انسانيت کي دردنگي جو نشانو بڻائيندڙ دهشتگرد انجام تي پهچي وي
انسانيت کي دردنگي جو نشانو بڻائيندڙ دهشتگرد انجام تي پهچي ويو عدالت نيوزيلينڊ جي مسجد ۾ نمازين کي شهيد ڪندڙ دهشتگرد گرد برينٽن ٽيرينٽ کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي غير ملڪي خبر ايجنسي مطابق ته نيوزيلينڊ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن جوابدار کي بغير پيرول جي عمر قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي آسٽريلوي دهشت گرد برينٽن پهريان ڏوه جو اعتراف ڪرڻ کان انڪار ڪيو پر بعد ۾ دهشتگردي تسليم ڪري ورتي فيصلي دوران عدالت ٻاهران شهيدن جي وارثن جو وڏو تعداد موجود هو ڪيوي وزيراعظم جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته مسجد تي حملو ڪندڙ دهشتگرد عمر قيد جو ئي مستحق هو ياد رهي ته آسٽريلوي دهشتگرد 15 مارچ 2019 تي نيوزيلينڊ جي شهر ڪرائسٽ چرچ جي ٻن مسجدن ۾ فائرنگ ڪئي هئي جمعي نماز جي موقعي تي مسجدن ۾ فائرنگ سبب 51 نمازي شهيد ۽ 40 ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا دهشتگرد ڄاڻايل حملي جي وڊيو پنهنجي هيلمٽ تي لڳل ڪيمرا مان سوشل ميڊيا تي لائيو ٽيلي ڪاسٽ ڪندو رهيو ان حملي وقت بنگلاديش جي ڪرڪيٽ ٽيم به ڪرائسٽ چرچ ۾ موجود هئي جيڪا محفوظ رهي مسجد ۾ جمعي نماز دوران ڪيل ان حملي ۾ 9 پاڪستاني شهري به شهيد ٿيا هئا بخشاپور انڊس هاءَ و