محرم الحرام جو چنڊ نظر اچي ويو سڀاڻي پهرين محرم هوندو
محرم الحرام جو چنڊ نظر اچي ويو سڀاڻي پهرين محرم
هوندو
پاڪستان ۾ محرم الحرام 1443 هجري جو چنڊ نظر اچي ويو آهي
سڀاڻي جمعي ڏينهن پهرين محرم الحرام ۽ يوم عاشور 30 آگسٽ تي هوندو
ڪراچي ۾ چيئرمن رويت هلال ڪاميٽي مفتي منيب الرحمان جي
صدارت هيٺ اجلاس ٿيو
ڄاڻآيل اجلاس ۾ مرڪزي ۽ زونل رويت هلال ڪاميٽين جي ميمبرن
به شرڪت ڪئي
ان موقعي تي مفتي منيب الرحمان ملڪ ۾ چنڊ نظر اچڻ جو اعلان
ڪندي چيو ته محرم الحرام 21 آگسٽ ۽ يوم عاشور آچر ڏينهن 30 آگسٽ تي هوندو
متحده پاڪستان ۽ پي ٽي آءِ ڪراچي ۾ نون ضلعن جي قيام
کي رد ڪري ڇڏيو،
متحده طرفان پاڪستان ڪياماڙي ضلعو ٺاهڻ واري سنڌ ڪابينا
جي فيصلي کي عدالت ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان،
متحده اڳواڻ خواجه اظهار
الحسن چيو آهي ته پيپلز پارٽي ڪراچي ۾ مخالف سياسي قوتن کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ نوان ضلعا
ٺاهي رهي آهي،
نوان ضلعا ٺهڻ سان عام
ماڻهن کي نقصان ٿيندو، سنڌ حڪومت نون ضلعن جي نالي تي ڪراچي کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪري رهي
آهي،
پي ٽي آءِ ايم پي اي
خرم شير زمان چيو آهي ته پيپلز پارٽي فنڊز ڦٻائڻ ۽ ڪرپشن ڪرڻ لاءِ ڪراچي ۾ نوان ضلعا
ٺاهي رهي آهي، پ پ حڪومت ٻڌائي ته نون ضلعن لاءِ بجيٽ ۽ فنڊز ڪٿان ايندا؟.
هواڏانهن
سنڌ جَي اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ڪابينا
۾ خيرپور کي ٻن ضلعن ۾ ورهائڻ واري ڪا به تجويز نه رکي وئي آهي.
جيلاني هائوس مان جاري
ڪيل پڌرائي موجب قائم علي شاهه چيو ته سنڌ ڪابينا ۾ خيرپور سان واڳيل ڪو به وزير ناهي،
خيرپور تاريخي ضلعو آهي، ان کي ٻن ضلعن ۾ ورهائڻ جا ڪا به ڳالهه ناهي ڪئي وئي.
سنڌ سرڪار صحت کاتي ۾ 12هين ۽ 20 هين گريڊ جي ڊاڪٽرن
جي مقررين ۽ بدلين جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.
گريڊ 19هين مان 20هين گريڊ ۾ ترقي ماڻيندڙ ڊاڪٽرن کي پوسٽنگ
جو نوٽيفڪيشن سنڌ جي چيف سيڪريٽري جاري ڪري ڇڏيو.
لمس جي ڊاڪٽر علي مرتضي شاهه کي هيومن ريسورسز ڊيولپمينٽ اينڊ
پيراميڊيڪل ايجوڪيشن جو ڊپٽي ڊي جي مقرر ڪيو ويو. لمس جي ڊاڪٽر امان الله کي ايڊمن
اينڊ اڪائونٽس جو ڊپٽي ڊي جي مقرر ڪيو ويو.
لمس جي ڊاڪٽر محمد صديق
کي صحت کاتي حيدرآباد جو ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو. غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج جي ڊاڪٽر
اياز احمد سومرو کي ساڳي هنڌ چيف سپرنٽينڊنٽ ميڊيڪل آفيسر طور مقرر ڪيو ويو
. چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻي جي ڊاڪٽر رستم علي ڀٽو کي صحت کاتي
لاڙڪاڻي ۾ ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو. ڄام نواز علي اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر منظور احمد
کي صحت کاتي شهيد بينظير آباد جو ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو. پٿورو اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر
محمد يوسف کي صحت کاتي ميرپورخاص ۾ ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو.
بدين جي اسٽنٽ ڊي ايڇ
او ڊاڪٽر لياقت علي قمبراڻي کي ڊي ايڇ او بدين مقرر ڪيو ويو. شڪارپور جي ڊي ايڇ او
جي اضافي چارج رکندڙ ڊاڪٽر شبير احمد شيخ کي مستقل ڊي ايڇ او شڪارپور مقرر ڪيو ويو
. ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ اسسٽنٽ ڊي ايڇ او طور مقرر ڪيل ڊاڪٽر
مشتاق احمد کي ساڳي ضلعي ۾ ڊي ايڇ او مقرر ڪيو ويو.
ڪياماڙي ٽائون اسپتال جي ڊاڪٽر امتياز علي جوکيو کي بدلي ڪري
لياقت آباد اسپتال ۾ چيف سپرنٽينڊنٽ ميڊيڪل آفيسر مقرر ڪيو ويو.
خانپور اسپتال جي ايڊيشنل ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ غلام اصغر کي آر
بي يو ٽي شڪارپور جو سول سرجن مقرر ڪيو ويو آهي.
نيشنل پارٽي جو اڳواڻ سينيٽر مير حاصل خان بزنجو ڦڦڙن
جي ڪينسر سبب ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
ترجمان موجب مير حاصل
بزنجو جي اڄ طبعيت وڌيڪ خراب ٿيڻ سبب کيس نجي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو. مير حاصل بزنجو
گذريل ڪيترن ئي مهينن کان ڦڦڙن جي ڪينسر ۾ مبتلا هو.
مير حاصل بزنجو وفاقي
وزير به رهي چڪو آهي.
جروار ويجهو ڀاڄائي ۽ نڻان وچ ۾ جهيڙو: 25 ورهين جي
ناري زهريلي دوا پئي آپگهات ڪري ڇڏيو
ڳوٺ وڪيل لنڊ ۾ 25 ورهين جي ناري پرويزان زال تصوير علي لنڊ
گهرو اڻبڻت تان پنهنجي ڀاڄائي سان جهيڙي بعد زهريلي دوا پئي آپگهات ڪري ڇڏيو.
آپگهات ڪندڙ ناري کي
کي بيهوشي واري حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هن دم ڌڻي حوالي ڪيو.
وارثن موجب ناري پنهنجي مڙس کان ڪاوڙجي پيءُ جي گهر وئي جتي
هن جو ڀاڄائي سان جهيڙو ٿي پيو ته ڪاوڙ ۾ اچي آپگهات ڪيو.
سنڌ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 7 مريض فوت ٿي ويا، 321 نوان
ڪيس ظاهر ٿيا آهن،
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪورونا وائرس جي صورتحال
تي بيان جاري ڪندي ٻڌايو آهي ته صوبي ۾ وائرس سٽيلن جو تعداد هڪ لک 27 هزار 381 ۽ فوت
ٿي ويلن جو انگ 2 هزار350 ٿي ويو آهي،
گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 7 مريض فوت ٿي ويا آهن، ڪراچي ۾
321، حيدرآباد ۾ 29، دادو ۾ 13، ڪشمور ۾ 12، بدين ۽ خيرپور ۾ 9_ 9 ڪيسز سامهون آيا
آهن،
وڏي وزير سيد مراد علي
شاهه جو چوڻ آهي ته ڪورونا وائرس ختم ناهي ٿيو، عوام کي احتياط ڪرڻ گهرجي.
Comments
Post a Comment