سنڌ حڪومت وفاق کان آبادگارن جو زرعي قرض ۽ ٽيڪس معاف ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي،
سنڌ حڪومت وفاق کان آبادگارن جو زرعي قرض ۽ ٽيڪس معاف ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي ، صوبائي وزير اسماعيل راهو چيو آهي ته وفاق آبادگارن جو زرعي قرض ۽ ٽيڪس معاف ڪرڻ جو اعلان ڪري، سنڌ حڪومت متاثر ٿيل 20 ضلعن کي آفت سٽيل قرار ڏئي چڪي آهي، سنڌ حڪومت آبادگارن جي بحالي لاءِ سڀ قدم کڻندي، جاري بيان ۾ هن چيو آهي ته سنڌ متاثر ٿيل فصلن جا صوبائي زرعي ٽيڪس معاف ڪندي وفاق به معاف ڪري، هن چيو ته سنڌ ۾ زراعت تباهه ٿي وئي آهي، اڳ ۾ ئي فصلن کي نقصان پهتو هو، هاڻ برسات سبب زرعي شعبو تباهه ٿي ويو آهي، وفاق جي غلط پاليسي سبب زرعي شعبو پهريان ئي شديد دٻاءَ ۾ آهي. ڏکڻ وزيرستان ۾ دهشتگردن سيڪورٽي فورسز تي فائرنگ ڪري پاڪ فوج جي ٽن جوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو . آءِ ايس پي آر ترجمان موجب سرچ آپريشن دوران دهشتگردن فورسز مٿان فائرنگ ڪئي جنهن ۾ ٽي جوان شهيد ۽ 4 زخمي ٿي پيا. ترجمان موجب شهيد ٿيلن ۾ صوبيدار نديم،لانس نائڪ مصور ۽ سپاهي سليم شامل آهن. گهوٽڪي ويجهو نوجوان کي مبينا طور اغوا ڪرڻ ڪوشش: مزاحمت تي نوجوان زخمي جوابدار