انسانيت کي دردنگي جو نشانو بڻائيندڙ دهشتگرد انجام تي پهچي وي

 

انسانيت کي دردنگي جو نشانو بڻائيندڙ دهشتگرد انجام تي پهچي ويو عدالت نيوزيلينڊ جي مسجد ۾ نمازين کي شهيد ڪندڙ دهشتگرد گرد برينٽن ٽيرينٽ کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي

غير ملڪي خبر ايجنسي مطابق ته نيوزيلينڊ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن جوابدار کي بغير پيرول جي عمر قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي

آسٽريلوي دهشت گرد برينٽن پهريان ڏوه جو اعتراف ڪرڻ کان انڪار ڪيو پر بعد ۾ دهشتگردي تسليم ڪري ورتي

فيصلي دوران عدالت ٻاهران شهيدن جي وارثن جو وڏو تعداد موجود هو

ڪيوي وزيراعظم جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته مسجد تي حملو ڪندڙ دهشتگرد عمر قيد جو ئي مستحق هو

ياد رهي ته آسٽريلوي دهشتگرد 15 مارچ 2019 تي نيوزيلينڊ جي شهر ڪرائسٽ چرچ جي ٻن  مسجدن ۾ فائرنگ ڪئي هئي جمعي نماز جي موقعي تي مسجدن ۾ فائرنگ سبب 51 نمازي شهيد ۽ 40 ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا

دهشتگرد ڄاڻايل حملي جي وڊيو پنهنجي هيلمٽ تي لڳل ڪيمرا مان سوشل ميڊيا تي لائيو ٽيلي ڪاسٽ ڪندو رهيو

ان حملي وقت بنگلاديش جي ڪرڪيٽ ٽيم به ڪرائسٽ چرچ ۾ موجود هئي جيڪا محفوظ رهي

مسجد ۾ جمعي نماز دوران ڪيل ان حملي ۾ 9 پاڪستاني شهري به شهيد ٿيا هئا

بخشاپور انڊس هاءَ وي تي تيز رفتار مزده رڪشي مٿان چڙهي وئي نتيجي ۾ نوجوان فوت ٿي ويو

هي حادثو ڇڻڪو اسٽاپ وٽ پيش آيو جنهن ۾ ڳوٺ صوداگر ڊومڪي جو رهواسي ڪنڌڪوٽ ويندڙ 25 ورهين جو گل محمد ڊومڪي موقعي تي ئي فوت ٿي ويو ۽ هڪ ڄڻو ارصلاح ڊومڪي زخمي ٿي پيو

حادثي جي اطلاع تي حد جي پوليس پهچي فوتي نوجوان جو لاش ۽ زخمي کي کڻائي اسپتال پهچايو ۽ حادثي جي ذميوار مزده کي حراست ۾ ڄي ڪلينر کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو آهي

گهوٽڪي ۾ ريلوي ڪراس ڪندي عادلپور واسي پيرسن ٽرين جو ٽڪر لڳڻ سبب فوت ٿي ويو

ٻڌايو پيو وڃي ته عادلور واسي 70 ورهين جو چيتو مل پٽ ڏيئو مل پساور کان ڪراچي ويندڙ رحمان بابا ٽرين جو ٽڪر لڳڻ سبب موقعي تي ئي فوت ٿي ويو

جنهن جو مڙه پوليس کڻائي گهوٽڪي اسپتال پهچايو جتان وارثن حوالي ڪيو ويو

 

ڪرمپور ويجهو بجلي جو ڪرنٽ لڳن سبب نوجوان فوت ٿي ويو

ڪرمپور ٿاڻي جي حد انڊس هاء وي تي بجاراڻي ڪانٽو ڀرسان بجلي جو ڪرڻ لڳڻ سبب 35 ورهين جو مير حسن چاچڙ موقعي تي ئي فوت ٿي ويو

واقعي بعد فوتي نوجوان جو مڙه مقامي اسپتال مان ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو  

 

 

لاهور ۾ رخصتي نه ٿيڻ تي همراه پنهنجي گهرواري کي اغوا ڪرائي ورتو پوليس ٽن جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري جوابدارن جي گرفتاري لاء ٽيم جوڙي ورتي ۾مغوي ناري يونيورسٽي جي شاگردياڻي آهي

پوليس مطابق ته عمر نالي نوجوان جو ڪجهه مهينا پهريون نڪاح ٿيو هو ليڪن رخصتي نه ٿي هئي ۽ رخصتي کان پهريان ئي ڇوڪري خلع لاء عدالت ۾ پهتي

پوليس مطابق ته نوجوان عمر جي ڀاء  ٻن ساٿين سان گڏجي ڇوڪري کي گن پوائنٽ تي اغوا ڪري فرار ٿي ويو

پوليس مطابق ته مغوي ناري مقامي يونيورسٽي ۾ بي ايس آنرز جي شآگردياڻي آهي ۽ واقعي جو ڪيس ٽن جوابدارن خلاف داخل ڪري جوابدارن جي ڳولا شروع ڪئي وئي آهي

ڪراچي جي گلشن اقبال ۾ پنجاب واسي خواجه سرا کڌڙي فقير جو هٿ پير ٻڌل لاش هٿ واقعي جو سندس ڀاء جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي پوليس جو چوڻ آهي ته انگوري کي منهن تي وهاڻو ڏيئي ساه ٻوساٽي کيس قتل ڪيو ويو آهي

پوليس جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته هي واقعو ڪراچي جي گلشن اقبال جي راجپوت ڪالوني ۾ پيش آيو آهي جتي خواجه سرا صابر عرف انگوري جو هٿ پير ٻڌل لاش مليو آهي جنهن کي نامعلوم جوابدارن منهن تي وهاڻو رکي ساه ٻوساٽي قتل ڪيو آهي

پوليس واقعي جو ڪيس مبينه ٽائون ٿاڻي تي انگوري جي ڀاء حق نواز خان جي فرياد تي داخل ڪري ورتو آهي

انگوري جي ٻين خواجه سرا ساٿين جو چوڻ آهي ته انگوري گهر ۾ اڪيلي رهندي هئي ۽ ڪنهن به ڌمڪين ملڻ جو ڪوبه ذڪر ڪڏنهن به نه ڪيو هو هنن حڪومت کان تحفظ جو مطالبو ڪيو

خواجه سرائو جو لاش سندس وارثن تدفين لاء اباڻي شهر رحيمياخان پنجاب کڻائي ويا

ڪنڌڪوٽ ۾ ڏوهارين جو راڄ برقرار ، سرڪاري رٽ چيلينج بڻيل ، نوجوان جي بازيابي لاء 30 لک روپيه ڀنگ ڏيو، ۽ پوليس تي پريشر رکڻ لاء روڊن تي ڌرڻا هڻو ڪنڌڪوٽ جي اوڳاهي لاڙو وٽان اغوا ٿيل نوجوان محمد علي بهلڪاڻي جي وارثن کي ڌاڙيلن جي فون 

رپورٽر نارائڻ ناز مطابق ته هڪ هفتو اڳ ڪنڌڪوٽ جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد اوڳاهي لاڙو واري علائقي مان مبينه طور  اغوا ٿي ويل 22 ورھين جي نوجوان محمد علي بهلڪاڻي جي وارثن کان ڌاڙيلن پاران مغوي جي والد کي  فون ڪري   30 لک روپيا ڀنگ طلب ڪري ورتو آهي۔

 اهڙي ڪال رڪارڊ ايف ايم پاران هٿ ڪري ورتي آهي۔ ڌاڙيلن مغوي جي وارثن کي ڌمڪي ڏيندي چيو آھي ته جلد پئسن جو بندوبست ڪري هن ئي نمبر تي اطلاع ڪيو ۽ مغوي جي بازيابي لا۽ انڊس هائي وي تي ڌرڻو هڻو. جئين پوليس تي پريشر پوي

۔ ڀنگ نه ڏيڻ جي صورت ۾ مغوي محمد علي بھلڪاڻي جو لاش اماڻيو ويندو  ڌاڙيلن پاران مغوي کي والد سان فون تي ڳالهرائڻ  دوران مغوي نوجوان دانهيندي پنهجي والد  کي چيو آهي ته ڪٿان به پئسا آڻي مونکي آزاد ڪرايو۔

مغوي محمد علي بھلڪاڻي اهيو به آڊيو ريڪارڊنگ ۾ واضع چيو آهي ته ماني به ڌاڙيل ڪون ٿا ڏين مسلسل تشدد جو نشانو بڻائن ٿا۔

واضع رھي ته ڪشمور ضلعي ۾ بد امني چوٽ چڙهي ويئي آهي ۽ ڪشمور ضلعي جي مختلف هنڌن تان اغوا ٿيل پنج مغوي اڃان تائين ڪچي واري علائقي ۾ ڌاڙيلن وٽ باندي بڻيل آهن۔ مغوين ۾ دوست محمد چاچڙ۔ غلام شبير جتوئي۔

غوثپور ڀر سان مڇي جي فارم جو چوڪيدار عبدالهادي ميراڻي۔ محمد علي بهلڪاڻي ۽ ٽريڪٽرن جو مستري احسان نندواڻي سميت پنج مغوي ڌاڙيلن وٽ ڪچي واري علائقي ۾ باندي بڻيل آهن پر پوليس هن وقت تائين پنجن ئي مغوين جي بازيابي لا۽  ڪي به  اثرائتا قدم ڪون کنيا آهن۔

 مغوين جي بازيابي لاءِ پوليس ڌاڙيلن اڳيان بي وس نظر ايندي راڄوڻيون ڪوششون ڪري رهي آهي پر ان ۾ به پوليس کي ناڪامي نصيب ٿي آهي

 

 

 

 

 

Comments

Popular posts from this blog

ايس ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل پاران ضلعي جي پوليس کي سماجي

قادرپور ويجهو سنڌو درياء ۾ پاڻي جي سطح ۾ لاٿ اچڻ بعد درياء

شهري اتحاد سرحد پاران سرحد ۾ روڊ حادثن کان حفاظت جي سلسلي ۾ سيمينار ٿي گذريو،