جهنگلي جيوت بابت وزير اعلي سنڌ جو مددگار بنگل خان مهر
جهنگلي جيوت بابت وزير اعلي سنڌ جو مددگار بنگل خان مهر سنڌو درياءُ ۾ ٻوڏ توڙي بندن جي صورتحال
جو معائنو ڪرڻ لاءِ سنڌو درياءُ جي شينڪ بند ۽ لوپ بند تي پهتو جتي هن بندن جي موجوده
صورتحال، بندن تي هلندڙ ڪمن جو جائزو توڙي ضلع انتظاميه پاران متاثرن لاءِ لڳايل ڪيمپن
جو معائنو ڪيو ۽ بندن تي ويٺل متاثر ماڻهن جا اهنج معلوم ڪيا
ان موقعي تي ميڊيا
سان ڳالهائيندي مير بنگل خان مهر چيو ته انتظاميه پاران بريفنگ ڏني وئي آهي ته پهرين
5 لک ڪيوسڪ پاڻي هيو هاڻ ﷲ جو شڪر آهي جو پاڻي جو وهڪرو گهٽجي ويو آهي، پهرين بلڪل بندن
تي دٻاءُ هيو ۽ خطرو هيو پر هاڻ اهو خطرو ٽري ويو آهي،
تفصيل معلوم ڪنداسين قادرپور ۾ موجود 91 جي رپورٽر ذولفقار
علي سندراڻي کان .......................
مير بنگل خان مهر جو
چوڻ هيو ته سنڌ حڪومت پاران بندن تي ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ سمورا بندوبست ٿيل آهن، هن
چيو ته ضلع انتظاميه پاران بندن تي بهترين ڪم ڪيو ويو آهي، هن وقت بندن تي متاثر ماڻهن
لاءِ ٽي ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن پر اڃان تائين رڳو هڪ ڪيمپ ۾ ماڻهو آيا آهن باقي
ٻه ڪيمپون خالي پيل آهن، ڪيمپن ۾ رهندڙ ماڻهن لاءِ راشن جو مڪمل بندوبست ڪيو ويو آهي،
مير بنگل خان مهر چيو
ته اڃان به جيڪڏهن ڪي ماڻهو درياءُ اندر ڦاٿل آهن يا جيڪي متاثر آهن انهن جي نشاندهي
ڪئي ويندي ته انهن کي بلڪل رليف فراهم ڪيو ويندو، مير بنگل خان مهر چيو ته اڃان به
بندن تي پٿر وڌو پيو وڃي ڇاڪاڻ پاڻي بندن کي کائي رهيو آهي جيڪو پٿرن سان روڪي سگهجي
ٿو،
مير
بنگل خان مهر وڌيڪ چيو ته اسين ٻوڏ جي صورتحال ۾ متاثرن سان گڏ آهيون کين ڪڏهن به اڪيلو
نه ڇڏيو ويندو،
ان
موقعي تي متاثرن ۾ راشن ۽ کاڌ خوراڪ پڻ تقسيم ڪئي . جڏھن ته صوباائي خاص مددگار سان
گڏ پ پ ضلع گهوٽڪي جو صدر مير بابر خان لنڊ،
سڪندر لاکو ۽ ٻيا پڻ سردار بنگل خان مهر سان گڏ هئا
اوٻاوڙو لڳ پنجاب جي حد ۾ سي، پيڪ، ايم فائيو تي المناڪ
حادثو،ڪراچي کان ملتان ويندڙ تيز رفتار ڪار جو اڳيان ويندڙ آئل ٽينڪر جي پٺيان زور
دار ڌماڪي سان ٽڪر، چار ڄڻا فوت، فوتين ۾ ٻه ڀائرن سميت 3 مرد ۽ ھڪ عورت شامل،
ڪار کي آئل ٽينڪرجي ھيٺيان ڇڪي لاشن کي ٻاهر ڪڍيو،
فوتين جي لاشن کي شيخ زيد اسپتال رحيميارخان روانو ڪيو ويو،،
اوٻاوڙو لڳ پنجاب صادق آباد جي حد ۾ نئين جڙيل سي، پيڪ ايم،
وي فائيو تي ڪراچي کان ملتان ويندڙ تيز رفتار ڪار ڊرائيور جي قابو کان ٻاھر ٿي ويئي
۽ اڳيان ويندڙ آئل ٽينڪر جي پٺيان ٽڪرائجي ٽرالر جي ھيٺيان گهڙي ويئي جنهن جي نتيجي
۾ ڪار سوار ھڪئي ڪٽنب جا 4 ڄڻا ٿڏي تي چيڀاٽجي
فوت ٿي ويا
فوتين ۾ ٻه ڀائر سڪندر فياض شيخ، ۽ محمد عثمان شيخ، سندن ماروٽ
عبدالواسع شيخ، ۽ مسمات رشيدان شامل آهن
اطلاع تي موٽر وي ۽ ريسڪيو 1122 جي اھلڪارن پھچي مشينري استعمال
ڪري ڪار کي آئل ٽينڪرجي ھيٺيان ٻاهر ڪڍي لاشن کي ٻاهر ڪڍي شيخ زيد اسپتال رحيميارخان
سرد خاني روانا ڪيا ۽ وارثن کي اطلاع ڏنو ويو
، بدقسمت خاندان ڪراچي جا رھواسي ھئا جيڪي مائٽن سان ملڻ غوث پاڪ ۽ شاھ رڪن عالم جي درگاھن تي حاضري ڀرڻ
لاءِ ملتان وڃي رھيا ھئا ته کين ساڻن حادثو
پيش آيو،
ياد رھي ته نئين شروع ٿيل سکر کان ملتا موٽر وي فائيو تي موٽر
وي اھلڪار مقرر نه ھئڻ ۽ اسپيڊ ڪنٽرول ڪيمرا نه ھئڻ سبب ڊرائيور مقرر حد کان وڌيڪ رفتار
سان گاڏيون ھلائن ٿا ۽ چالان نه ٿيڻ جو ڪو به خوف خطرو نه ھجڻ ڪري اھڙا خطرناڪ حادثا
معمول بڻيل آهن
غوثپور مان نارائڻ ناز جي رپورٽ مطابق ته
ڪچي جي علائقي دراني مھر ڀرسان سومر جاگيراڻي ڳوٺ ويجھو ڪچي
کان پڪي طرف ايندڙ ٻيڙي مٿان جھنگ ۾ لڪي ويٺل جاگيراڻي برادري جي ھٿياربندن اوچتو جديد
ھٿيارن جا منھن کولي ڇڏيا جنھن ۾ ٻيڙي ڪلٽي ٿي درياء ۾ ڪري پيئي۔
ذريعن موجب ٻيڙي ۾ جاگيراڻي
برادري سميت چاچڙ ۽ تيغاڻي برادري جا مرد توڙي عورتون ۽ ٻار سوار ھيا جن بابت اھو معلوم
ٿيو آھي ته انھن مان ڪيترا ئي زخي ٿي ويا آھن۔
اطلاعن موجب ٻنھي ڌرين جي فائيرنگ ۾ ٻھ نوجوان نوردين ۽ سرفراز
جاگيراڻي ٿڏي تي مارجي ويا جڏھن ته پنجن عورتن سميت ٻھ معصوم ٻار به زخمي ٿي پيا
۔ زخمي عورتن مان 60 ورھين جي مسمات طوطي جاگيراڻي زخمن جا سور
نه سھندي فوت ٿي ويئي۔
اطلاعن موجب زخمي نينگرن ۾ فوتي نوجوان سرفراز جا ٻھ ٻارڙا
۽ سندس زال به شامل آھي۔
واضع رھي ته جيئند ۽ مراد علي جاگيراڻي واري ڌرين ۾ گذريل ڪيترن ئي سالن کان پراڻو جھيڙو ھلندڙ آھي
جنھن ۾ پنج ماڻھو اڳ ۾ مارجي ويل آھن ۽ اڄوڪي جھيڙي ۾ مارجي ويلن سميت انگ وڌي اٺ ٿي
ويو آھي۔
هن مهل تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو آھي۔
دادلغاري ويجهو يارو لنڊ پوليس جو جوا جي ٽڪري تي
ڇاپو ٻه جواري گرفتار مٿن ڪيس داخل ڪيوويو
عبدالستار لغاري مطابق ته
دادلغاري ويجھو يارولنڊ پوليس جو مئخانو چوڪ کروھي ۾ جوا جي
ٽڪري تي ڇاپو ھڪ جواري ڪڪڙ شر ۽ اسد شر کي گرفتارڪري پوليس ھڪ موٽرسائيڪل به ڪاھي وئي
جوارين مٿان يارولنڊ ٿاڻي تي جوا ايڪٽ تحت ڪيس داخل
ڪيو ويو آهي
سنڌ جي ورھاڱي جي سازش، ڪراچي ڪميٽي، ڌارين جي آبادڪاري،
زمينن تي قبضن، پاڻي تي ڌاڙن، ٻوڏ متاثرن جي
واهر نه ٿيڻ خلاف عوامي تحريڪ جو گهوٽڪي ۾ احتجاج
مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، ايڊووڪيٽ راحب ملاڻو،
امتياز ساوند، حيدر شاهه، ذالفقار شيخ، پير بخش شيخ، واجد مهر، ڪامريڊ اختيار علي سنگهڙ
۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب گهوٽڪي اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن
مطالبن وارا بينر کڻي سنڌ دشمن سازشن خلاف سخت نعريبازي ڪئي.
ان موقعي تي اڳواڻن
ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جي وجود تي وار سنڌي عوام ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندو
هنن چيو ته گذريل ڏيڍ صديءَ کان سنڌ جي پاڻي تي پنجاب ڌاڙا هڻي
رهيو آهي.
کنڀي گم ڪيل شهري آفتاب گهوٽو ۽ سجاد آزاد ٿي گهر پهچي ويا ,
آزادي بعد گهوٽڪي
پريس ڪلب پهچي هنن چيو ته اسان امن پسند آهيون , ۽ هنن جو ڪنهن به دهشت گرد پارٽي سان
واستو نه آهي
سنڌ جي مشھور صوفي شاعر ۽ بزرگ سيد انور علي شاھ بخاري
جي 60 ھين سالياني عرس مبارڪ جي موقعي تي جھانپور شريف ۾ درگاھ جي اڱڻ تي صحبت ادبي
سنگت جھانپور شريف طرفان ھڪ انوار ادبي ڪانفرنس ۽ مشاعرو ٿي گذريو
جيڪو شاعر سڪندر مگسي جي صدارت ۾ ڪوٺايو ويو
انوار ادبي ڪانفرنس
۽ مشاعري ۾ درگاھ عاليہ جھانپور شريف جي گادي نشين سيد سخاوت بخاري خصوصي طور تي شرڪت
ڪئي
ڪانفرنس ۾ سڪندر مگسي سيد سخاوت بخاري.عطا حسين بجاراڻي .عبدالحئي
ڀٽو.حسن پنھيار.سڪندر اوڳاھي.شفقت سومرو ۽ ٻين ڳالھائيندي چيو تہ سيد انور علي شاھ
بخاري جھڙيون درگاھون انسانيت.امن.محبت.سڪون.ڀائيچاري ۽ پريت جون علامت آھن ھن پنھنجي
حياتي ۾ صوفي ازم.تصوف.اتحاد ۽ ٻڌي جي پرچار ڪندي حق.سچ.امن ۽ انسان دوستي جو پيغام
ماڻھن تائين پھچايو
ھنن وڌيڪ چيو تہ انور
سائين پنھنجي شاعري ۾ مظلوم.بي پھچ.غريب ۽ مسڪين ماروئڙن جو ذڪر ڪرڻ کان علاوه سماج ۾ بھتر زندگي گذارڻ جا سمورا
اصول ٻڌايا آھن
انوار ڪانفرنس بعد ھڪ مشاعرو ڪوٺايو ويو جنھن ۾ ناميارن شاعرن
سڪندر مگسي.مفتون ڪورائي.اياز لطيف دايو.پريم پتافي.حامد ڪلوڙ.سڪندر اوڳاھي.عبدالحئي
ڀٽو.فقير محمد سولنگي.عبدالمجيد عرضي.الطاف سومرو.فدا ملڪ.شفقت سومرو.زاھد ڀٽو.حسن
پنھيار.امداد علي سومرو.فقير نصير چنو.فدا حسين حيدراڻي.محبوب حيدراڻي.برادي منگي.منير احمد آسي.محبوب قاضي.ارسلان مصور.نويد منتظر.غلام
حيدر .جمشيد مھر.قلندر بخش باجڪاڻي.شاد احمد شاد کوسو.پياسي فيض جاگيراڻي.غفار سومرو.غلام
ياسين اوڳاھي.مسافر پتافي..شوڪت اواڳاھي.عبدالصد گڏاڻي.ساگر عباسي.عبد گڏاڻي.علي اڪبر
سومرو.عاشق علي راڄڙ.۽ ٻين پنھنجي نئين نڪور شاعري ذريعي انور سائين کي خوبصورت ۽ پيارن
لفظن جي ڀيٽا ڏيندي عقيدت جا
گل نڇاور ڪيا
آخر ۾ درگاھ عاليہ جي
گادي نشين ۽ نامياري صوفي راڳي سيد سخاوت بخاري پنھنجي مٺڙي آواز ۾ انور سائين جا صوفياڻا ٻول جھونگاري ويٺلن
تي وجد طاري ڪري ڇڏي .
Comments
Post a Comment