سنڌ اسيمبلي ۾ ڪراچي ۾ نوان ضلعا ٺاهڻ خلاف بحث جِي اجازت نه ملڻ

 

سنڌ اسيمبلي ۾ ڪراچي ۾ نوان ضلعا ٺاهڻ خلاف بحث جِي اجازت نه ملڻ تي متحده ۽ پي ٽي آءِ جي ميمبرن پاران احتجاج ڪري اسپيڪر جِي ڊائس جو گهيراءُ ڪيو. ميمبرن پاران ڪياماڙي ضلعو نامنظور جا نعرا هنيا ويا ايوان گوڙ سبب مڇي مارڪيٽ بڻجي ويو.

 ڊپٽي اسپيڪر ريحانه لغاري هائوس کي ڪنٽرول ڪرڻ جِي ڪوشش ڪندي چيو ته بزنس کانپوءِ اپوزيشن کي ٻڌو ويندو،

متحده ۽ پي ٽي آءِ ايم پي ايز نون ضلعن جَي قيام کي ڪراچي جو ورهاڱو قرار ڏيندي چيو ته پهرين کين ٻڌو وڃي.

 اجلاس دوران سينيئر سياستدان حاصل بزنجو، ڪراچي ۾ آپگهات ڪندڙ ڊاڪٽر ماها شاهه ۽ ڪينجهر ڍنڍ ۾ ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سبب فوت ٿيل 10 ڄڻن لاءِ دعا گهري وئي.

 پي ٽي آءِ ايم پي اي خرم شير زمان چيو آهي ته ڪينجهر ڍنڍ ۾ ٻيڙي ٻڏڻ وارو واقعو انتظاميا جي سنگين غفلت جي نتيجي ۾ پيش آيو، اهو حادثو نه پر قتل آهي

سنڌ جي مختلف علائقن ۾ تيز هوا سان برسات تباهي ڪري ڇڏي. ٿر ۽ ملير ۾ وڄون ڪرڻ جي نتيجي ۾ پيءُ پُٽ سوڌو 6 ڄڻا حياتي وڃائي ويٺا. ڪراچي جي نارٿ ناظم آباد ۾ تيز برسات بعد هيٺانهين وارن علائقن ۾ ٻوڏ جهڙي صورتحال،

 شادمان نالو اوور فلو ٿي ويو. سخي حسن قبرستان روڊ پاڻي هيٺ، ملير، قائد آباد، سرجاڻي ٽائون، اختر ڪالوني، ڊفينس، اورنگي ۽ ڪورنگي سوڌو مختلف علائقن ۾ برسات جي وسڪاري سبب موسم خوشگوار ٿي وئي.

 

 ٺٽو، گهارو، ميرپور ساڪرو ۽ ڀرپاسي تيز هوا سان برسات دوران وڻ پاڙان پٽجي ويا، ڪيترن ئي گهرن جون ڇتيون اُڏامي ويون.

مٺي ۾ برسات کانپوءِ رستن ۽ گهٽين ۾ برساتي پاڻي بيهجي ويو.

 بدين، حيدرآباد، ميرپور خاص، ٺارو شاهه، هالاڻي، کپرو ۽ ٻين علائقن ۾ ڪٿي هلڪي ۽ ڪٿي تيز هوا سان برسات، بجلي ۽ مواصلاتي نظام ڊانواڊول،

موسميات کاتي طرفان سنڌ ۾ سومر تائين وقفي وقفي سان برسات جاري رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي

.

سيوهڻ ۾ ناري سان مبينا زيادتي واري ڪيس ۾ الزام هيٺ آيل سيشن جج ڊگهي عرصي کانپوءِ نيٺ ڊي اين اي ٽيسٽ لاءِ جُزا ڏئي ڇڏيا،

معطل ٿيل سيشن جج امتياز ڀٽو جا لمس ڄامشورو ۾ جُزا جمع ڪرايا ويا، ڊاڪٽرز جو چون آهي ته امتياز ڀٽو ۽ متاثر ناري سلميٰ بروهي جا ڊي اين اي ميچ ڪيا ويندا، رپورٽ اچڻ ۾ ڪجهه ڏينهن لڳي سگهن ٿا،

 ناري سلميٰ بروهي الزام هنيو هو ته هوءَ جڏهن پسند جي شادي لاءِ سيوهڻ جي سيشن ڪورٽ ۾ وئي ته جج مبينا طور کيس لڄالٽ جو نشانو بڻايو هو، اهڙو ڪيس داخل ٿيڻ بعد سنڌ هاءِ ڪورٽ سيشن جج امتياز ڀٽو کي معطل ڪري ڇڏيو هو...

گمبٽ پوليس گمس ۾ ڀڃ ڊاهه ۽ حملي ۾ ملوث ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو.

 گرفتار ٿيلن ۾ زاهد پنهور، ممتاز جوڻيجو ۽ فراز جوڻيجو شامل آهن. اسپتال ۾ جوابدارن جي هنگامي ۽ ڀڃ ڊاهه دوران اهم سامان کي نقصان پهچائڻ سان گڏ ڊاڪٽر ناصر داد زخمي ٿيو.

گمس جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر رحيم بخش چيو آهي ته حملو ڪندڙ جوابدار زاهد پنهور مان هڪ جو ڀاءُ مهر ميڊيڪل ڪاليج ۾ انچارج آهي، جوابدار پنهنجي ساٿين سان گڏجي گمس ۾ بدلي لاءِ اين او سي وٺڻ آيو، انڪار ڪرڻ تي اسپتال ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي.

آءِ جي سنڌ واقعي جي رپورٽ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه آڏو پيش ڪري ڇڏي. جڏهن ته ايس ايس پي خيرپور امير سعود مگسي گمس اسپتال گمبٽ جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر رحيم بخش ڀٽيءَ سان نوشهروفيروز جي انسپيڪٽر زاهد پنهور ۽ سندس ٻن ساٿين لالا فراز ميمڻ ۽ ممتاز جوڻيجو پاران بدتميزي ڪرڻ واري واقعي جو نوٽيس وٺڻ کان بعد پوليس انسپيڪٽر ۽ سندس ٻن ساٿين کي گرفتار ڪري مٿن دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري ڇڏيو.

 ايس ايس پي خيرپور ڊي ايس پي گمبٽ ۽ ايس ايڇ او گمبٽ کي اسپتال جي سيڪيورٽي وڌيڪ سخت بنائڻ جا حڪم پڻ جاري ڪري ڇڏيا آهن.

 

ڪراچي ۾ ڊاڪٽر ماها شاهه جي مبينا آپگهات ۾ استعمال ٿيل پسٽل جي مالڪ جو پتو لڳايو ويو آهي

، پوليس جو چوڻ آهي ته مبينا آپگهات بعد واقعي واري هنڌ تان مليل پسٽل جو لائسنس سعد نصير نالي شخص جو آهي،

سعد نصير نالي شخص 2010 ۾بشير خان ٽريڊنگ ڪمپني وٽان پسٽل خريد ڪيو هو ،

 پوليس سعد نصير جي ڳولا ۽ سندس ڊاڪٽر ماها سان رابطن بابت جاچ شروع ڪري ڇڏي.

جوهي ڀرسان ايف پي بند کي لڳل گهارن جي جاچ شروع، آبپاشي کاتي جي چيف انجنيئر، ايس اِي ۽ انجنيئر جا بيان رڪارڊ

دادو جي آبپاشي کاتي ۽ ضلعي انتظاميا گاج ڊائيورز، بند ٽٽڻ جو ذميوار واپڊا کي قرار ڏئي ڇڏيو

جوهي ڀرسان ايف پي بند کي لڳل گهارن جي جاچ شروع ڪري ڇڏي، سرڪٽ هائوس دادو ۾ قاضي شاهد پرويز اڳواڻي ۾ حڪومتي ٽيم آبپاشي کاتي جي چيف انجنيئر، ايس اِي ۽ انجنيئر جا بيان رڪارڊ ڪيا ويا

 دادو جي آبپاشي کاتي ۽ ضلعي انتظاميا گاج ڊائيورز بند ٽٽڻ جو ذميوار واپڊا کي قرار ڏئي ڇڏيو،

ذريعن موجب دادو جي انتظاميا جاچ ٽيم آڏو چيو آهي ته گاج ڊئم جي اڏاوت دوران پاڻي جي وهڪرو روڪڻ لاءِ هڪ پاسي کان ڀتيون اڏڻ سان گڏ بند ڏنو ويو،

نئن گاج ۾ پاڻيءَ جي تيز وهڪري جي ٽڪرائجڻ بعد گاج ڊائيورزن بند کي گهارا لڳا، قاضي شاهد پرويز آڏو ضلعي انتظاميا جا بيان رڪارڊ ٿيڻ دوران دادو ۽ جوهي مان چونڊيل نمائندا به موجود هئا،

 قاضي شاهد پرويز چيو آهي ته گاج ڊئم ٺهيل هجي ها ته پاڻي ڪنٽرول کي ڪنٽرول ڪري نقصان کان بچي سگهجي ها، هاڻي پلاننگ ڪري رهيا آهيون، ايف پي بند کي لڳل گهارن بابت جاچ رپورٽ هو وڏي وزير آڏو پيش ڪندو

سرحد لڳ قومي شاهراه تي ٽرالر ۽ ڪنٽينر وچ ۾ ٽڪر 2 ڄڻا زخمي

سرحد ٿاڻي جي حد قومي شاهراه تي ٽرالر ء ڪنٽينر وچ ۾ ٽڪر  ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا حنيف ڪلهوڙو ء نصير ڪلهوڙو زخمي ٿي پيا جن کي تعلقي اسپتال گهوٽڪي پهچايو ويو آهي.

ڪُنب ڀرسان پاڻي جي واري تان جهيڙي ۾ سڳي ڀاءُ هٿان ڀاءُ قتل

جوابدار فرار

ڪُنب ڀرسان ڳوٺ نصير فقير جلالاڻي ۾ پاڻي جي واري تان جهيڙي ۾ سڳي ڀاءُ هٿان ڀاءُ قتل ٿي ويو،

جوابدار عبدالغني جلالاڻي پنهنجي ڀاءُ عبدالڪريم جلالاڻي کي ڪهاڙيون هڻي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو،

 لاش ڪيتري ئي دير تائين واقعي واري هنڌ پيل رهيو، اطلاع تي پوليس پهتي ۽ لاش اسپتال منتقل ڪيو، ڪوٽڏيجي اسپتال ۾ پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي، پوليس جوابدار جي گرفتاري لاءِڇاپا نه هنيا،

 پوليس چيو آهي ته شروعاتي طور جاچ ۾ لڳي ٿو ته واقعو پاڻي جي تڪرار تان پيش آيو آهي، متاثر ڌُر طرفان ڪيس داخل ٿيڻ بعد وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي.

2 مهينا اڳ قتل ٿي ويل ڏهرڪي واسي نوجوان جي قتل ۾ ملوث جوابدارن مان هڪ جوابدار سوگهو ،مقتول جي وارثن پاران ٻيا جوابدار به گرفتار ڪرڻ جو مطالبو

2 مهينا اڳ ڏهرڪي جي ، مسلم ڪالوني ۾ هٿياربندن گهر ۾ گهڙي ننڊ سُتل گهر ڀاتين تي هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا هئا، گوليون لڳڻ سبب امان الله سميجو ٿڌي تي مارجي ويوهو جڏهن ته سندس  امڙ ميهر خاتون ۽ والد واڌل زخمي ٿي پيا. واقعي کانپوءِ هٿياربند فرار ٿي ويا هئا

 ڏهرڪي پوليس قتل ڪيس م ملوث جوابدارن مان هڪ جوابدار اصغر سميجو کي گهوٽڪي جي  رحمووالي واري علائقي  مان گرفتار ڪري ورتو آهي

 هوڏانهن مقتول جي وارثن محمد ياسين سميجو محمد عالم غلام رسول سميجو ۽ ٻين صحافين اڳيان احتجاج ڪندي مطالبو ڪيو  آهي ته ڪيس ۾ گهربل ٻين جوابدارن کي به گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي

 

Comments

Popular posts from this blog

ايس ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل پاران ضلعي جي پوليس کي سماجي

قادرپور ويجهو سنڌو درياء ۾ پاڻي جي سطح ۾ لاٿ اچڻ بعد درياء

شهري اتحاد سرحد پاران سرحد ۾ روڊ حادثن کان حفاظت جي سلسلي ۾ سيمينار ٿي گذريو،