شهري اتحاد سرحد پاران سرحد ۾ روڊ حادثن کان حفاظت جي سلسلي ۾ سيمينار ٿي گذريو،
شهري اتحاد سرحد پاران سرحد ۾ روڊ حادثن کان حفاظت جي سلسلي ۾ سيمينار ٿي گذريو، جنهن ۾ نيشنل هاءِ ويز اينڊ موٽروي بيٽ 25 _ڏهرڪي پوليس جي ڊي ايس پي محمد حسن ۽ ايڊمن آپريشن عبدالرزاق چنه سيمينار کي خطاب ڪندي چيو ته اسين سڀ روزمره جي زندگي ۾ روڊن تي سفر ڪيون ٿا پر اڪثر ماڻهو ٽرئفڪ ۽ روڊ جي اصولن کان بي خبر بڻيل آهن يا جن کي ٽرئفڪ جي اصولن جي خبر به هوندي آهي پر انهن جي غفلت، ڪنهن اهڙي حادثي کي جنم ڏئي ٿي جنهن ۾ يا ته ماڻهو معذور ٿي وڃي ٿو يا وري فوت ٿي وڃي ٿو، هنن احتياطي تدبيرن ۾ ٻڌائيندي چيو ته هيلمٽ جي استعمال، سيٽ بيلٽ ٻڌڻ ۽ ڪوهيڙي ۾ اسپيڊ گهٽائڻ سان سفر محفوط ۽ خوشگوار ثابت ٿي سگهي ٿو. ان موقعي تي عملدارن ٻڌايو ته آءِ جي( موٽر وي )اي ڊي خواجه، ڊي آءِ جي سليم ڀٽي، ايس ايس پي غلام سرور جي ڏنل حڪمن تحت روڊ ۽ ٽرئفڪ جي ڄاڻ فراهم ڪرڻ لاءِ مختلف هنڌن تي معلوماتي سيمينار ڪيا پيا وڃن ته جيئن حادثن کان بچي سگهجي. هنن چيو ته “روڊ سيفٽي” جي معلومات کي عام ڪرڻ لاءِ سول سوسائٽي ۽ ساڃاهه وندن کي به ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ان موقعي تي شهري اتحاد سرحد جي چيئرمين فقير ڪامل لکڻ