وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران برسات متاثر
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران برسات متاثر علائقن جو
دورو ڪيو ويو،
ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته مڪاني
چونڊون تڪ بندين بعد ٿينديون، تڪبندين کي سي سي آءِ پاران منظور ڪرڻو آهي، قانون
موجب مردم شماري بعد نيون تڪبنديون ٿينديون، تڪبنديون ٿي وڃن ته پوءِ قانون موجب
120 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائينداسين،
مراد علي شاهه چيو ته لاهور موٽر وي واقعي جي سخت مذمت ڪريان ٿو،
واقعي ۾ بي حسي جو ثبوت ڏنو ويو جيڪو افسوسناڪ آهي، سنڌ ۾ برساتن ۽ گهارن بعد
متاثرن ٿيندڙ ماڻهن جي مدد ڪيون پيا.
هن چيو ته سنڌ سرڪار عوام جي خدمت ڪري رهي آهي، آصف زرداري بهادري
سان ڪيسن کي منهن ڏنو آهي، سنڌ جي 21 ضلعن کي آفٽ سٽيل قرار ڏنو ويو آهي، عوام کي
اڪيلو نه ڇڏيو ويندو.
لاهور ۾ موٽر وي تي زيادتي ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي
آهي،جوابدار ڄاڻايل وقار الحسن سي آءِ اي ماڊل ٽائون وٽ پاڻمرادو پيش ٿي ويو،عورت
سان زيادتي جو ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو،
ذريعن موجب مک جوابدار عابد علي جو ساٿي جوابدار وقار الحسن سي آءِ
اي ماڊل ٽائون آڏو پاڻ پيش ٿيو آهي.جوابدار وقار الحسن جو چوڻ آهي ته عورت سان
لڄالٽ واقعي ۾ ملوث نه آهيان:
وقار الحسن سي آءِ اي آڏو اعتراف ڪيو آهي ته جوابدار عابد علي سان
ٻين ڏوهن ۾ شريڪ رهيو آهيان پر عورت سان زيادتي واري ڪيس سان منهنجو ڪو به تعلق
ناهي،
پوليس ذريعن موجب عباس کي به جاچ ۾ شامل ڪيو پيو وڃي،۽ وقار الحسن
جا مائٽ به ملوث هجڻ جو شڪ آهي.
پنجاب سرڪار عورت زيادتي ڪيس ۾ عابد علي ۽ وقار الحسن کي جوابدار
ڄاڻايو هو.
موسميات کاتي پاران سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اڄ ۽ سڀاڻي برسات
جو امڪان ظاهر ڪيو آهي،
موسميات کاتي موجب ڪراچي، ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، سانگهڙ ۽ ميرپورخاص ۾
برسات جو امڪان آهي،جڏهن ته سکر،لاڙڪاڻو،نوابشاهه،بدين، ٺٽي،۽ حيدرآباد سميت سنڌ
جي مختلف علائقن ۾ برسات جو امڪان آهي.
جنهن لاءِ الرٽ جاري ڪيو ويو آهي..
ڪراچي جي لياري واري علائقي ۾ 2 ماڙ عمارت ڪري پئي جنهن جي نتيجي ۾ 2
ڄڻن فوت ۽ 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا..
لياري جي ڪوئله گودام ويجهو 2 ماڙ عمارت ڌماڪي سان ڪري پئي، ريسڪيو
ذريعن موجب عمارت جي ملبي مان ٻن لاشن کي ڪڍيو ويو آهي. جڏهن ته 10 ماڻهو زخمي ٿي
پيا آهن، ڪيترائي ماڻهو عمارت جي ملبي ۾ دٻيل هجڻ جو خدشو به ظاهر ڪيو پيو وڃي.
پوليس،ريسڪيو رضاڪار ۽ علائقي واسي واقعي واري هنڌ وڏي انگ ۾ پهچي
ويا، امدادي ڪارروايون تيز ڪيون ويون آهن.
حيدرآباد ويجھو تلاءُ ۾ ويجھن دوران نوجوان ٻڏي فوت ٿي
ويو..
حيدرآباد جي گنجي ٽڪر واري علائقي ۾ تلاءُ ۾ وهنجڻ دوران نوجوان ٻڏي
فوت، دوستن ۽ علائقي واسين گڏيل ڪوششن سان نوجوان طيب جو لاش ڪڍي ورتو،
علائقي واسين جو چوڻ آهي ته او جي ڊي سي ايل طرفان ٺاهيل تلائن ۾
پاڻي جي سطح وڌي وئي آهي، انتظامي لاپرواهي سبب هڪ هفتي دوران ٻڌي فوت ٿيڻ جو هڪ
ٻيو واقعو پيش آيو آهي..
ڪراچي ۾ 7 سالن جي نينگري سان زيادتي جي الزام ۾
60 سالن جي پوڙهي کي پوليس گرفتار ڪري ورتو..
شاھ لطيف ٽائون واري علائقي ۾ ستن سالن جي معصوم نينگري سان زيادتي
جي الزام هيٺ 60 سالن جي جوابدار شهاب بيگ کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
نينگري جي پيءُ محمد اسماعيل نيازي الزام لڳائيندي چيو آهي ته سندس
نينگري کي پاڙيسري شيءِ وٺي ڏيڻ بهاني گهر ۾ وٺي وڃي زيادتي جو نشانو بڻايو.
نينگري جي وارثن موجب نينگري گهر روئيندي اچي حقيقت ٻڌائي جنهن بعد
سندس نشانڌهي تي جوابدار جي گهر پهتاسين.
زيادتي جو شڪار ٿيل نينگري جي والد جي فرياد تي پوليس ڪيس داخل ڪري
جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي..
سنڌو درياهه ۾ ٻوڏ جي وهڪرن ۾ لاٿ اچڻ جو سلسلو جاري
آهي..
گڊو بئراج وٽ سنڌو جو مٿانهون وهڪرو 2 لک 67 هزار 417 ۽ هيٺانهون
وهڪرو 2 لک 35 هزار 467 ڪيوسڪ رڪارڊ،سکر بئراج وٽ مٿانهون وهڪرو 3 لک 90 هزار 910
۽ هيٺانهون وهڪرو 3 لک 47 هزار 780 ڪيوسڪ ٿي ويو،
ڪوٽڙي بئراج وٽ درياهي وهڪرن ۾ واڌ جاري، ڪوٽڙي وٽ سنڌو درياءُ جو
مٿانهون وهڪرو 2 لک 54 هزار 407 ۽ هيٺانهون وهڪرو 2 لک 44 هزار 447 ڪيوسڪ رڪارڊ
ڪيو ويو.
ڪنڌڪوٽ ۾ معصوم نينگري کي مبينا اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ
جوابدار کي علائقي واسين پڪڙي
پوليس حوالي ڪري ڇڏيو..
ڪنڌڪوٽ جي مدرسا محلي ۾ نينگري رابعه کي مبينا اغوا ڪرڻ جي ڪوشش
ڪندڙ جوابدار مدد شيخ کي علائقي واسين پڪڙي ورتو،
جوابدار کي علائقي واسين پاران روڪڻ تي جوابدار طرفان مزاحمت ڪئي
وئي،جڏهن ته علائقي واسين نينگري کي هٿ ڪري اغوا ڪندڙ شخص کي سوگهو ڪري پوليس
حوالي ڪري ڇڏيو..
بڊاڻي ويجھو ڪجھ ڏينهن اڳ چوري ٿيل موٽرسائيڪل
واپس نه ٿي ڳوٺاڻن جو احتجاج نوٽيس جو مطالبو ڪيو ويو...
بڊاڻي جي مرتضي چوڪ تان چار ڏينھن اڳ چوري ٿيل موٽرسائيڪل
واپس نه ٿي سگهي اهڙي عمل خلاف ڳوٺاڻن جو اڪبر علي ڊومڪي،عبدالحميد ڊومڪي ۽ ٻين جي
اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو.
مظاهرين ايس ايس پي ڪشمور ۽ ٻين وس وارن کان نوٽيس وٺڻ جو
مطالبو ڪيو آهي..
گهوٽڪي ويجھو نامعلوم هٿياربندن گهر ۾ داخل ٿي نوجوان کي
گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو..
گھوٽڪي ويجھو بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ دوست محمد بلو ۾ نامعلوم ھٿياربندن
گھر ۾ داخل ٿي 22 سالن جي نوجوان محمد ھاشم پٽ محمد قاسم بلو
کي گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو,
اطلاع تي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش کڻائي تعلقا اسپتال گهوٽڪي
منتقل ڪيو جتان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.
جڏهن ته نوجوان پاڪ فوج ۾ سپاھي طور ملازم ھو ۽ ڪجھ ڏينهن اڳ موڪل تي
گھر آيل هو.ٻي پاسي پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آھي.
عادلپور ويجھو پورهيت نوجوان جي گهر کي مبينا
نامعلوم جوابدارن پاران باهه ڏيڻ خلاف احتجاج نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو...
عادلپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ گولو ابڙو ۾ نامعلوم ماڻهن پاران فرمان
ابڙو جي گهر کي مبينا طور تي باهه ڏيئي فرار ٿي ويا.
اهڙي واقعي بعد متاثرن فرمان ابڙو،صفيع الله ابڙو ۽ ٻين عادلپور
پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪندي الزام هنيو آهي ته نامعلوم ماڻهون اسان جي گهر کي باهه ڏيئي
فرار ٿي ويا آهي جنهن بعد اسان پنهنجي مدد پاڻ تحت باھ کي وسائي نقصان ٿيڻ کان بچائي
ورتو آهي،
احتجاج ڪندڙن ايس ايس پي گهوٽڪي سميت ٻين وس واران کان
نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
گوجرانوالا ۾ ويڳي پيءُ 17 سالن جي ڌيءَ کي مبينه طور تي
زيادتي جو نشانوبڻائي ڇڏيو.
پوليس موجب واقعو گذريل ڏينهن گوجرانوالا جي دهلي ٿاڻي جي علائقي ۾
پيش آيو. رپورٽ موجب 17 سالن جي ڇوڪري جو پيءُ فوت ٿيو ته ماءُ ٻئي شادي ڪري ورتي.
جوابدار گهر ۾ اڪيلو هجڻ تي ڌيءَ کي مبينه طور تي زيادتي جو نشانو
بنائي ڇڏيو. متاثر ڇوڪري کي ميڊيڪل ٽيسٽ جي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
جڏهن ته متاثر ڇوڪري پاران رڙيون ڪرڻ تي پاڙيوارن پوليس کي گهرائي
جوابدار کي گرفتار ڪرائي ڇڏيو. پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڏني
آهي.
Comments
Post a Comment