اتر ۽ ڏکڻ وزيرستان جي سرحدي علائقي ۾ سڪيورٽي

 

اتر ۽ ڏکڻ وزيرستان جي سرحدي علائقي ۾ سڪيورٽي فورسز ڪاروائي ڪري دهشگردن جي ڪماندر سميت ٽن ڄڻن کي ماري ڇڏيو..

اتر ۽ ڏکڻ وزيرستان جَي سرحدِي علائقي ۾ سڪيورٽي فورسز آپريشن ڪيو. آپريشن ۾ دهشتگردن جو ڪمانڊر احسان الله سَنڙَي ٽن ساٿين سوڌو مارجي ويو.

 آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دهشتگرد احسان الله سَنڙَي دهشتگردي جِي ڪيترين ئي ڪاررواين جو ماسٽر مائينڊ هو. ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ ڀنگ عيوض اغوا واقعن ۾ به ملوث هو.

 

ڪراچي جي لياري واري علائقي ۾ 2 ماڙ عمارت ڪري پئي جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻن فوت ۽ 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا..

لياري جي ڪوئله گودام ويجهو 2 ماڙ عمارت ڌماڪي سان ڪري پئي، ريسڪيو ذريعن موجب عمارت جي ملبي مان ٻن لاشن کي ڪڍيو ويو آهي. جڏهن ته 10 ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن، ڪيترائي ماڻهو عمارت جي ملبي ۾ دٻيل هجڻ جو خدشو به ظاهر ڪيو پيو وڃي.

پوليس،ريسڪيو رضاڪار ۽ علائقي واسي واقعي واري هنڌ وڏي انگ ۾ پهچي ويا، امدادي ڪارروايون تيز ڪيون ويون آهن.

 

ڪراچي ۾ عمارتون ڊهڻ جي واقعن ۾ تيزي اچڻ جي باوجود سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي زبون حال عمارتون خالي ڪرائڻ ۾ ناڪام..

اٿارٽي طرفان سنڌ حڪومت حوالي ڪيل رپورٽ ۾ ڪراچي اندر 240 عمارتن کي زبون حال قرار ڏيڻ جو انڪشاف،

نوٽيسز جاري ٿيڻ باوجود عمارتون خالي ڪرائڻ لاءِ انتظاميه ڪي به قدم نه کنيا..

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اولڊ سٽي ۾ ڪيتريون عمارتون رهڻ جي قابل نه آهن،ڪياماڙي،لياري ۽ ٻين علائقن ۾ ڪيترن ئي عمارتن جي حالت خراب قرار ڏني وئي آهي.

 

 

سنڌو درياهه ۾ ٻوڏ جي وهڪرن ۾ لاٿ اچڻ جو سلسلو جاري آهي..

گڊو بئراج وٽ سنڌو جو مٿانهون وهڪرو 2 لک 67 هزار 417 ۽ هيٺانهون وهڪرو 2 لک 35 هزار 467 ڪيوسڪ رڪارڊ،سکر بئراج وٽ مٿانهون وهڪرو 3 لک 90 هزار 910 ۽ هيٺانهون وهڪرو 3 لک 47 هزار 780 ڪيوسڪ ٿي ويو،

ڪوٽڙي بئراج وٽ درياهي وهڪرن ۾ واڌ جاري، ڪوٽڙي وٽ سنڌو درياءُ جو مٿانهون وهڪرو 2 لک 54 هزار 407 ۽ هيٺانهون وهڪرو 2 لک 44 هزار 447 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو.

لاهور ۾ موٽر وي تي زيادتي ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي،جوابدار ڄاڻايل وقار الحسن سي آءِ اي ماڊل ٽائون وٽ پاڻمرادو پيش ٿي ويو،عورت سان زيادتي جو ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو،

ذريعن موجب مک جوابدار عابد علي جو ساٿي جوابدار وقار الحسن سي آءِ اي ماڊل ٽائون آڏو پاڻ پيش ٿيو آهي.جوابدار وقار الحسن جو چوڻ آهي ته عورت سان لڄالٽ واقعي ۾ ملوث نه آهيان:

وقار الحسن سي آءِ اي آڏو اعتراف ڪيو آهي ته جوابدار عابد علي سان ٻين ڏوهن ۾ شريڪ رهيو آهيان پر عورت سان زيادتي واري ڪيس سان منهنجو ڪو به تعلق ناهي،

پوليس ذريعن موجب عباس کي به جاچ ۾ شامل ڪيو پيو وڃي،۽ وقار الحسن جا مائٽ به ملوث هجڻ جو شڪ آهي.

پنجاب سرڪار عورت زيادتي ڪيس ۾ عابد علي ۽ وقار الحسن کي جوابدار ڄاڻايو هو.

 

 

 

 

 

حيدرآباد ويجھو تلاءُ ۾ ويجھن دوران نوجوان ٻڏي فوت ٿي ويو..

حيدرآباد جي گنجي ٽڪر واري علائقي ۾ تلاءُ ۾ وهنجڻ دوران نوجوان ٻڏي فوت ٿي ويو جنهن بعد دوستن ۽ علائقي واسين گڏيل ڪوششن سان نوجوان طيب جو لاش ڪڍي ورتو،

علائقي واسين جو چوڻ آهي ته او جي ڊي سي ايل طرفان ٺاهيل تلائن ۾ پاڻي جي سطح وڌي وئي آهي، انتظامي لاپرواهي سبب هڪ هفتي دوران ٻڌي فوت ٿيلن جو انگ ٻه ٿي ويو آهي..

 

گوجرانوالا ۾ ويڳي پيءُ 17 سالن جي ڌيءَ کي مبينه طور تي زيادتي جو نشانوبڻائي ڇڏيو.

پوليس موجب هي واقعيو گوجرانوالا جي دهلي ٿاڻي جي علائقي ۾ پيش آيو آهي.رپورٽ موجب 17 سالن جي ڇوڪري جو پيءُ فوت ٿيو ته ماءُ ٻئي شادي ڪري ورتي هئي.

جوابدار گهر ۾ اڪيلو هجڻ تي ڌيءَ کي مبينه طور تي زيادتي جو نشانو بنائي ڇڏيو. متاثر ڇوڪري کي ميڊيڪل ٽيسٽ جي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

جڏهن ته متاثر ڇوڪري پاران رڙيون ڪرڻ تي پاڙيوارن پوليس کي گهرائي جوابدار کي گرفتار ڪرائي ڇڏيو. پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڏني آهي.

لاڙڪاڻي ويجھو 14 سالن جو نينگر پرسرار نموني گم ٿي ويو جنهن جو پوليس کي اطلاع ڪيو ويو..

علي گوهر آباد ٿاڻي جي حد سميع آباد پاڙي جو رهواسي 14 سالن جو نينگر محمد يوسف پٽ شاھنواز مگسي گذريل ڏينهن کان پراسرار نموني گم ٿي ويو.جنهن جي وارثن پاران پوليس کي اطلاع ڪيو ويو..

نينگر جي وارثن ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي لاڙڪاڻو ۽ ٻين وس وارن کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي..

 

 

بڊاڻي ويجھو ڪجھ ڏينهن اڳ چوري ٿيل موٽرسائيڪل واپس نه ٿي ڳوٺاڻن جو احتجاج نوٽيس جو مطالبو ڪيو ويو...

بڊاڻي جي مرتضي چوڪ تان چار ڏينھن اڳ چوري ٿيل موٽرسائيڪل واپس نه ٿي سگهي اهڙي عمل خلاف ڳوٺاڻن جو اڪبر علي ڊومڪي،عبدالحميد ڊومڪي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو.

مظاهرين ايس ايس پي ڪشمور ۽ ٻين وس وارن کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي..

 

 

ڪنڌڪوٽ ۾ معصوم نينگري کي مبينا اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ جوابدار کي علائقي واسين پڪڙي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو..

ڪنڌڪوٽ جي مدرسا محلي ۾ نينگري رابعه کي مبينا اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ جوابدار مدد شيخ کي علائقي واسين پڪڙي ورتو،

جوابدار کي علائقي واسين پاران روڪڻ تي جوابدار طرفان مزاحمت ڪئي وئي،جڏهن ته علائقي واسين نينگري کي هٿ ڪري اغوا ڪندڙ شخص کي سوگهو ڪري پوليس حوالي ڪري ڇڏيو..

 

 

گهوٽڪي ويجھو نامعلوم هٿياربندن گهر ۾ داخل ٿي نوجوان کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو..

گھوٽڪي ويجھو بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ دوست محمد بلو ۾ نامعلوم ھٿياربندن گھر ۾ داخل ٿي 22 سالن جي نوجوان محمد ھاشم  پٽ محمد قاسم بلو کي گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو,

اطلاع تي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش کڻائي تعلقا اسپتال گهوٽڪي منتقل ڪيو جتان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.

جڏهن ته نوجوان پاڪ فوج ۾ سپاھي طور ملازم ھو ۽ ڪجھ ڏينهن اڳ موڪل تي گھر آيل هو.ٻي پاسي پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آھي.

 

گهوٽڪي ويجھو ڳوٺ پنڃيو لٻاڻو ۾ وڏيري محمد ياسين لٻاڻو جي گهرواري مختصر عرصو بيمار رهڻ بعد وفات ڪري وئي آھي جنهن جي نماز جنازه سڀاڻي صبح نائين بجي اباڻي ڳوٺ ۾ ادا ڪرڻ بعد مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويندو..

 

گهوٽڪي جي هڪ اسپتال ۾ هڪ مريض کي او پازيٽو رت جي سخت ضرورت آهي اگر توهان جو يا توهان جي دوستن جي رت جو گروپ اوپازيٽو آهي ته رت جو عطيئو ڏئي ان مريض جي زندگي بچائي سگهيو ٿا...

 0301.3982169

 

Comments

Popular posts from this blog

ايس ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل پاران ضلعي جي پوليس کي سماجي

قادرپور ويجهو سنڌو درياء ۾ پاڻي جي سطح ۾ لاٿ اچڻ بعد درياء

شهري اتحاد سرحد پاران سرحد ۾ روڊ حادثن کان حفاظت جي سلسلي ۾ سيمينار ٿي گذريو،