درگاه جهانپور شريف تي ميلو گهمڻ لاء ويندڙ نينگر سميت چار ڄڻا گم
درگاه جهانپور شريف تي ميلو گهمڻ لاء ويندڙ نينگر سميت چار ڄڻا گم ، موبائيل فون به مسلسل بند وارثن اغوا جو شڪ ظاهر ڪندي سرحد ٿاڻي تي اطلاع ڪري ڇڏيو پوليس جو چوڻ آهي ته جاچ ڪري رهيا آهيون.. ڳوٺ ڊرنگ ملوڪ والي جا رهواسي جيوڻ ميراڻي سرحد ٿاڻي تي پهچي اطلاع ڪيو آهي ته صاحب علي ميراڻي ، قربان علي ميراڻي ، بهادر علي ۽ 7 سالن جو مقداد علي ميراڻي جهانپور شريف ميلو گهمڻ لاء ويا هئا ته واپس نه موٽيا ۽ رات کان وٺي سندن موبائيل فون به مسسلسل بند آهن هوڏانهن اهڙو اطلاع ملڻ بعد سرحد پوليس نينگر سميت چئن ڄڻن جي اغوا بابت جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي سنڌ ۾ 15 سيپٽمبر کان شروع ٿيندڙ نئون تعليمي سال 154 ڏينهن جو هوندو، 15 اپريل 2021ع تائين نصاب مان اهم سبجيڪٽ (مضمون) 40 سيڪڙو مڪمل ڪرائڻ جو حدف مقرر ڪيو ويو، ان ڏس ۾ معلوم ٿيو آهي ته تعليم کاتي جي اسٽيئرنگ ڪاميٽي پاران هلندڙ تعليمي سال 154 ڏينهن جو ترتيب ڏنو ويو آهي، جنهن مطابق نائين ۽ ڏهين ڪلاس ۾ سائنس، ميٿاميٽڪس ۽ لينگويجز جا سبجيڪٽ 40 سيڪڙو، يارهين ۽ ٻارهين ڪلاس جا ساڳيا سبجيڪٽ 30 سيڪڙو، 6 کان اٺين درجي تائين جا ساڳيا سبجيڪٽ 50 سيڪڙو پڙه