پاڪستان ۾ ڪورونا وبا کان بچاءُ لاءِ وئڪسين جي انسانن تي ٽرائل جي شروعات

 

.

پاڪستان ۾ ڪورونا وبا کان بچاءُ لاءِ وئڪسين جي انسانن تي ٽرائل جي شروعات،

وئڪسين ڪـَيسائـِينـَو جَي ڪلنيڪل ٽرائل جا نتيجا اچڻ ۾ 4 کان 6 مهينا لڳي سگهن ٿا، وزيراعظم جي خصوصي معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو آهي ته وئڪسين جو ٽرائل ملڪ اندر صحت جي نظام ۾ بهتري آڻڻ لاءِ اهم آهي، چين جي مدد سان شروع ٿيل ٻئي مرحلي ۾ 508 ماڻهن تي ٽرائل ڪيو ويندو، ٽئين مرحلي ۾ 8 کان 10 هزار ماڻهن تي ٽرائل ٿيندو، سمورن ٽرائلز جا هاڪاري نتيجا اچڻ کانپوءِ ڪورونا کان بچاءُ جي وئڪسين کي پاڪستان ۾ متعارف ڪرايو ويندو.

اين سي او سي سموري ملڪ ۾ سڀاڻي کان ٻئين مرحلي ۾ تعليمي ادارا کولڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي،

وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ تعليم واري وفاقي وزير، صوبائي وزيرن ۽ سيڪريٽريز شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ ٻئي مرحلي ۾ تعليمي ادارا 28 سيپٽمبر تي کولڻ وارو سنڌ حڪومت جو فيصلو رد ڪيو ويو،

اين سي او سي جي اجلاس بعد ڪي پي ۽ پنجاب سرڪار سڀاڻي کان ٻئي مرحلي ۾ تعليمي ادارا کولڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو،

سنڌ سرڪار ڇهين کان اٺين درجي تائين تعليمي ادارا سڀاڻي کان نه کولڻ واري فيصلي تي قائم آهي.

تعليمي ادارن جي تالابنديءَ  خلاف ميرپور ماٿيلي ۾ سنڌ پرائيويٽ انسٽيٽيوشنز نيٽ ورڪ گهوٽڪي پاران  احتجاج ,جلد اسڪول کولڻ جو مطالبو

سنڌ ۾ تعليمي ادارن کي کولڻ جي حوالي سان سنڌ پرائيويٽ انسٽيٽيوشنز نيٽ ورڪ جي ڏنل سڏ تي محمد نواز چارڻ افتخار نائچ،ذيشان ڪلوڙ خالد آرائين عبدالحڪيم پنهور طارق عزيزشيخ اختر اوڳاهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب ميرپور ماٿيلي کان ڀٽائي چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي

 جنهن ۾ گهوٽڪي ضلعي جي نجي اسڪول جي مالڪن،پرنسپالز،استادن والدين سميت ساڃاه وندن  وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي .

احتجاجي ريلي دوران تعليم بچايو ۽ٻارن جو مستقبل بچايو جا نعرا پڻ هنيا ويا

 ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ملڪ ۾ شادي هالز هوٽلز بازارون توڙي مال پڙيون کولڻ جي اجازت ڏني وئي آهي پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته تعليمي ادارن مٿان بندش برقرار آهي جيڪا سراسر زيادتي آهي.

هنن چيو ته  ست مهينا  تعليمي ادارابند ٿيڻ سبب تعليم تباهي جي ڪناري تي پهچي چڪي آهي پر پوءِ به سنڌ حڪومت هوڏ تان نه ٿي لهي.

ان موقعي تي سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته اين سي او سي جي فيصلي  کي مدنظر رکندي نرسري کان اٺين درجي تائين في الفور اسڪولن کي کولڻ جي اجازت ڏئي تعليمي سرگرمين کي بحال ڪيو وڃي

هنن چيو ته جيڪڏهن اين سي او سي جي فيصلي تي عمل نه ڪيو ويو ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

ڪراچي ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ اجلاس، حيدرآباد ۽ ميرپورخاص ڊويزن ۾ امدادي ڪمن جو جائزو ، اجلاس کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ جي 5 لک ايراضي تي پاڻي بيٺل آهي،

 سيڪريٽري ايريگيشن جو چوڻ هو ته اسان پاڻي نيڪال وارو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، وڏي وزير چيو ته ايندڙ 15 ڏينهن ۾ ضرور پاڻي نيڪال ٿيڻ گهرجي، وڏي وزير چيو ته عوام جي تڪليفن جو احساس آهي، پاڻي نيڪال لاءِ قدم کنيا وڃن

پ پ اڳواڻ نثار کهڙو جي عدالت ضمانت منظور ڪري ورتي، عدالت طرفان پ پ اڳواڻ کي 20 لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، عدالت نيب کي نٿار کهڙو کي گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو، ان کان اڳ نثار کهڙو نيب طرفان گرفتار ڪرڻ جي خدشي سبب عدالت سان رابطو ڪيو هو، هُن چيو هو ته نيب مون کي طلب ڪيو آهي، خدشو آهي ته گرفتار ڪيو ويندو، هاڻ عدالت نثار کهڙو جي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.

 

ڪراچي جي علائقي تيموريه ۾ پوليس اهلڪار جي عورت سان مبينا لڄالٽ، اهلڪار ڪامران خلاف ڪيس داخل،

 زيادتي جو نشانو بڻيل عورت چيو آهي ته هوءَ اهلڪار ڪامران جي گهر ۾ ڪرائي تي رهي ٿي، جوابدار کيس اڪيلو ڏسي گهر ۾ گهڙي زيادتي جو نشانو بڻايو، مڙس دانهن کڻي ٿاڻي تي ويو ته کيس تشدد جو نشانو بڻايو ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته جاچ جاري آهي، وڌيڪ حقيقتون ميڊيڪل رپورٽ کانپوءِ سامهون اينديون.

دادو ڀرسان ڳوٺ مراد آباد ۾ پوليو ٽيم تي هٿياربندن جو حملو، فائرنگ ۾ پوليو ورڪر عزيز الله پنهور مرڻينگ،

 ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نواب شاهه اسپتال منتقل، پوليس چيو آهي ته پوليو ورڪر عزيز الله پنهور ٻارن کان پوليو جا ڦڙا پيئارڻ لاءِ پنهنجي ايريا ۾ وڃي رهيو هو ته هٿياربندن حملو ڪيو، حملي جا ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ جاچ ۽ جوابدارن جي ڳولا جاري آهي.

..

 

پ پ پ گهوٽڪي ضلعي جي اڳوڻي صدر ايڊوڪيٽ سيد عبدالطيف شاه محمد قاسم شاه،صلاح الدين شاھ،قطب الدين شاھ،سراج الدين شاھ سيد سيف الددين شاهه جي والده هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري وئي آهي جنهن جي جنازي نماز اڄ منجهند جو 03:00 وڳي ڳوٺ  سيد دائم شاھ جيلاني ۾ ادا ڪرڻ بعد کيس مٽي ماء حوالي ڪيو ويندو۔

 هڪ مريض کي  اسپتال داخل ڪرايو ويو آهي جنهن کي بي پازيٽو رت جي سخت ضرورت آهي جيڪڏهن اوهان جي رت جو گروپ بي پازيٽو آهي ته رت جو عطيو ڏيڻ لاءِ 03342596457 تي رابطو ڪري انساني زندگي بچائي سگهو ٿا

 

 

 

 

 

Comments

Popular posts from this blog

ايس ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل پاران ضلعي جي پوليس کي سماجي

قادرپور ويجهو سنڌو درياء ۾ پاڻي جي سطح ۾ لاٿ اچڻ بعد درياء

شهري اتحاد سرحد پاران سرحد ۾ روڊ حادثن کان حفاظت جي سلسلي ۾ سيمينار ٿي گذريو،