درگاه جهانپور شريف تي ميلو گهمڻ لاء ويندڙ نينگر سميت چار ڄڻا گم
ڳوٺ ڊرنگ ملوڪ والي جا رهواسي جيوڻ ميراڻي سرحد ٿاڻي تي
پهچي اطلاع ڪيو آهي ته صاحب علي ميراڻي ، قربان علي ميراڻي ، بهادر علي ۽ 7 سالن
جو مقداد علي ميراڻي جهانپور شريف ميلو گهمڻ لاء ويا هئا ته واپس نه موٽيا ۽ رات
کان وٺي سندن موبائيل فون به مسسلسل بند آهن
هوڏانهن اهڙو اطلاع ملڻ بعد سرحد پوليس نينگر سميت چئن ڄڻن
جي اغوا بابت جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي
سنڌ ۾ 15 سيپٽمبر کان شروع ٿيندڙ نئون تعليمي سال
154 ڏينهن جو هوندو، 15 اپريل 2021ع تائين نصاب مان اهم سبجيڪٽ (مضمون) 40 سيڪڙو مڪمل
ڪرائڻ جو حدف مقرر ڪيو ويو،
ان ڏس ۾ معلوم ٿيو آهي ته تعليم کاتي جي اسٽيئرنگ ڪاميٽي پاران
هلندڙ تعليمي سال 154 ڏينهن جو ترتيب ڏنو ويو آهي، جنهن مطابق نائين ۽ ڏهين ڪلاس ۾
سائنس، ميٿاميٽڪس ۽ لينگويجز جا سبجيڪٽ 40 سيڪڙو،
يارهين ۽ ٻارهين ڪلاس جا ساڳيا سبجيڪٽ 30 سيڪڙو، 6 کان اٺين درجي تائين جا ساڳيا سبجيڪٽ 50 سيڪڙو
پڙهائڻ لازمي هوندا،
اهڙي ريت پهرين کان پنجين ڪلاس تائين لاءِ انگي حساب سميت
سموري جنرل ڄاڻ جو 30 سيڪڙو نصاب مڪمل ڪرڻ لازمي هوندو، جڏهن ته نئين تعليمي سال جي
امتحانن واري شيڊيول مطابق چوٿين کان 8 ڪلاس جي شاگردن جا امتحان 12 کان 16 اپريل تائين
وٺي نتيجا 19 اپريل 2021ع تي جاري ڪيا ويندا،
پهرين کان ٽئين درجي تائين جي شاگردن کي مٿيئن درجي ۾ ٽپايو
ويندو، نائين ۽ ڏهين درجي جا امتحان 7 کان 17اپريل تائين ٿيندا، جن جا نتيجا 19 جولاءِ
2021ع تي ايندا،
يارهين ۽ ٻارهين درجي جا امتحان 18 کان 29 مئي تائين ٿيندا،
جولاءِ مهيني کان ويڪيشن ٿيندي، جڏهن ته 6 سيپٽمبر 2021ع تي يارهين ۽ ٻارهين ڪلاس جا
نتيجا پڌرا ڪيا ويندا،
ايندڙ تعليمي سال پرائمري
کان اٺين درجي تائين 3 مئي کان شروع ٿيندو، جڏهن ته نائين کان وٺي ٻارهين درجي جا ڪلاس
2 آگسٽ کان شروع ٿيندا.
برسات متاثرن کي خيما، مڇر دانيون، راشن ۽ مال لاءِ
چارو مهيا ڪرڻو آهي، وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ اجلاس دوران سنڌ ۾ تازين
برساتن سبب ٿيل نقصان ۽ متاثرن جي سهائتا لاءِ اپائن تي غور ڪيو ويو،
وڏي وزير چيو آهي ته ميرپور خاص ۽ حيدرآباد ليفٽ بئنڪ جا ضلعا
سخت متاثر ٿيا آهن، اسان کي متاثرن جي مدد ۽ بحالي ڪرڻي آهي،
وڏي وزير لائيو اسٽاڪ کاتي کي ٿر، سانگهڙ، بدين ۽ عمرڪوٽ ضلعن
۾ عوام کي سهولتون توڙي مال جو چارو مهيا ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
ڊاڪٽر ماها شاهه جي آپگهات واري ڪيس ۾جڊيشل مئجسٽريٽ
ڏکڻ جي عدالت قبرڪشائي ۽ پوسٽ مارٽم بابت درخواست تي تحريري فيصلو جاري ڪري ڇڏيو،
عدالت ڊاڪٽر ماها شاهه جي قبرڪشائي ۽ پوسٽ مارٽم بعد درخواست
منظوري ڪري ورتي، تحريري حڪم نامي ۾چيو ويو آهي ته عدالت کي قبرڪشائي تي ڪو به اعتراض
ناهي،
تحريري فيصلي موجب قانون موجب ڪارروائي
ڪئي وڃي، عدالت انويسٽيگيشن ۾ مداخلت نٿي ڪري سگهي.
،
آءِ جي سنڌ پوليس مشتاق مهر چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ سان ملاقات
ڪئي،آهي
ملاقات بعد آءِ جي سنڌ
ميڊيا کي ڪنهن به سوال جو جواب ڏيڻ کانسواءِ واپس روانو ٿي ويو.
جيڪب آباد مان آئيس فيڪٽري جي چوڪيدار جو گولي لڳل
لاش هٿ،آيو آهي
جيڪب آباد شهر جي جوڙيا چوڪ وٽان آئيس فيڪٽري جي چوڪيدار 25 ورهين جي هڪ ڄنگهه کان معذور چوڪيدار آصف رند
جو گولي لڳل لاش هٿ آيو،
اطلاع تي پوليس پهچي لاش تحويل ۾وٺي اسپتال پهچايو،
نوجوان جي وارثن جو
چوڻ آهي ته اسان جي ڪنهن سان به ڪا دشمني ناهي، هوڏانهن فيڪٽري مالڪ جو چوڻ آهي ته
نوجوان چوڪيداري ڪندو هو، رات به ڊيوٽي تي موجود هو.
خيرپور جي ذوالفقار ڪالوني ۾ گاڏي بيهارڻ تي سومرا ۽ ڦلپوٽا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جهيڙي جي
دوران لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا،
زخمين کي طبي امداد
لاءِ مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
هڪ سال اڳ پاڪستان ڇڏي ڀارت ويل 2 هندو خاندان تنگ
ٿي واپس سنڌ پهچي ويا
تفصيل موجب هڪ سال اڳ سنڌ جا ٻه هندو خاندان جيڪي پاڪستان ڇڏي
ڀارت هليا ويا هئا، اهي تنگ ٿي واپس سنڏ پهچي ويا، واپس پهتل هندو خاندانن جو ميرپور
ماٿيلو ڊي سي آفيس ۾ شاندار استقبال ڪيو ويو،
هڪ سال اڳ گهوٽڪي جي ڏهرڪي شهر جو نانڪ رام خاندان، عمر ڪوٽ
جي ڪنعيا لعل جو خاندان جيڪي 14 گهر ڀاتين سان ڀارت جي شهر جوڌ پور لڏي ويا هئا،
نانڪ رام جو چوڻ آهي
ته ڀارت ۾ اسان انتهائي تنگ ٿياسين، پاڪستان حڪومت کي خط لکياسين، حڪومت واپس ڪرايو
آھي، اڄ سنڌ جي ڌرتي تي اچي اسان ٻهڪي پيا آھيون،
هن چيو ته ڀارت ۾ جيترو وقت رهياسين هڪ پل به پنهنجي ڌرتي کي
نه وساريوسين، ٻنهي خاندان جو ڊي سي آفيس ۾ شاندار استقبال ڪيو ويو،
جيڪب آباد سول اسپتال انتظاميا پاران ايمبولنس نه
ڏيڻ ڪري ڳوٺاڻا فوتي نينگري جو مڙهه رڪشا ۾ کڻائي ويا،
فوتي نينگري جي وارثن جو چوڻ آهي ته ڪريما جي حالت خراب ٿيڻ
بعد سول اسپتال پهچايو ته ڊاڪٽرن ايئربيس اسپتال کڻائي وڃڻ جو مشورو ڏنو،
نينگري ايئربيس اسپتال کڻائي وڃي رهيا
هئاسين ته هن رستي ۾ دم ڏئي ڇڏيو، واپس سول اسپتال پهچي انتظاميا کان ايمبيولنس جي
گهر ڪئي پر نه ڏني وئي،
هوڏانهن سول سرجن ڊاڪٽر عبدالمالڪ کرل ايمبولنس هر وقت اسپتال
۾ موجود هوندي آهي، مامري جي جاچ ڪئي ويندي.
قمبر ويجهو نوجوان جو گوليون لڳل لاش هٿ، اسپتال منتقل
قمبر ويجهو نوجوان جو گوليون لڳل لاش هٿ آيو، ڳوٺ گل ڪرٽيو جي
لاڙي ڀرسان هٿ آيل نوجوان جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو،
نوجوان جي سڃاڻپ ڳوٺ خان بروهي واسي شاهه بخش بروهي طور ڪئي
وئي.
Comments
Post a Comment