Posts

Showing posts with the label سنڌ ۾ برسات جي تباهين کانپوءِ وڏو وزير مراد علي شاهه

سنڌ ۾ برسات جي تباهين کانپوءِ وڏو وزير مراد علي شاهه

  سنڌ ۾ برسات جي تباهين کانپوءِ وڏو وزير مراد علي شاهه سنڌ جي مختلف شهرن ۾ دورن تي نڪري پيو..مختلف شهرن جا دورا ڪيا ويا.. وڏو وزير مراد علي شاهه ملير کانپوءِ گهارو پهچي ويو، ٺٽو، سجاول ۽ بدين ضلعن جو به دورو ڪندو، ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته برسات سبب تباهين تي افسوس آهي، جتي جتي پاڻي بيٺل آهي اهو نيڪال ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، ڪا به ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي، هن چيو ته برساتن سبب صورتحال خراب ٿي وئي آهي، عملي جون موڪلون رد ڪيون ويون آهن، اسان پنهنجي ماڻهن سان گڏ بيٺل آهيون،صوبائي وزير رات ملير جي علائقن ۾ موجود هئا، ملير ندي ۾ اوور ٽاپ ٿيو هو،وڏي خطري کان بچي ويا آهيون، ماوري ڳوٺ، سکڻ نالو ۽ ٻين علائقن ۾ مان پاڻ ويو آهيان، ٺٽو، سجاول ۽ ٻين شهرن جي صورتحال ڏسي رهيا آهيون .   سنڌ ۾ برسات جي صورتحال بابت موسميات کاتي چيو آهي ته سنڌ ۾ 29 ۽ 30 آگسٽ تي نئون برساتي سسٽم داخل ٿيڻ جو امڪان آهي، موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ اڄ به برسات پوندي، برساتن جو سلسلو رڪجڻ جو في الحال ڪو به امڪان ناهي، برسات جو سلسلو خميس جِي صبح تائين وقفي وقفي سان جاري رهي سگهي ٿو .