پاڪستان ۾ ڪورونا وبا کان بچاءُ لاءِ وئڪسين جي انسانن تي ٽرائل جي شروعات
. پاڪستان ۾ ڪورونا وبا کان بچاءُ لاءِ وئڪسين جي انسانن تي ٽرائل جي شروعات، وئڪسين ڪـَيسائـِينـَو جَي ڪلنيڪل ٽرائل جا نتيجا اچڻ ۾ 4 کان 6 مهينا لڳي سگهن ٿا، وزيراعظم جي خصوصي معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو آهي ته وئڪسين جو ٽرائل ملڪ اندر صحت جي نظام ۾ بهتري آڻڻ لاءِ اهم آهي، چين جي مدد سان شروع ٿيل ٻئي مرحلي ۾ 508 ماڻهن تي ٽرائل ڪيو ويندو، ٽئين مرحلي ۾ 8 کان 10 هزار ماڻهن تي ٽرائل ٿيندو، سمورن ٽرائلز جا هاڪاري نتيجا اچڻ کانپوءِ ڪورونا کان بچاءُ جي وئڪسين کي پاڪستان ۾ متعارف ڪرايو ويندو. ا ين سي او سي سموري ملڪ ۾ سڀاڻي کان ٻئين مرحلي ۾ تعليمي ادارا کولڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ، وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ تعليم واري وفاقي وزير، صوبائي وزيرن ۽ سيڪريٽريز شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ ٻئي مرحلي ۾ تعليمي ادارا 28 سيپٽمبر تي کولڻ وارو سنڌ حڪومت جو فيصلو رد ڪيو ويو، اين سي او سي جي اجلاس بعد ڪي پي ۽ پنجاب سرڪار سڀاڻي کان ٻئي مرحلي ۾ تعليمي ادارا کولڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، سنڌ سرڪار ڇهين کان اٺين درجي تائين تعليمي ادارا سڀاڻي کان نه کولڻ واري فيصلي تي قائم آهي. تعليمي ادارن جي تالابنديءَ