Posts

Showing posts with the label جوھي تعلقي ۾ نئين گاج ٻيھر ڪاڇي ۾ ٻوڏ جهڙي صورتحال پيدا

جوھي تعلقي ۾ نئين گاج ٻيھر ڪاڇي ۾ ٻوڏ جهڙي صورتحال پيدا

جوھي تعلقي ۾ نئين گاج ٻيھر ڪاڇي ۾ ٻوڏ جهڙي صورتحال پيدا ڪري ڇڏي، 8 يونين ڪائونسلن جي 200 کان وڌيڪ ڳوٺن جو تعلقي ۽ ضلع ھيڊ ڪوارٽر سان زميني رابطو ڪٽجي ويو، ايف پي بند تي فوج پهچي وئي . ان ڏس ۾ نئين گاج ۾ ٻيھر 20 فوٽ پاڻي جو وھڪرو اچڻ سبب ڪاڇي جي يونين ڪائونسل ڇني، شاھ حسن، ٽنڊو رحيم خان، ساوڙو، واھي پانڌي، ڊرگھه بالا، پٽ گل محمد ۽ ٽوڙ ۾ وڏي تباھي اچي وئي آهي ۽ علائقي جي ڪيٽي سجاول، ڪيٽي وسڻ، جمع لغاري، شڪلاڻي لنڊ، ھارون لنڊ، چاڪر ڪوٽ، جلب ديرو، حسن گرماڻي ۽ ننگر داريو سميت 100 کان وڌيڪ ڳوٺن ۾ پاڻي داخل ٿي ويو آهي، جتي سوين خاندانن جا ڪچا گھر ڊھي پٽ پئجي ويا آهن. هوڏانهن 8 يونين ڪائونسلن جي چئن مين روڊن حاجي خان، واھي پانڌي، قصبو ۽ ڇني سميت 30 ننڍا وڏا روڊ ٽٽي ويا آهن، جتي ماڻھن جي ھڪ ڳوٺ کان ٻئي ڳوٺ ۽ شھرن تائين اچ وڃ بند ٿي وئي آھي. نئين گاج جي پاڻي وھڪرن سبب ڪاڇي ۾ ٻيو ڀيرو سرڪاري طور تي وڏي ٻوڏ ظاھر ڪئي وئي آھي، جڏهن ته ان کان اڳ 8 آگسٽ تي بلوچستان جي خضدار ضلعي مان وڏو وھڪرو جوھي ۾ ٻوڏ برپا ڪئي ۽ ٻيو ڀيرو گذريل رات دير سان 20 فوٽ پاڻي جو وھڪرو رڪارڊ ڪيو ويو، جتي آبپاشي اختياري