سنڌ حڪومت وفاق کان آبادگارن جو زرعي قرض ۽ ٽيڪس معاف ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي،
سنڌ حڪومت وفاق کان آبادگارن جو زرعي قرض ۽ ٽيڪس معاف
ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي،
صوبائي وزير اسماعيل راهو چيو آهي ته وفاق آبادگارن جو زرعي
قرض ۽ ٽيڪس معاف ڪرڻ جو اعلان ڪري،
سنڌ حڪومت متاثر ٿيل 20 ضلعن کي آفت سٽيل قرار ڏئي چڪي آهي،
سنڌ حڪومت آبادگارن جي بحالي لاءِ سڀ قدم کڻندي،
جاري بيان ۾ هن چيو آهي ته سنڌ متاثر
ٿيل فصلن جا صوبائي زرعي ٽيڪس معاف ڪندي وفاق به معاف ڪري،
هن چيو ته سنڌ ۾ زراعت تباهه ٿي وئي آهي، اڳ ۾ ئي فصلن کي نقصان
پهتو هو، هاڻ برسات سبب زرعي شعبو تباهه ٿي ويو آهي، وفاق جي غلط پاليسي سبب زرعي شعبو
پهريان ئي شديد دٻاءَ ۾ آهي.
ڏکڻ وزيرستان ۾ دهشتگردن سيڪورٽي فورسز تي فائرنگ
ڪري پاڪ فوج جي ٽن جوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو.
آءِ ايس پي آر ترجمان موجب سرچ آپريشن
دوران دهشتگردن فورسز مٿان فائرنگ ڪئي جنهن ۾ ٽي جوان شهيد ۽ 4 زخمي ٿي پيا.
ترجمان موجب شهيد ٿيلن ۾ صوبيدار نديم،لانس نائڪ مصور ۽ سپاهي
سليم شامل آهن.
گهوٽڪي ويجهو نوجوان کي مبينا طور اغوا ڪرڻ ڪوشش: مزاحمت تي نوجوان زخمي جوابدار فرار
مسو خان ڪلوڙ واري علائقي مان نوجوان کي مبينا طور اغوا ڪرڻ
جي ڪوشش ڪئي وئي مزاحمت تي جوبدار فرار ٿي ويا. اغوا کان بچي زخمي ٿيل نوجوان عبدالجبار
چنا کي علاج لاء اسپتال پهچايو ويو. نوجوان موجب گهر ٻاهران بيٺل هيس ته جوابدارن اغوا
ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي دانهون ڪرڻ تي جوابدار ڦٽو ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا. واقعي جو اطلاع گهوٽڪي
پوليس کي ڪيو ويو
باڊھه۾ گهر جي ڇت ڪرڻ واري واقعي جو وڌيڪ هڪ زخمي
فوت: فوتين جو انگ ٻه ٿي ويو
باڊهه لڳ ڳوٺ جکرا ۾ پورهيت بشير سولنگي جي گهر جي ڇت ڪرڻ سبب
زخمين مان وڌيڪ هڪ نوجوان فوت فوتين جو انگ ٻه ٿي ويو.
ڀت ڪرڻ جي نتيجي ۾
21ڏينهن جي نينگري ٿڏي تي فوت ۽ ٻن ٻارڙين سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا هيا.
زخمين ۾ هڪ نوجوان پنهل
سولنگي زخمن جا سٽ نه سهندي لاڙڪاڻي اسپتال ۾ دم ڏنو. واقعي جي وڌيڪ زخمين جو لاڙڪاڻي
اسپتال ۾ علاج هلندڙ آهي
سنڌو درياءَ ۾ پاڻيءَ جي سطح وڌڻ سبب گھوٽڪيءَ جو
ڪچو پاڻي ھيٺ، سوين ڳوٺن جو پڪي سان زميني رابطو ڪٽجي ويو. قادر پور شينڪ بندن تي پاڻيءَ
جو دٻاءُ وڌڻ لڳو. ضلعي انتظاميا ۽ آبپاشي کاتي تحرڪ نه ورتو.
سنڌو درياءَ ۾ پاڻيءَ جي وھڪرن ۾ چاڙهه کانپوءِ گھوٽڪي ضلعي
جي ڪچي واري علائقي ۾ ننڍي ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آھي،
جنهن کانپوءِ ضلعي جي
اوٻاوڙي، ميرپور ماٿيلي ۽ گھوٽڪي تعقلن جي ڪچي وارن ڳوٺن نور لکڻ، ڳوٺ رئيس جمال، ڳوٺ
اڀريو لکڻ، ڳوٺ قاسم سندراڻي، ڳوٺ دريا خان لولائي، ڳوٺ شاھ علي چاچڙ، حيات جاگيراڻي،
سعيد جاگيراڻي، مولان اوڳاھي، قبول اوڳاھي،ڳوٺ فيض کبڀڙو، گاھي سندراڻي، ڌڻي بخش ڌوھو،
ڀيرو شر ۽ ٻيا علائقا پاڻيءَ ھيٺ اچڻ ۽ روڊ رستا بند ٿيڻ ڪري مختلف ڳوٺن ۾ کاڌ خوراڪ
سميت ٻين ضرورت جي شين جي کوٽ پيدا ٿي وئي آھي
. ڳوٺاڻا ٻيڙيون ھلائي پڪي تي اچي رھيا آھن. ان حوالي سان ڳوٺاڻن
جو چوڻ آھي ته پاڻي سبب زميني رابطو ڪٽجڻ ڪري سخت ڏکيائين کي منهن ڏئي رھيا آھيون.
سندن چوڻ ھو ته پاڻي
اچڻ سبب علائقي ۾ مختلف بيمارين ۽ نانگ بلائن منهن ڪڍيو آھي پر ھن وقت تائين انتظاميا
ساڻن ڪو به سھڪار نه پئي ڪري. ھوڏانھن درياءَ ۾ پاڻيءَ جي سطح ۾ واڌ کانپوءِ گھوٽڪيءَ
جي قادر پور لوپ بند، ايل ايم بند ۽ شينڪ بند تي پاڻي جو دٻاءُ وڌڻ لڳو آھي.
ڳوٺاڻن موجب پاڻي بندن کي پائي رھيو آھي، جنهن سبب نقصان جو
خدشو آھي. ڪچي ۾ پاڻيءَ جي سطح ۾ اضافي ۽ بندن تي دٻاءَ وڌڻ باوجود ضلعي انتظاميا توڙي
آبپاشي کاتي طرفان ڪي به جوڳا اپاءَ نه ورتا ويا آھن
گھوٽڪي جي ڪچي ۾ ٻوڏ جي حوالي سان ايس ڊي او بند محمد علي مڱريو
صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته درياءَ ۾ چاڙھ سبب ڪچي جو علائقو پاڻي ھيٺ اچي ويو آھي
پر اڃا اھڙي صورتحال ناھي جو ٻوڏ ڊڪليئر ڪئي وڃي
. ھن چيو ته پاڻي وھڪرن ۾ واڌ سبب رانئوتي، ايل ايم، قادرپور
لوپ ۽ شينڪ بند پاڻي وڌڻ لڳو آھي پر گھڻو دٻاءَ شينڪ بند تي آھي.
ھن چيو ته اسان جا بند
مضبوط آھن، تنھن ھوندي به انهن جي مڪمل نگراني ڪئي پئي وڃي..
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ گذريل رات کان ڪٿي تيز ته ڪٿي
هلڪي برسات جو سلسلو جاري، هيٺانهين وارن علائقن ۾ گوڏي جيڏو پاڻي بيهجي ويو، گذريل برسات دوران ٻڏي ويل ڳوٺن جي رهواسين جي اهنجن ۾ واڌ
ٿي وئي ،
قاضي احمد ڀرسان ٻوڏ متاثرن جي لڏ پلاڻ جو سلسلو
شروع ٿي ويو، گهوٽڪيميرپور ماٿيلو گڊو حيدرآباد، ميرپورخاص، سکر، ٺٽو، خيرپور، قاضي
احمد، خانواهڻ، پڊعيدن، دوڙ، ميان صاحب، ٻانڌي مٺياڻي، ڦل، ڪرمپور، ڪوٽ لالو، ڏهرڪي،
ڳڙهي حسن سرحد قادرپور۽ ٻين علائقن ۾ تيز برسات پئي آهي،
سکر ۾ 30 کان وڌيڪ فيڊر
ٽرپ ٿيڻ سبب مختلف شهرن کي بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي،
لاڙڪاڻي ۾ سيپڪو جون ناجائزيون برقرارآهن، 7 ڪلاڪن کان بجلي
بند ٿيڻ سبب، عوام عذاب ۾ مبتلا ٿي ويو،
گهوٽڪي ۾به برسات بعد سيپڪو وارن کي بھانو ملي ويو شھر جي بجلي
رات کان بند ڪئي وئي آهي.
جنهن سبب شھري مشڪلاتن
کي منهن ڏيڻ لڳا آهن،
شهرين جو چوڻ آهي ته سيپڪو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي بلن جي ادائگي
باوجود اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ سبب تمام گهڻو پريشان آهيون، ٿوري به برسات پوي ٿي ته بجلي
بند ڪئي وڃي ٿي.
موسميات کاتي چيو آهي
ته ڪراچي ۾ اڄ شام تيز برسات جو امڪان آهي.
اسلام آباد ۾ وڌيڪ تيز برسات پوڻ جي اڳڪٿي بعد راول
ڊئم جا اسپيل ويز کوليا ويا،
انتظاميا چيو آهي ته
راول ڊئم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي گنجائش 17 سئو 52 فُٽ آهي، تازين برسات دوران پاڻي جي
سطح 17 سئو 51 فُٽ ٿيڻ بعد ڊئم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي گنجائش پوري ٿي وئي، تنهن ڪري ڊئم
جا اسپيل ويز ڏيڍ فُٽ تائين کوليا ويا آهن،
انتظاميا موجب ڊئم کولڻ
کان اڳ سائرن وڄائي ڀرپاسي جي آبادي کي الرٽ ڪيو ويو،
ڊيم مان 6 هزار ڪيوسڪ
پاڻي نيڪال ڪيو ويندو ته جيئن ايندڙ برسات دوران اڻوڻندڙ صورتحال پيدا نه ٿئي.
برسات کانپوءِ ڪراچي شهر جي ٻڏي وڃڻ واري مامري جي
جاچ ڪرائي وڃي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل،
درخواست گذار موقف اختيار
ڪيو آهي ته ڪراچي ۾ برسات دوران انتظامي غفلت سبب وڏي پئماني تي جاني ۽ مالي نقصان
ٿيو آهي،
شهر ۾ غيرقانوني اڏاوتن
۽ حددخلين سبب پاڻي نيڪال نه ٿيو ۽ ٻوڏ جهڙي صورتحال پيدا ٿي وئي،
نيڪال جي نظام ۽ نالن
تي حددخلين سبب شهرين جي زندگي عذاب بڻجي وئي،
درخواست ۾ ڊي ايڇ اي،
ڪئنٽونمينٽ بورڊ ۽ ڪمشنر ڪراچي سوڌو ٻين اختيارين کي ڌُر بڻايو ويو، برسات متاثر شهرين
کي معاوضي جو حڪم ڏيڻ جي به استدعا ڪئي وئي آهي...
Comments
Post a Comment