وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران برسات متاثر
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران برسات متاثر علائقن جو دورو ڪيو ويو، ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته مڪاني چونڊون تڪ بندين بعد ٿينديون، تڪبندين کي سي سي آءِ پاران منظور ڪرڻو آهي، قانون موجب مردم شماري بعد نيون تڪبنديون ٿينديون، تڪبنديون ٿي وڃن ته پوءِ قانون موجب 120 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائينداسين، مراد علي شاهه چيو ته لاهور موٽر وي واقعي جي سخت مذمت ڪريان ٿو، واقعي ۾ بي حسي جو ثبوت ڏنو ويو جيڪو افسوسناڪ آهي، سنڌ ۾ برساتن ۽ گهارن بعد متاثرن ٿيندڙ ماڻهن جي مدد ڪيون پيا. هن چيو ته سنڌ سرڪار عوام جي خدمت ڪري رهي آهي، آصف زرداري بهادري سان ڪيسن کي منهن ڏنو آهي، سنڌ جي 21 ضلعن کي آفٽ سٽيل قرار ڏنو ويو آهي، عوام کي اڪيلو نه ڇڏيو ويندو . لاهور ۾ موٽر وي تي زيادتي ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي،جوابدار ڄاڻايل وقار الحسن سي آءِ اي ماڊل ٽائون وٽ پاڻمرادو پيش ٿي ويو،عورت سان زيادتي جو ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ذريعن موجب مک جوابدار عابد علي جو ساٿي جوابدار وقار الحسن سي آءِ اي ماڊل ٽائون آڏو پاڻ پيش ٿيو آهي.جوابدار وقار الحسن جو چوڻ آهي ته عور