ايڊيشنل سيشن جج جهانگير اعواڻ تي فائرنگ واري واقعي جي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ گونج،
ايڊيشنل سيشن جج جهانگير اعواڻ تي فائرنگ واري واقعي
جي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ گونج،
اسلام آباد هاءِ
ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله ڊپٽي اٽارني جنرل کان پڇاڻو ڪيو ته گذريل ڏينهن ريڊ
زون ۾ ڇا ٿيو؟
سمورا وڏا ماڻهو ڪمپرومائز ڇو ڪري ويندا آهن؟، چيف جسٽس چيو
ته مان ڪڏهن به ناهي ٻڌو ته مهذب معاشري ۾ اهڙا ڪمپرومائز ٿيندا آهن،
ڪيترائي ڀيرا چئي چڪا آهيون ته هن شهر ۾ لاقانونيت آهي، رياست
جي رٽ به ڪٿي ته هجڻ گهرجي، رياست به ته ڪنهن شئي جي ذميواري کڻي.
. حيدرآباد جي پريٽ آباد
واري علائقي ۾ عورت وڪيل جو گهر مان لاش هٿ آيو،
پوليس 35 سالن جي صوبيه
زال عامر مارواڙي جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي،
ان سلسلي ۾ پوليس چيو
آهي ته عورت وڪيل صوبيه ۽ سندس مڙس وچ ۾ جهيڙو هلندڙ هو، جاچ ڪئي پئي وڃي ته واقعو
آپگهات آهي يا کيس قتل ڪيو ويو،
ٻئي پاسي هاءِ ڪورٽ
۽ ڊسٽرڪٽ بار جي وڪيلن واقعي کي قتل قرار ڏيندي عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو
آهي،
وڪيل اڳواڻن جو چوڻ
آهي ته صوبيه آپگهات ناهي ڪيو، کيس قتل ڪري معاملي کي آپگهات جو رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي
وئي آهي، معاملي جي شفاف جاچ ڪري جوابدار کي گرفتار ڪيو وڃي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ نيب کي سهيل انور سيال ۽ سندس مائٽن جي گهرن تي
ڇاپا هڻڻ کان روڪي ڇڏيو آهي، نيب طرفان گهرن تي ڇاپا هڻڻ بابت صوبائي وزير سهيل انور
سيال طرفان سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو ويو،
سنڌ هاءِ ڪوٽ ۾ سهيل انور سيال نيب جا
ڇاپا روڪڻ لاءِ درخواست داخل ڪرائي، سهيل سيال جي درخواست تي عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي،
سهيل انور سيال جو چوڻ هو ته ضمانت تي
هجڻ جي باوجود مسلسل گهرن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن، نيب کي گهرن تي ڇاپا هڻڻ کان روڪيو
وڃي،
عدالت نيب کي سهيل انور سيال ۽ سندس مائٽن
جي گهرن تي ڇاپا هڻڻ کان روڪي ڇڏيو آهي،
جسٽس ڪي ڪي آغا جو چوڻ هو ته نيب کي اختيار
ناهي ته ڪنهن جي گهر تي سرچ وارنٽ کانسواءِ ڇاپو هڻي..
.پنجاب جي علائقي قصور ۾ هٿياربندن گهر تي حملو ڪري 3 ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو، 3 زخمي
پنجاب جي علائقي قصور ۾ هٿياربندن گهر تي حملو ڪري 3 ڄڻن کي
قتل ڪري ڇڏيو، گوليون لڳڻ سبب 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.
قصور جي ڌور ڪوٽ ويجهو
اڻڄاتل جوابدارن هڪ گهر ۾ گهڙي هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا، گوليون لڳڻ سبب زال مڙس
۽ ڌيءَ ٿڏي تي مارجي وئي۽ 3 زخمي ٿي پيا.
واقعي کانپوءِ جوابدار فرار ٿي ويا، جڏهن ته پوليس پهچي مقتولن
جا لاش ۽ زخمين کي مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
واقعي کانپوءِ علائقي
۾ ڏهڪاءُ پکڙيل آهي، جڏهن ته هڪ گهر جي 3 ڀاتين جي مارجڻ بعد علائقي ۾ سوڳ جي لهر ڇانيل
آهي
سي سي پي او لاهور شيخ عمر موٽر وي واقعي متعلق تڪراري
بيان تي معافي گهري ورتي،
9 سيپٽمبر تي لاهور
سيالڪوٽ موٽر وي تي گجرپوره جي ويجهو ٻن جوابدارن هڪ عورت کي گاڏي مان لاهي ٻارن سامهون
جهنگ ۾ کڻي وڃي زيادتي جو نشانو بڻايو هو،
ان موقعي تي سي سي پي او لاهور عمر شيخ بيان ڏيندي چيو هو ته
عورت کي موٽر وي تي چڙهڻ کان پهريان پيٽرول چيڪ ڪرڻ گهرجي ها ۽ رات جي وقت بغير ڪنهن
مرد جي سفر نه ڪرڻ گهرجي ها،
سي سي پي او لاهور عمر شيخ کي ان بيان تي شديد تقنيد جو نشانو
بڻايو ويو، عوام ۽ سياستدانن جي طرفان عمر شيخ کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو پيو وڃي،
چيف جسٽس لاهور هاءِ
ڪورٽ جسٽس قاسم خان به سي سي پي او جي بيان تي حڪومت کان رپورٽ طلب ڪئي آهي، جڏهن ته
هاڻ سي سي پي او لاهور عمر شيخ پنهنجي تڪراري بيان تي معافي گهري ورتي آهي.
عمر شيخ گورنر پنجاب چوڌري سرور سان گڏ ملاقات ۾ چيو ته منهنجي
بيان تي ڪنهن جي دل آزاري ٿي آهي ته معافي گهران ٿو،
هن چيو ته پنهنجي ڀائرن، ڀينرن ۽ سوسائٽي کان معافي گهران ٿو،
منهنجو ڪو به غلط مطلب يا تاثر نه هو، جنهن عورت سان زيادتي ٿي ان کان به معافي گهران
ٿو.
لاهور ۾ موٽر وي زيادتي ڪيس ۾ گرفتاري ڏيندڙ وقار
الحسن کي متاثر عورت سڃاڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، ذريعن موجب جوابدار وقار الحسن
جي تصوير متاثره عورت کي واٽس ايپ جي ذريعي موڪلي وئي هئي، پر عورت جوابدار جي سڃاڻپ
کان انڪار ڪري ڇڏيو،
ٻئي پاسي موٽر وي زيادتي ڪيس ۾ پاڻ گرفتاري پيش ڪندڙ جوابدار
وقار الحسن هڪ ٻيو اهم انڪشاف ڪيو آهي، وقار الحسن دوران جاچ پوليس کي ٻڌايو ته ڪيس
جو مرڪزي جوابدار عابد هڪ عرصي کان شفقت نالي شخص سان گڏ وارداتون ڪري رهيو هو،
شفقت بهاولنگر جو رهواسي ۽ عابد جو
دوست آهي، پوليس شفقت جي گرفتاري جي لاءِ ٽيمون بهاولنگر ۽ شيخوپوره روانيون ڪري ڇڏيون
آهن.
ڪراچي ۾ لاڙڪاڻي واسي نوجوان کي منشيات فروش ڄاڻائي
گولين جو کاڄ بڻائيندڙ پوليس اهلڪارن خلاف ڪابه ڪارروائي نه ٿي سگهي آهي.
2 ڏينهن
اڳ نيو ڪراچي پوليس ايوب ڳوٺ ۾ مقابلو ڄاڻائي منشيات فروش سرتاج عرف تاجو کي مارڻ جي
دعويٰ ڪئي جيڪو مارجي ويل نوجوان لاڙڪاڻي واسي نڪتو.
پوليس جي جڙتو مقابلي ۾ مارجي ويل
نوجوان فيصل ابڙو لاڙڪاڻي جو رهواسي هو، جيڪو ڪراچي پنهنجي مائٽن وٽ گهمڻ آيو هو. مقتول
جي سئوٽ عرفان موجب فيصل، مسجد ۾ ويٺل هو، پوليس اهلڪار کيس ڳچيءَ ۾ رومال وجهي گهلي
کڻي ويا،
منصور دانهون ڪري رهيو هو ته هو سرتاج ناهي پر ان باوجود پوليس
اهلڪارن سندس هڪ نه ٻڌي. اکين ڏٺن شاهدن موجب پوليس اهلڪارن فيصل ابڙو جي اکين تي پٺيون
ٻڌي ٽنگن ۾ گوليون هڻڻ بعد کيس موبائيل ۾ کڻي ويا ۽ قتل ڪري لاش ڦٽو ڪري ڇڏيو.
پوليس جي پريس رليز ۾ به مارجي ويل نوجوان جو نالو منشيات فروش
سرتاج عرف تاجو لکيل آهي، جيڪو جيئرو آهي ۽ مسجد ۾ نماز پڙهندڙ بيگناهه نوجوان پوليس
جي گولين جو بک بڻجي ويو.
خيبرپختونخوا جَي علائقي هري پور ۾ هٿيابندن فائرنگ ڪري پي ٽي
آءِ جي صوبائي نائب صدر ملڪ طاهر اقبال کي قتل ڪري ڇڏيو، گوليون لڳڻ سبب سندس ڊرائيور
سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ملڪ طاهر اقبال امريڪا ۾ ڪاروبار ڪندو هو،
پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جو ڪارڻ معلوم
ناهي ٿيو، جاچ شروع ڪري جوابدارن جِي ڳولا ڪئي پئي وڃي.
گھوٽڪي ,لڳ قومي شاھراھ تي ٽول پلازا وٽ ٻن ٽرالن
۽ مزدا وچ ۾ خوفناڪ ٽڪر ،نتيجي ۾ ٽرالر ۽ مزدا
۾ سوار ٽي ڄڻا ٿڏي تي فوت چار ڄڻا زخمي ٿي
پيا ,
فوتين ۾ اسد نواز ,محمد شھبان ,۽ بلاول شامل آھن جڏھن ته زخمين
۾ دلاور,اياز راجپوت,اعجاز ۽ ڪاشف گجر شامل آھن,
فوتين جا لاش ۽ زخمين کي تعقا اسپتال گھوٽڪي منتقل ڪيو ويو آھي
قومي شاهراه تي بيٺل ٽرالر کي پٺيان ايندڙ
ٻئي ٽرالر جو ٽڪر لڳڻ کان پوء پويان ايندڙ مزدا بہ ٽڪرائجڻ سبب هي حادثو پيش آيو آھي
فوتين جو تعلق پنجاب جي مختلف شھرن سان ٻڌايو پيو وڃي فوتين
جا لاش ضروري ڪاروائي بعد سندن وارث کڻائي ويا
سرحد
لڳ وسطي عنايت شاهه جو نينگر مبينه طور گم پوليس کي اطلاع ڪيو ويو
وسطي عنايت شاه
جي رهواسي محمد صادق ڀٽو91 آفيس پهچي ٻڌايو آهي ته سندس 15 سالن جو پٽ حسن رضا ڀٽو
گذريل منجهند ڌاري صوفي بزرگ سيد انور علي شاهه بخاري جو ميلو گهمڻ لاءِ جهانپور طرف ويو جيڪو هن وقت
تائين واپس ناهي وريو سندس ڪافي ڳولا ڪئي آهي پر ڪٿان به ڪو ڏس پتو نه پئجي سگهيو
آهي .
هن اغوا جو شڪ
ظاهر ڪندي پوليس کي اطلاع ڪري ڇڏيو آهي
واضح رهي ته
ميلي جي موقعي دوران چار ڄڻا اڳ به اغوا ٿي چڪا آهن جن جي بازيابي عمل ۾ نه اچي
سگهي آهي.
ٻي پاسي رابطو
ڪرڻ تي ايس ايڇ او سرحد بحردين ڪيريو ٻڌايو ته نينگر جي گم ٿيڻ جا اطلاع مليا آهن
پر اهو ڪيئن ٿو چئي سگهجي ته نينگر ميلي مان اغوا ٿيو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته
سرحد ٿاڻي جي حد ۾ اهو واقعو پيش ناهي آيو تنهن هوندي به هر رخ کان جاچ ڪئي ويندي.
سرحد ڀرسان
جوابدارن پاران حملوڪري رستي ويندڙ عورتن
کان زبردستي زيور ڦر ڪرڻ جي ڪوشش، مزاحمت تي
ٻن عورتن سميت 3 ڄڻا رتو رت اسپتال منتقل
ان حوالي سان ڳوٺ
علي نواز سولنگي جي رهواسين حاجي لطف علي، علي گوهر غلام حيدر ۽ ٻين 91 آفيس پهچي دانهيندي
چيو آهي ته پنجاب جي علائقي احمد پور جي رهواسين مومن سولنگي جيوڻ شبير عيدن نظير
سولنگي ۽ ٻين جوابدارن حملوڪري رستي ويندڙ عورتن کان زبردستي زيور ڦر ڪرڻ
جي ڪوشش ڪئي،
ان دوران مزاحمت تي
جوابدارن ، مائي انور مائي ساماڻي ۽ غلام رسول سولنگي کي ڪهاڙين جا وار
ڪري رتو رت ڪري ڇڏيو جنهن بعد جوابدار
فرار ٿي ويا
هوڏانهن زخمين
کي تعلقه اسپتال گهوٽڪي منتقل ڪيو ويو جتان غلام رسول سولنگي جي حالت ڳڻتي
جوڳي هئڻ سبب کيس سکر منتقل ڪيو ويو آهي .
واقعي جو
سرحدٿاڻي تي اطلاع ڪيو ويو آهي پر ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آهي.
Comments
Post a Comment