سنڌ ۾ برسات جي تباهين کانپوءِ وڏو وزير مراد علي شاهه

 

سنڌ ۾ برسات جي تباهين کانپوءِ وڏو وزير مراد علي شاهه سنڌ جي مختلف شهرن ۾ دورن تي نڪري پيو..مختلف شهرن جا دورا ڪيا ويا..

وڏو وزير مراد علي شاهه ملير کانپوءِ گهارو پهچي ويو، ٺٽو، سجاول ۽ بدين ضلعن جو به دورو ڪندو،

ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته برسات سبب تباهين تي افسوس آهي، جتي جتي پاڻي بيٺل آهي اهو نيڪال ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، ڪا به ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي،

هن چيو ته برساتن سبب صورتحال خراب ٿي وئي آهي، عملي جون موڪلون رد ڪيون ويون آهن، اسان پنهنجي ماڻهن سان گڏ بيٺل آهيون،صوبائي وزير رات ملير جي علائقن ۾ موجود هئا، ملير ندي ۾ اوور ٽاپ ٿيو هو،وڏي خطري کان بچي ويا آهيون، ماوري ڳوٺ، سکڻ نالو ۽ ٻين علائقن ۾ مان پاڻ ويو آهيان، ٺٽو، سجاول ۽ ٻين شهرن جي صورتحال ڏسي رهيا آهيون.

 

سنڌ ۾ برسات جي صورتحال بابت موسميات کاتي چيو آهي ته سنڌ ۾ 29 ۽ 30 آگسٽ تي نئون برساتي سسٽم داخل ٿيڻ جو امڪان آهي،

موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ اڄ به برسات پوندي، برساتن جو سلسلو رڪجڻ جو في الحال ڪو به امڪان ناهي، برسات جو سلسلو خميس جِي صبح تائين وقفي وقفي سان جاري رهي سگهي ٿو.

برسات سبب ڪوئيٽا سبي روڊ بند ٿي ويو ايندڙ ويندڙ مسافر پريشاني ۾ وڪوڙجي ويا..

ڪوئيٽا -سبي روڊ برسات سبب بند ٿي ويو، مسافر پريشان ٿي ويا، مڇ پل تيز برسات سبب ڪري پئي، مڇ جو زميني رستو شهرن سان ڪٽجي ويو آهي،جڏهن ته هرنائي جي علائقي ۾ برسات کانپوءِ ٻوڏ تباهي مچائي ڇڏي آهي.

 

ڪراچي ۾ جوابدارن ڇرين جا وار ڪري نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو اطلاع تي پوليس پهچي وئي لاش اسپتال منتقل...

ڪراچي جي بلديا ٽائون جي قادري محلي ۾ جوابدارن ڇرين جا وار ڪري 30 سالن جي نوجوان ارشد علي پٽ پرويز احمد کي قتل ڪري ڇڏيو.

اطلاع تي پوليس پهچي لاش اسپتال منتقل ڪيو. پوليس موجب ابتدائي جاچ موجب واقعو ذاتي دشمني تان پيش آيو.وڌيڪ جاري آهي..

 

 

 

 

سنڌ جي تعليم واري وزير سعيد غني چيو آهي ته ڪراچي کي پلاننگ کان سواءِ آباد ڪيو ويو ان لاءِ مسئلا آهن...

خانگي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي سعيد غني چيو ته ڪراچي ۾ برساتن جو 90 سال پراڻو رڪارڊ  ٽٽي ويو آهي جڏهن 8 ڪلاڪن تائين برسات پوندي ته روڊن تي پاڻي ضرور بيهندو اهو ممڪن  ئي ناهي ته ايتري وڌيڪ برسات پئي ۽ روڊن تي پاڻي جمع نه ٿئي ان لاءِ ڪجهه آبادين ۽ روڊن تي پاڻي موجود آهي.

هن چيو ته ڪراچي کي پلاننگ کان سواءِ آباد ڪيو ويو ان لاءِ مسئلا آهن. سنڌ حڪومت جيترا انڊر پاس ٺاهيا آهن انهن ۾ ڪنهن  به هڪ  ۾ پاڻي جمع ناهي ٿيو.

سعيد غني چيو ته ڪراچي ۾ 2001 جي قانون سبب تباهي ٿي آهي ۽ جيڪڏهن ايم ڪيو ايم سمجهي ٿي ته 2001 جو قانون ٻيهر واپس ايندو ته اهو هاڻ نٿو ٿي سگهي.

 

سنڌ ۾ تيز برساتن سبب سنڌ يونيورسٽي انتظاميه آن لائين امتحان ملتوي ڪري ڇڏيا.

يونيورسٽي جَي ڪنٽرولر پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب برساتي صورتحال کي نظر ۾ رکندي امتحان ملتوي ڪيا ويا آهن..

پهرين سيپٽمبر کان شيڊيول موجب امتحان ورتا ويندا، 24 ۽ 25 آگسٽ تي امتحان نه ڏئي سگهندڙ شاگرد به ٻيهر حصو وٺي سگهن ٿا.

سکر ۾اينٽي ڪرپشن جي ڪارروائي، زمين سستي اگهه ۾الاٽ ڪرڻ تي اسسٽنٽ ڪمشنر کي گرفتار ڪيو ويو،

ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن جو ان سلسلي ۾ چوڻ آهي ته اسسٽنٽ ڪمشنر اعجاز هاليپوٽو کي حيدرآباد مان گرفتار ڪيو ويو آهي،

ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن منير کهڙو وڌيڪ چيو آهي ته جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.جڏهن ته جوابدار پاران اربين رپين جي زمين سستي اگهه تي ڏني وئي، جوابدار 2010 ۾سکر ۾ واقع 5 ايڪڙ زمين غيرقانوني طور الاٽ ڪئي هئي.

 

 

ڪرمپور واسي نوجوان اڪشي ڪمار گذريل ڏينهن کان پراسرار نموني گم ٿي ويو وارثن پاران پوليس کي اطلاع ڪيو ويو..

ڪرمپور واسي نوجوان اڪشي ڪمار گذريل ڏينهن کان پرسرار نموني گم ٿي ويو نوجوان جي والد ڊاڪٽر ڀيمن داس جو چوڻ آهي ته پٽ اڪشي ڪمار جو موبائل نمبر بند آهي، ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي،

پوليس جو چوڻ آهي ته فون نمبر جي آخري لوڪيشن خانپور جي فيضو واري علائقي ۾ ٻڌائي پئي وڃي، وڌيڪ جاچ جاري آهي، جلد نوجوان جو پتو لڳايو ويندو.

بڊاڻي واسي 8 ڏينھن اڳ روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيل نوجوان ڪراچي جي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو..

ڄام شورو ٽول پلازه وٽ 8 ڏينھن اڳ روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيل بڊاڻي جي ڳوٺ ڄام ميرل سانگي جو رهواسي 20 سالن جو نوجوان آصف علي سانگي ڪراچي جي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو آهي.جنهن جو لاش گهر پهچڻ تي قهرام مچي ويو..

 

 

گهوٽڪي جي عدالت مهينن کان بند پيل پوليس شاپنگ سينٽر کولڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي..

10 مهينن کان بند پيل گهوٽڪي جي پوليس شاپنگ سينٽر جي حوالي سان دوڪاندار صابر علي راجپوت سميت 30 دوڪاندارن پاران داخل ڪرايل درخواست تي سينئر سول جي گهوٽڪي جي عدالت فيصلو جاري ڪري ڇڏيو جنهن تحت 24 ڪلاڪن اندر پوليس شاپنگ سينٽر کولڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.جڏهن ته عدالت پوليس کي دوڪاندارن کي تنگ ڪرڻ کان به روڪي ڇڏيو آهي..

اهڙي فيصلي بعد ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ دوڪاندار پاڻ ۾ دوڪانن جو ڪرايو تئي ڪرڻ بعد دوڪان کوليندا.

گهوٽڪي جي مختلف علائقن ۾ ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ مجلسيون منعنقد ڪيون پيون وڃن جڏهن ته روڊ رستن تي سبيل جون ڪئمپون لڳايون پيون وڃن..

محرم الحرام جي حوالي سان ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ گهوٽڪي جي مختلف علائقن ۾ مجلسون منعنقد ڪيون پيون وڃن.جڏهن ته قادرپور روڊ،ماٿيلو روڊ،اسٽيشن روڊ،رحمووالي روڊ سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ سبيل جون ڪئمپون لڳايون ويون آهن.۽ لنگر نياز پڻ وراهيو پيو وڃي.ٻي پاسي گهوٽڪي ويجهو ڳوٺ سردار خان گهوٽو ۾ علي بخش منگي جي پڙ تي هر سال جيان مجلس عزه منقعد ڪئي وئي جنهن ۾ مولانا سيد مختيار علي رضوي،مولانا معشوق قمي،سيد عشرت عباس،۽ خالد حسين سميت ذاڪرن ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي..

Comments

Popular posts from this blog

ايس ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل پاران ضلعي جي پوليس کي سماجي

قادرپور ويجهو سنڌو درياء ۾ پاڻي جي سطح ۾ لاٿ اچڻ بعد درياء

شهري اتحاد سرحد پاران سرحد ۾ روڊ حادثن کان حفاظت جي سلسلي ۾ سيمينار ٿي گذريو،