جوھي تعلقي ۾ نئين گاج ٻيھر ڪاڇي ۾ ٻوڏ جهڙي صورتحال پيدا
جوھي تعلقي ۾ نئين گاج ٻيھر ڪاڇي
۾ ٻوڏ جهڙي صورتحال پيدا ڪري ڇڏي، 8 يونين ڪائونسلن جي 200 کان وڌيڪ ڳوٺن جو تعلقي
۽ ضلع ھيڊ ڪوارٽر سان زميني رابطو ڪٽجي ويو، ايف پي بند تي فوج پهچي وئي
. ان ڏس ۾ نئين گاج ۾ ٻيھر 20 فوٽ پاڻي جو
وھڪرو اچڻ سبب ڪاڇي جي يونين ڪائونسل ڇني، شاھ حسن، ٽنڊو رحيم خان، ساوڙو، واھي پانڌي،
ڊرگھه بالا، پٽ گل محمد ۽ ٽوڙ ۾ وڏي تباھي اچي وئي آهي ۽ علائقي جي ڪيٽي سجاول، ڪيٽي
وسڻ، جمع لغاري، شڪلاڻي لنڊ، ھارون لنڊ، چاڪر ڪوٽ، جلب ديرو، حسن گرماڻي ۽ ننگر داريو
سميت 100 کان وڌيڪ ڳوٺن ۾ پاڻي داخل ٿي ويو آهي، جتي سوين خاندانن جا ڪچا گھر ڊھي پٽ
پئجي ويا آهن.
هوڏانهن 8 يونين ڪائونسلن جي چئن مين روڊن
حاجي خان، واھي پانڌي، قصبو ۽ ڇني سميت 30 ننڍا وڏا روڊ ٽٽي ويا آهن، جتي ماڻھن جي
ھڪ ڳوٺ کان ٻئي ڳوٺ ۽ شھرن تائين اچ وڃ بند ٿي وئي آھي.
نئين گاج جي پاڻي وھڪرن سبب ڪاڇي ۾ ٻيو ڀيرو
سرڪاري طور تي وڏي ٻوڏ ظاھر ڪئي وئي آھي، جڏهن ته ان کان اڳ 8 آگسٽ تي بلوچستان جي
خضدار ضلعي مان وڏو وھڪرو جوھي ۾ ٻوڏ برپا ڪئي ۽ ٻيو ڀيرو گذريل رات دير سان 20 فوٽ
پاڻي جو وھڪرو رڪارڊ ڪيو ويو، جتي آبپاشي اختيارين موجب 2 لک ڪيوسڪ جو پاڻي گذريو آھي،
پاڻي
جو وھڪرو نئين گاج ڊئوريشن بند جي 36 سئو فوٽ جي گھاري مان ڊرگھه بالا، حاجي خان، ٻيو
وھڪرو نئين سول ۽ ٽيون وھڪرو نئين سڪ ذريعي ايف پي بند تي پھتو آهي، جتي بند تي پاڻي
جو دٻاءُ وڌي ويو آهي.
ٻوڏ
واري صورتحال سبب آبپاشي کاتي وڏي مشينري طلب ڪري ورتي آهي، جڏهن ته ڊي سي دادو ۽ پاڪ
فوج جي جوانن ايف پي بند تي ڪئمپ قائم ڪري ورتي آھي. اطلاعن موجب ايف پي بند کي آر
ڊي 50 قريشي جي بورنگ وٽان ٻه روڻيون پيون جن کي بند ڪيو ويو آھي،
ٻوڏ
بابت دادو ضلعي جي فوڪل پرسن فياض ٻٽ موجب تمام وڏي ٻوڏ آھي، حفاظتي انتظام مڪمل آھن.
هاڻوڪين برساتن ۽ ٻوڏ واري صورتحال باوجود انتظاميا متاثر علائقن جي رهواسين جي ڪا
به سار ناهي لڌي، جنهن ڪري ڳوٺاڻا سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن.
ڪراچي ۾ اڄ به برساتي سسٽم موجود
جڏنهن ته سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ عام موڪل ڪري ڇڏي
گذريل ڏينهن کان هيل تائين مختلف واقعن ۾ 25 شهري حياتيون وڃائي چڪا آهن ، وڌيڪ جاني
نقصان جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي.
موسميات کاتي موجب برسات وسائيندڙ سسٽم ڪراچي
موجود آهي، ڪراچي ۽ ٺٽي جي سامونڊي علائقي ۾ هوا جو گهٽ دٻاءُ موجود آهي،
واضح رهي ته ڪراچي ۾ برسات اڳ ئي تباهي مچائي
ڇڏي آهي، جنهن سان لکين ماڻهو متاثر ٿيا آهن.
ڪراچي ۾ طوفاني برسات کانپوءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ، سنڌ سيڪريٽريٽ، سنڌ
اسيمبلي، گورنر ۽ وزيراعليٰ هائوس جي ڀرپاسي وارن علائقن سميت اهم هنڌن تي به چيلهه
جيڏو پاڻي گڏ ٿي ويو، رستا تلائن ۾ تبديل، موٽرسائيڪلون لڙهي ويون، ڪنٽينر به ترڻ لڳا،
مين ڪورنگي روڊ برساتي پاڻي ۾ ٻڏي ويو، ڪلفٽن،
نارٿ ناظم آباد، ڊرگ روڊ ۽ مهراڻ انڊر پاس پاڻي سان ڀرجي ويا،
انڊسٽريل ايريا جو شهر جي ٻين علائقن سان زميني
رابطو ڪاٽا، لياقت مارڪيٽ، اردو نگر، سعود آباد، کوکرا پار، گرين سٽي ۽ ٻين علائقن
۾ رستن تي بيٺل گاڏيون پاڻي ۾ ٻڏي ويون،
دڪانن
۽ گهرن ۾ به برساتي پاڻي داخل ٿي ويو.
ڪراچي ۾ برسات کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪ آرمي
فلڊ ايمرجنسي ڪنٽرول سينٽر قائم ڪري ڇڏيو.
سموري سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برسات جو سلسلو
جاري آهي، برسات سبب ڪراچي ۾ ڪيترائي علاقا پاڻيءَ هيٺ آهن جڏهن ته ڪيئي علائقن جا
رهائشي پنهنجن گهرن ۾ بند آهن.
آءِ ايس پي آر پاران جاري بيان موجب ڪراچي
شهر ۾ 36 جاين تي پاڻي نيڪا جو ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته شهر جي علائقي گلبرگ،
لياقت آباد ۽ نيو ڪراچي ۾ ميڊيڪل ڪيمپ قائم ڪيا ويا آهن.
پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي موجب نادرن
باءِ پاس جي ويجهو ايم نائن تي بند کي محفوظ ڪيو ويو آهي جڏهن ته قائد آباد جي ويجهو
فوجي جوانن ملير ندي جي وهڪري کي بند ڪري ڇڏيو آهي.
آءِ اس پي آر جو چوڻ آهي ته نيوي جي ٽوٻن شاهه
فيصل ٽائون ۽ ڪورنگي مان ٻن لاشن کي ڪڍيو ويو آهي.
آءِ ايس پي آر موجب دادو ۾ صورتحال کي منهن
ڏيڻ لاءِ فوجي جوانن کي روانو ڪيو ويو آهي، ميرپورخاص جي تعلقي جهڏو جي پورن ڊيم ۾
شگاف پوڻ ڪري سيلابي پاڻي ويجهو 5 ڳوٺن کي ٻوڙي ڇڏيو آهي، پاڻي کي روڪڻ جو ڪم جاري
آهي.
هوڏانهن سنڌڙي ويجهو
پيرونمل کان ايندڙ پاڻي ڪنگهل ڍنڍ ۾ پوڻ ڪري
ڪيترائي ڳوٺ ٻڏڻ جو خطرو، پاڻي ميرپورخاص روڊ تان اور ٽاپ ٿيڻ ڪري پاڻي ڍنڍ ۾ پاڻي
جي آمد، ڳوٺاڻن جي لڏپلاڻ شروع ٿي وئي،آهي ڪنگهل ڍنڍ کي ڪٽ هڻي پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ پهتل انتظاميه
عملدارن سان بااثر ماڻهن جي منهن ماري ٿي پئي، جنهن بعد عملدار واپس روانا ٿي ويا.
رهواسين جو چوڻ آهي ته .ڍنڍ کي ڪٽ هڻي پاڻي
نيڪال نه ڪيو ويو ته ڪيترائي ڳوٺ ٻڏي ويندا، اعليٰ اختياريون تحرڪ وٺن.
هوڏانهن ڳڙهي خيرو ويجهو
تاجا شاخ کي لڳل گھاري جو پاڻي ڳوٺن مان نيڪال
نه ٿيو، ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت گھارو ٻڌي ورتو،ڪيترائي گھر ٻئي ڏينهن به پاڻي
۾ ٻڏل آهن.
انتظاميه پاڻي نيڪال ڪرائڻ لاءِ ڪو تحرڪ نه
ورتو، گھرن ۾ پاڻي بيٺل ھجڻ ڪري رھواسي سخت پريشان رات بندن تي گذاري، سخت گرمي جي
ڪري معصوم ٻارڙا بيمار ٿي پيا، اناج پاڻي ۾ لڙھي ويو آهي ،
رهواسين
جو چوڻ آهي ته ٻچا بک تي آھن راشن ڏنو وڃي، گھرن مان پاڻي نيڪال ڪرائي ڳوٺ ۾ ميڊيڪل
ٽيم موڪلي وڃي ٻارڙا بک ۽ بيماري سبب مري ويندا
نواب ولي محمد ڀرسان ڪچي جي علائقي جي ڳوٺ حاجي احمد فُجَ ۾ برساتي
پاڻي ۾ 5 سالا معصوم ٻارڙو مومن ولد مير فُجُ ٻڏي ويو، اتي موجود ٻارڙن جي رڙين تي
ڳوٺاڻن پهچي ٻارڙو ٻاهر ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو پئي ته فوت ٿي ويو، جڏهن ته ٻارڙي جو
لاش سندس گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو،
ٻئي
طرف ڪريم آباد ۾ برسات سبب گهر جي ڪمزور ٿيل ديوار ڪري پئي، جنهن جي نتيجي م 8 سالا
معصوم ٻارڙي عاصمه ڌي محمد ياسين مُهلُ ٿڌي تي فوت ٿي وئي، جڏهن ته اهڙي واقعي بعد
سندس گهر ۾ ڪهرام مچي ويو
سرحد واسي نوجوان محمد سليم پنوعاقل ۾ ٽرين تان ڪري فوت ٿي
ويو
Comments
Post a Comment