڪيترين ئي ڪاررواين جو ماسٽر مائينڊ هو. ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ ڀنگ عيوض اغوا واقعن ۾ به ملوث هو . ڪراچي جي لياري واري علائقي ۾ 2 ماڙ عمارت ڪري پئي جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻن فوت ۽ 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا.. لياري جي ڪوئله گودام ويجهو 2 ماڙ عمارت ڌماڪي سان ڪري پئي، ريسڪيو ذريعن موجب عمارت جي ملبي مان ٻن لاشن کي ڪڍيو ويو آهي. جڏهن ته 10 ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن، ڪيترائي ماڻهو عمارت جي ملبي ۾ دٻيل هجڻ جو خدشو به ظاهر ڪيو پيو وڃي. پوليس،ريسڪيو رضاڪار ۽ علائقي واسي واقعي واري هنڌ وڏي انگ ۾ پهچي ويا، امدادي ڪارروايون تيز ڪيون ويون آهن . ڪراچي ۾ عمارتون ڊهڻ جي واقعن ۾ تيزي اچڻ جي باوجود سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي زبون حال عمارتون خالي ڪرائڻ ۾ ناڪام.. اٿارٽي طرفان سنڌ حڪومت حوالي ڪيل رپ