گهوٽڪي ۾ جِي ڊي اَي ايم پي اَي علي گوهرخان مهر جَي اهم سياسي اتحادي پنهنجا رستا ڌار ڪري ڇڏيا.
گهوٽڪي ۾ جِي ڊي اَي ايم پي اَي علي گوهرخان مهر جَي اهم سياسي اتحادي پنهنجا رستا ڌار ڪري ڇڏيا. اڳوڻو ايم پي اَي رحيم بخش بوزدار، علي گوهر مهر سان اتحاد ختم ڪري پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي ويو. ميرپورماٿيلو لڳ ڳڙهي چاڪر ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه سان ملاقات دوران سرداررحيم بخش خان بوزدار طرفان پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو. ڳڙهي چاڪَر ۾ وڏي وزير سان رحيم بخش بوزدار جِي ملاقات دوران صوبائي وزير به موجود هئا. , سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاه نثار کهڙو سان گڏ سردار رحيم بخش خان بوزدار ميڊيا سان ڳالهيندي چيو ته اسان جا پ پ پ سان پراڻا واسطا آھن اسان پ پ پ سان گهڻا ويجها رهيا آھيون ڪجھ وقت پري رهڻ کان پوء اڄ پراڻن دوست ياد ڪيو آھي انهن جي مهرباني آھي اسان پنهنجي پوري برادري سميت پ پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪيون ٿا ,ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڳالهائيندي چيو ته پراڻو ساٿي ۽ جهونو سياستدان سردار رحيم بخش خان بوزدار اسان سان ٻيهر گڏ ٿيو آھي اسان ان جو شڪريو ادا ڪيون ٿا هن هميشه عوام جي خدمت ڪئي آھي ۽ هاڻي به اڳ جيان ڪندو رهندو, هن وڌيڪ چيو هي پورو سال اسان ۽ توه