محرم الحرام جو چنڊ نظر اچي ويو سڀاڻي پهرين محرم هوندو
محرم الحرام جو چنڊ نظر اچي ويو سڀاڻي پهرين محرم هوندو پاڪستان ۾ محرم الحرام 1443 هجري جو چنڊ نظر اچي ويو آهي سڀاڻي جمعي ڏينهن پهرين محرم الحرام ۽ يوم عاشور 30 آگسٽ تي هوندو ڪراچي ۾ چيئرمن رويت هلال ڪاميٽي مفتي منيب الرحمان جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو ڄاڻآيل اجلاس ۾ مرڪزي ۽ زونل رويت هلال ڪاميٽين جي ميمبرن به شرڪت ڪئي ان موقعي تي مفتي منيب الرحمان ملڪ ۾ چنڊ نظر اچڻ جو اعلان ڪندي چيو ته محرم الحرام 21 آگسٽ ۽ يوم عاشور آچر ڏينهن 30 آگسٽ تي هوندو متحده پاڪستان ۽ پي ٽي آءِ ڪراچي ۾ نون ضلعن جي قيام کي رد ڪري ڇڏيو، متحده طرفان پاڪستان ڪياماڙي ضلعو ٺاهڻ واري سنڌ ڪابينا جي فيصلي کي عدالت ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان، متحده اڳواڻ خواجه اظهار الحسن چيو آهي ته پيپلز پارٽي ڪراچي ۾ مخالف سياسي قوتن کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ نوان ضلعا ٺاهي رهي آهي، نوان ضلعا ٺهڻ سان عام ماڻهن کي نقصان ٿيندو، سنڌ حڪومت نون ضلعن جي نالي تي ڪراچي کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، پي ٽي آءِ ايم پي اي خرم شير زمان چيو آهي ته پيپلز پارٽي فنڊز ڦٻائڻ ۽ ڪرپشن ڪرڻ لاءِ ڪراچي ۾ نوان ضلعا ٺاهي رهي آهي، پ پ حڪومت ٻڌائي ته نون ضل