قادرپور ويجهو سنڌو درياء ۾ پاڻي جي سطح ۾ لاٿ اچڻ بعد درياء

 

قادرپور ويجهو سنڌو درياء ۾ پاڻي جي سطح ۾ لاٿ اچڻ بعد درياء بندن کي پائڻ لڳو انتظاميه پاران متاثر ماڻهن جي مدد نه ٿي سگهي واهر جي اپيل ڪئي وئي آهي

تفصيل معلوم ڪنداسين ذولفقار علي سندراآڻي کان

 پي ٽي آءِ حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ سڀاڻي ٿيندڙ اي پي سي جو هنڌ تبديل، اسلام آباد ۾ زرداري هائوس بدران نجي هوٽل ۾ سڀاڻي اي پي سي ٿيندي،

 اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف وڊيو لِنڪ ذريعي اي پي سي ۾ شرڪت ڪرڻ واري بلاول ڀٽو جي دعوت قبولي ورتي، فون تي رابطي دوران بلاول ڀٽو ۽ نواز شريف ۾ مُلڪي سياسي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ،

 اڳوڻو صدر آصف زرداري به اي پي سي کي وڊيو لِنڪ ذريعي خطاب ڪندو، پي ٽي آءِ اڳواڻ قمر زمان ڪائره چيو آهي ته لاجسٽڪ مسئلن سبب اي پي سي جو هنڌ تبديل ڪيو ويو،

 سهارن تي بيٺل حڪومت ڊهي پٽ پوندي ۽ اقتدار ختم ٿيڻ کانپوءِ پي ٽي آءِ ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويندي، اي پي سي ۾ اپوزيشن پارٽيز گڏيل لائحه عمل جوڙينديون ته جيئن حڪومتن مان جان ڇڏائي وڃي.

 

وفاقي حڪومت اپوزيشن جِي اَي پي سي کي جوابدارن جو ميڙاڪو قرار ڏئي ڇڏيو.

 وفاقي وزير شبلي فراز ۽ شهزاد اڪبر پريس ڪانفرنس ڪندي اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته هڪ شخص جيڪو ڏوهي آهي، بيماري جو بهانو بڻائي پرڏيهه هليو ويو ۽ اتان اَي پي سي کي خطاب ڪندو،

شبلي فراز چيو ته قانون آڏو پيش ٿيڻ جِي ڳالهه ٿئي ٿي ته هو بيمار آهي. پريس ڪانفرنس دوران شبلي فراز چيو ته اپوزيشن اَي پي سي ۾ طئي ڪندي ته ڪيئن بدامني پکيڙِي وڃي، اُهي نااميدي پکيڙي رهيا آهن، جنهن سان ملڪ ۾ سنجيده مسئلو پيدا ٿي سگهي ٿو.

 صلاحڪار شهزاد اڪبر چيو ته اپوزيشن جا خدشا اُهي آهن ته هاڻي اُنهن جا جج نه ٿا مقرر ٿين، آزاد عدليه کين چُڀـِـي رهي آهي، اپوزيشن چاهي ٿي ته نيب جا اختيار ختم ڪري آصف زرداري توڙي نوازشريف جا ڪيس بند ڪيا وڃن.

 

سنڌ ۾ ٻئين مرحلي ۾تعليمي ادارا کولڻ وارو فيصلو ملتوي

تعليم واري صوبائي وزير جو چوڻ آهي ته تعليمي ادارن ۾ ايس او پيز تي عمل نه پيو ٿئي، ٻئين مرحلي ۾ ادارا کولڻ جو فيصلو هفتي لاءِ ملتوي ڪيو آهي

ملڪ ۾ تعليمي ادارن طرفان ايس او پيز تي عمل نه ٿيڻ جي نتيجي ۾ ڪورونا جا ڪيسز ٻيهر وڌڻ لڳا، بلوچستان ۾ ڪورونا جا ڪيسز وڌڻ بعد هڪ ڏينهن ۾ 4 اسڪول ۽ هڪ يونيورسٽي بند، ڪوئيٽا جي ٽن ۽ زوب جي هڪ گرلز اسڪول ۾ ڪورونا جا ڪيس رپورٽ ٿيا،

بلوچستان يونيورسٽي به بند، پنجاب جي مختلف اسڪولز ۾ 32 ٻارن ۽ ٻن ملازمن کي ڪورونا جي تصديق، وڌيڪ 2 اسڪولز سيل، حيدرآباد ۾ تعليمي ادارن جي دورن بعد پريس ڪانفرنس دوران صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته صوبائي حڪومت ٻارن جي صحت کي نظر ۾ رکندي ٻئين مرحلي ۾ تعليمي ادارا کولڻ وارو فيصلو هڪ هفتي لاءِ ملتوي ڪيو آهي،

 اِن ۾ ناراضگي جي ڪابه ڳالهه نه آهي، اڳواٽ اعتماد ۾ وٺڻ بابت وفاقي وزير شفقت محمود جي ڏوراپي کي به ڏسي وٺنداسين، کيس خبر آهي ته ٻارن جي تعليم ۽ صحت جي مامري تي اسان سياسي پوائنٽ اسڪورنگ ناهي ڪئي، 22 سيپٽمبر تي اجلاس دوران تعليمي ادارا کولڻ واري فيصلي تي نظرثاني ڪئي ويندي، ڪراچي ۾ به 4 تعليمي ادارن کي بند ڪري ڇڏيو.

 

ڌاريجا ڀائرن خلاف گهوٽڪي ۾ ناجائز قبضا ڪندڙ وڪيلن جي اجلاس ۾ فتاح سميجو پاران ڌاريجا ڀائرن بابت نازيبا زبان استعمال ڪرڻ خلاف اڄ پيپلز سيڪريٽريٽ کان پريس ڪلب تائين ورڪرن جيالن ريلي ڪڍي سخت ناري بازي ڪئي

ڌاريجا ڀائرن خلاف گهوٽڪي ۾ ناجائز قبضا ڪندڙ وڪيلن جي اجلاس ۾ فتاح سميجو پاران ڌاريجا ڀائرن بابت نازيبا زبان استعمال ڪرڻ خلاف اڄ پيپلز سيڪريٽريٽ کان پريس ڪلب تائين هزارن جي تعداد ۾ ورڪرن جيالن ريلي ڪڍي سخت ناري بازي ڪئي

ان موقعي تي هنن جو چوڻ هو ته فتاح سميجو ڄام ڀائرن کان معافي نه ورتي ته دما دم مست قلندر ٿيندو ،

 ريلي جي اڳواڻي پاڪستان پيپلزپارٽي ضلعي گهوٽڪي جي جنرل سيڪريٽري سڪندر علي لاکو ،رئيس علي اڪبر دايو ۽ ٻيا ڪري رهي هئا

هنن جو چوڻ هو ته پنهنجي اڳواڻن جي ڪردار ڪشي هر گز برداشت نه ڪئي ويندي

نيب ڊي ايف سي خيرپور سوڌو 42 ڄڻن خلاف ڪروڙين رُپين جي مبينا ڪرپشن جو ريفرنس داخل ڪري ورتو،

 سکر جي احتساب عدالت ۾ 5 ڪروڙ 82 لک رُپين جي مبينا ڪرپشن جو ريفرنس پيش، عدالت نيب جو ريفرنس ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتو،

ريفرنس ۾ خوراڪ کاتي جي عملدارن طرفان بارداڻو آبادگارن بدران واپارين ۽ من پسند ماڻهن کي ڏئي ڪروڙين رُپيا ڪمائڻ جو انڪشاف ڪيو ويو آهي،

سکر جي احتساب عدالت 13 آڪٽوبر تي نيب جي ريفرنس تي ٻڌڻي ڪندي.

اوٻاوڙو سواري کڻي ويندڙ گهوٽڪي واسي ٽيڪسي ڊرائيور گم ٿي ويو ، گهر نه پهچڻ  ۽ مسلسل موبائيل فون بند ٿيڻ تي وارثن پوليس کي اطلاع ڪندي اغوا جو شڪ ظاهر ڪيو آهي

گهوٽڪي جي باء پاس ويجهو ڳوٺ صوبدار خان کهاوڙ جي رهواسي زاهد حسين سنگهڙ پوليس کي اطلاع ڪندي چيو آهي ته سندس ڀاء ظاهر حسين پٽ نياز محمد سنگهڙ جيڪو ٽيڪسي تي گاڏي هلائيندو آهي گذريل ڏينهن ڪجهه ماڻهو هن کي اوٻاوڙو ڇڏڻ لاء وٺي ويا جتان هو واپس ناهي موٽيو

جنهنجي گهر نه موٽڻ ۽ مسلسل موبائيل فون بند هئڻ تي پوليس کي اطلاع ڪيو ويو آهي

ان حوالي سان سنگهڙ برادري جي ماڻهن نياز محمد سنگهڙ،،غلام حسين سنگهڙ ، بهرام سنگهڙ 91 آفيس پهچي احتجاج ڪندي ظاهر حسين سنگهڙ جي بازيابي جي گهر ڪئي آهي

ڏهرڪي ويجھو ڳوٺ نئون ڪوٽ ۾ موبائيل ڪمپني ۾ چوڪيداري ڪندڙ سيد عنايت شاھہ کي مبينہ طور ڇرين جا وار ڪري  قتل ڪيو ويو آھي.

 ان سلسلي ۾ وارثن ڏھرڪي ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو آھي تہ سيد عنايت شاھہ نئون ڪوٽ ۾ خانگي موبائيل ڪمپني ۾ چوڪيداري ڪندو آھي جنھن کي رات دير سان اڻسڃاتل جوابدارن ڇرين جا وار ڪري سخت زخمي ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا ھئا.

واقعي بعد کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رحيميارخان نيو ويو جتي زخمن جا تاب نہ سھندي فوت ٿي ويو.

  ڏھرڪي پوليس مقتول سيد عنايت شاھہ جو لاش ڏھرڪي جي سرڪاري اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪيو آھي

جڏھن تہ پوليس موجب ته واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي

قادرپور لڳ ليامڻ لانڊي واسي ڳوٺاڻي جو چاچي تي پئسا ڦٻائڻ ۽ گهر مان سامن چوري جو الزام متاثر ڌر جو پريس ڪلب ٻاهران آحتجاج

،ان موقعي تي وقار عرف نثار چاچڙ ٻڌايو ته مان 2010 کان پنهنجي چاچي شعبان چاچڙ وٺ سعودي عرب ۾ مزدوري ڪندو هيس هن مونکي چيو ته پئسا مون وٺ جمع ڪر توکي گهوٽڪي ۾ پراپرٽي وٺي ڏيندوس هڪ سال جي 7 لک مزدوري جي حساب سان 10 سالن جا 70 لک ٿين ٿا هن کان پئسا گهرڻ تان هن ٻه مهينا اڳ مون تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو

جنهن کانپواء مان ڪراچي ڪم ڪندو هيس گذريل رات مونکي گهران فون آئي ته جوابدار شعبان منهنجي گهر مان 3تولا سون،2 تولا چاندي،هڪ راڊو واچ ۽ ست لک روڪ رقم چوري ڪري کڻي ويو آھي هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته مهنجي مزدري جا پئسا ۽ سامان واپس ڪرائي ساڻس انصاف ڪيو

 

ميرپور ماٿيلو جي قومي شاهراه تي موٽر سائيڪل جي ٽڪر ۾ زخمي ٿيل ڪرم لاشاري رحيميار خان نيئندي رستي ۾ ئي دم ڏيئي ڇڏيو

ميرپور ماٿيلو جي باء پاس روڊ تي برف ڪارخاني ڀرسان ڪرم لاشاري موٽرسائيڪل جي ٽڪر ۾ فوت ٿي ويو هو جنهن کي ميرپور ماٿيلو جي اسپتال مان طبي امداد ڏيڻ بعد رحيميار خان ريفر ڪيو پئي ويو ته هن رستي ۾ ئي دم ڏيئي ڇڏيو  

مصري شاه ۾ ننڍي ڀاء کي قتل ڪندڙ وڏي ڀاء کي جاچ پوليس گرفتار ڪري ورتو ، واقعي جو سبب ٻنهي جي گهروارين ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙو ٻڌايو پيو وڃي

پوليس مطابق ته پاڙي وارن جو ٻن سالن جو معصوم ٻارڙو گهر ۾ اچي گند ڪچرو ڦهلائڻ ته ٻن سڳي ڀائرن جي گهروارين ۾ جهيڙو ٿيو ۽ انهي معمولي ڳالهه تان ٿيل ٻن ڏيرياڻين وچ۾ ٿيندڙ جهيڙي ۾ ڀائر به اچي ويا جنهن تان لياقت علي ڪاوڙ ۾ اچي پنهنجي ننڍي ڀاء قاسم علي تي فائر ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو

پوليس مطابق ته جوابدار لياقت علي واقعي واري هنڌ تان فرار ٿي ويو جو جنهن کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي

ٻڌايو پيو وڃي ته ٻيئي ڀائر مزدوري ڪندا هئا ۽ پنهنجي ڪٽنب سميت هڪ ئي گهر ۾ رهائش پذير هئا

 

گمبٽ ۾ 16 ڏينهن اڳ مبينا طور اغوا ٿي ويل ٻن عورتن ۽ 2 ٻارڙن کي پوليس بازياب ڪرائي ورتو،

پوليس جو چوڻ آهي ته حنا ۽ نگينا خاتون سميت ٻن ٻارڙن کي باءِ پاس تان بازياب ڪرايو آهي، 16 ڏينهن اڳ ٽن جوابدارن هٿيارن جي زور تي ٻن عورتن ۽ ٻن ٻارڙن کي اغوا ڪيو هو،

 بازياب ڪرايل عورتون ۽ ٻار عدالت ۾ پيش ڪيا ويا، عورتن ۽ ٻارن کي بيان بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.

 

خيرپور ۾ عورت سان مبينا طور اجتماعي زيادتي ۽ تشدد، اين سي داخل، وارثن جو احتجاج،

خيرپور ڀرسان عورت کي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو، متاثر عورت وارثن احتجاج ڪندي ٻڌايو ته شادي شده عورت مومل شيخ کي ٽن ٻارڙن سميت اغوا ڪري ڏاڍائي جو نشانو بڻايو ويو،

 متاثر ناري چيو ته 5 جوابدارن اغوا ڪري زيادتي ڪرڻ سان گڏ تشدد ڪيو، ظلم ٿي ويو آهي، انصاف ڪيو وڃي،

جوابدارن خلاف سوڀو ديرو ٿاڻي تي اين سي داخل ڪئي وئي آهي مگر ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي هئي.

شاھپورمھر ويجھو بمبلي مائينر مان ميرپور ماٿيلو واسي  نينگر جو لاش مليو آهي

، بمبلي مائينر ۾ لاش لڙھندو ڏسي ڳوٺاڻن پوليس کي اطلاع ڏنو، نينگر جي سڃاڻپ ميرپورماٿيلو واسي 6 ورهين جي اياز علي جي نالي سان ٿي آهي.

 

ماٿيلو مومل ماڙي جو تعليم دان استاد غلام محمد شيخ لاڏاڻو ڪري ويو سندس جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد کيس نول گوري جي قبرستان ۾ مٽي ماء حوالي ڪيو پيو وڃي ،

تاريخي ماڳ ماٿيلو مومل جي ماڙي جو رهواسي رٽائرڊ استاد غلام محمد شيخ 73 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو آهي جنهن جي جنازي نماز هاء اسڪول جي ڀرواري عيد گاه  ۾ ادا ڪئي وئي

جنازي نماز ۾ مرحوم استاد غلام محمد شيخ جي مٽن ما.ئٽن عزيزن دوستن ۽ شهر جي ماڻهن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي

جنهن بعد کيس اباڻي قبرستان نول گوري ۾ مٽي ماء حوالي ڪيو ويو

ٻڌايو پيو وڃي ته استاد غلام محمد شيخ کي ٻه ڀيرا پهرين دل جو دورو پيو هو جنهن کان بعد هن جي طبيعت ناساز رهندي هئي جنهن گذريل ڏينهن دم ڌڻي حوالي ڪيو

مرحوم استاد غلام محمد شيخ سوڳوارن ۾ هڪ بيوه 3 نياڻيون ۽ 4 پٽ ڇڏيا آهن پٽن ۾ غلام مرتظي شيخ، غلام مجتبي شيخ ، غلام شبير شيخ ۽ غلام حسين شيخ شامل آهن

وارثن سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي

۽ سامعين

جان محمد سوسائٽي ويجهو ڳوٺ خدا بخش مهر جو رهواسي معزز شخصيت استاد قائم الدين مهر مختصر عرصو بيمار رهڻ بعد سکر جي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو آهي

 

 

 

Comments

Popular posts from this blog

ايس ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل پاران ضلعي جي پوليس کي سماجي

شهري اتحاد سرحد پاران سرحد ۾ روڊ حادثن کان حفاظت جي سلسلي ۾ سيمينار ٿي گذريو،