سڄي دنيا ۾ ڀارت جي غيرقانوني قبضي خلاف ڪشميري ڀائرن
سڄي دنيا ۾ ڀارت جي غيرقانوني قبضي خلاف ڪشميري ڀائرن سان ٻڌيءَ جي اظهار لاءِ يومِ استحصال ملهايو پيو وڃي، پاڪستان ۾ يومِ استحصال ملهائڻ لاءِ ننڍن وڏن شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا ڪيا پيا وڃن پاڪستان ۾ صبح 10 وڳي سائرن وڄائي هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي، يوم استحصال جي موقعي تي ڪشميرين سان ٻڌي جي اظهار لاءِ انساني هٿن جي زنجير ٺاهي ريليون ڪڍيون پيون وڃن، شاهراه ڪشمير هاءِ وي کي سرينگر هاءِ وي جو باضابطه نالو ڏنو ويو ، اسلام آباد ۾ ريلي کي خطاب ڪندي صدر عارف علوي چيو آهي ته يومِ استحصال ملهائڻ جو مقصد ڪشمير تي ڀارت جي غيرقانوني قبصي تي دُنيا جو ڌيان ڇڪائڻ آهي، ڪشميري ڀائرن تي ڀارتي ظلم کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو، ڪشميري ڀائر پاڻ کي اڪيلو نه سمجهن، صدر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ڪشميرين جي آزادي جي حمايت ۾ جدوجهد جاري رکندو ۽ هڪ ڏينهن کين ضرور آزادي ملندي، اسلام آباد ۾ ريلي دوران پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، قومي اسيمبلي جو اسپيڪر اسد قيصر ۽ ٻين سوڌو وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي.، وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڀارتي سرڪار جو ڪشمير جي حوالي سان پلان ڪڏهن به ڪامياب نه