سنڌ اسيمبلي ۾ ڪراچي ۾ نوان ضلعا ٺاهڻ خلاف بحث جِي اجازت نه ملڻ
سنڌ اسيمبلي ۾ ڪراچي ۾ نوان ضلعا ٺاهڻ خلاف بحث جِي اجازت نه ملڻ تي متحده ۽ پي ٽي آءِ جي ميمبرن پاران احتجاج ڪري اسپيڪر جِي ڊائس جو گهيراءُ ڪيو. ميمبرن پاران ڪياماڙي ضلعو نامنظور جا نعرا هنيا ويا ايوان گوڙ سبب مڇي مارڪيٽ بڻجي ويو. ڊپٽي اسپيڪر ريحانه لغاري هائوس کي ڪنٽرول ڪرڻ جِي ڪوشش ڪندي چيو ته بزنس کانپوءِ اپوزيشن کي ٻڌو ويندو، متحده ۽ پي ٽي آءِ ايم پي ايز نون ضلعن جَي قيام کي ڪراچي جو ورهاڱو قرار ڏيندي چيو ته پهرين کين ٻڌو وڃي. اجلاس دوران سينيئر سياستدان حاصل بزنجو، ڪراچي ۾ آپگهات ڪندڙ ڊاڪٽر ماها شاهه ۽ ڪينجهر ڍنڍ ۾ ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سبب فوت ٿيل 10 ڄڻن لاءِ دعا گهري وئي. پي ٽي آءِ ايم پي اي خرم شير زمان چيو آهي ته ڪينجهر ڍنڍ ۾ ٻيڙي ٻڏڻ وارو واقعو انتظاميا جي سنگين غفلت جي نتيجي ۾ پيش آيو، اهو حادثو نه پر قتل آهي سنڌ جي مختلف علائقن ۾ تيز هوا سان برسات تباهي ڪري ڇڏي. ٿر ۽ ملير ۾ وڄون ڪرڻ جي نتيجي ۾ پيءُ پُٽ سوڌو 6 ڄڻا حياتي وڃائي ويٺا. ڪراچي جي نارٿ ناظم آباد ۾ تيز برسات بعد هيٺانهين وارن علائقن ۾ ٻوڏ جهڙي صورتحال، شادمان نالو اوور فلو ٿي ويو. سخي حسن قبرستان روڊ پ