دنيا ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 5 هزار 264 انساني جانيون کسي ورتيون

 

دنيا ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 5 هزار 264 انساني جانيون کسي ورتيون، 2 لک 22هزار 369 نوان ڪيس رپورٽ ٿيڻ کانپوءِ متاثرن جو انگ 2 ڪروڙ 27لک 91هزار کان وڌي ويو آهي. برازيل ۾ صورتحال بدستور خراب آهي، جتي هڪ ڏينهن ۾ وڌيڪ هڪ هزار 115 مريضن دم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته 41هزار کان وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ ٿيا.

ڀارت ۾ هڪ ڏينهن ۾ وڌيڪ 981 مريضن دم ڏنو، جنهن بعد فوتين جو ڪل انگ 24هزار 975 ٿي ويو آهي. مسيڪو ۾ 707، ڏکڻ آفريڪا ۾ 195، ايران ۾ 139، روس ۾ 110، عراق ۾87، فلپائن ۾ 88، سعودي عرب ۾ 42 ۽ ترڪي ۾ 19 ڄڻا فوت ٿي ويا.

 عالمي وبا سبب هيل تائين حياتيون وڃائيندڙن جو انگ 7 لک 95 هزار 454 ٿي ويو، هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ مريض وائرس کي شڪست ڏئي صحتياب ٿي چڪا

عالمي بينڪ دنيا کي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن فوري طور ڪورونا وائرس تي ضابطو نه آيو ته دنيا ۾ غربت وڌي ويندي ۽ ماڻهو بک مرڻ شروع ٿي ويندا.

عالمي بينڪ جي سربراهه ڊيوڊ مليپاس چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي ڪري 10ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو غربت جي لڪير کان به هيٺ زندگي گهارڻ تي مجبور ٿيڻ جو خدشو آهي.

عالمي بينڪ جي سربراهه چيو ته ڪورونا وائرس جي ڪري صورتحال وڌيڪ خراب ٿي ته غربت وڌي ويندي ۽ ڪروڙين ماڻهو بک ۽ لنگهڻ ڪاٽڻ تي مجبور ٿي ويندا.

 عالمي بينڪ جي سربراهه موجب قرض ڏيندڙ ملڪن کي غريب ملڪن جي قرضن ۾ گهٽتائي لاءِ فوري طور قدم کڻڻا پوندا، ٻي صورت ۾ حالتون خراب ٿي وينديون

سنڌ ۾ بجلي جي بدترين لوڊشيڊنگ شهرين جو جيئن عذاب ڪري ڇڏيو، 15 کان 20 ڪلاڪن تائين بجلي بند هجڻ سبب ڪاروهنوار سخت متاثر ٿي ويو، ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، دادو، نوشهروفيروز، ٿرپارڪر ۽ ٻين ننڍن وڌن شهرن ۾ ڪي اليڪٽرڪ، حيسڪو ۽ سيپڪو جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جاري آهي،

 حيدرآباد جي مختلف علائقن ۾ بدترين لوڊشيڊنگ کان بيزار شهري رستن تي نڪري آيا،

 لطيف آباد نمبر 12 ۾ مجاهد ڪالوني واسين جي مظاهري دوران مڇريل ماڻهن طرفان ٽائرن کي باهيون ڏنيون،

 جاتي ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ وڌڻ بعد اسپتالن ۾ مريض تڙپڻ لڳا، جنريٽر بند هجڻ سبب مريض پيئڻ جي پاڻي، ايڪسري ۽ الٽرا سائونڊ لاءِ پريشان آهن

ڪراچي سرڪلر ريلوي آڏو سموريون رڪاوٽون ختم ڪيون وڃن، سُپريم ڪورٽ سنڌ سرڪار ۽ ريلوي کاتي کي ڪي سي آر بابت اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو،

سرڪلر ريلوي جي روٽ تي آيل پُلين ۽ انڊر پاس جي سروي ڪرڻ جو حڪم،

ريلوي ۾ خساري واري ڪيس تي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس گلزار احمد چيو آهي ته ايم ايل ون منصوبي لاءِ سٺيون پُليون ٺاهيون وڃن،

 سيڪريٽري ريلوي عدالت کي آگاهي ڏيندي چيو ته ايم ايل ون ۾ اسٽيٽ آف دي آرٽ پُليون ٺاهيون وينديون، ايم ايل ون جو پيڪيج ون ٽن سالن ۾ پورو ٿيندو،

 چيف جسٽس چيو ته 3 سال تمام وڏو عرصو آهي، فنڊز موجود آهن ته منصوبو پورو ٿيڻ ۾ وقت نه لڳڻ گهرجي، 18 سئو ڪلوميٽرز تائين ٽريڪ وڇائڻ چين لاءِ ڏکيو نه آهي،

 عدالت پلانگ ڪميشن کي ريلوي جي ري اسٽرڪ چرنگ لاءِ چئن هفتن جي ملهت ڏئي ڇڏي

7 سيپٽمبر تي بين الصوبائي تعليمي وزارتن جي اجلاس ۾ 15 سيپٽمبر کان تعليمي ادارا کولڻ يا نه کولڻ جو حتمي فيصلو ڪيو ويندو،

 وفاقي وزير شفقت محمود چيو آهي ته حالتن مان لڳي ٿو ته 15 سيپٽمبر کان اسڪول کوليا ويندا، 7 سيپٽمبر تي حتمي فيصلو ٿيڻ بعد صحت کاتي طرفان اسڪول کولڻ لاءِ ايس او پيز جاري ڪيا ويندا،

 ڪورونا سبب تعليمي شعبو سخت متاثر ٿيو آهي، هيڪ جي آن لائين ڪورسز ۾ به ڏکيائيون پيش آيون ۽ گيلپ سروي جي رپورٽ موجب 80 سيڪڙو شاگرد ٽيلي تعليم کان محروم آهن، حڪومت اِن مسئلي کي به حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي،

 اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران شفقت محمود چيو ته حڪومت ملڪ ۾ هڪجهڙو تعليمي نصاب آڻڻ لاءِ ڪم ڪيو آهي،

 صوبائي حڪومتن ۽ ٻين لاڳاپيل ڌُرين سان صلاح مشورن بعد پهرئين کان پنجين درجي تائين هڪجهڙو تعليمي نصاب تيار ڪيو آهي، هاڻي ماڊل ٽيڪسٽ بُڪ تيار ڪيا پيا وڃن

انٽرنيٽ نه هجڻ آن لائين ڪلاسن ۾ عدم حاضري تي امتحانن ۾ شاگردن جا گريڊز متاثر ٿيڻ جو خدشو،

 اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 7 يونيورسٽيز جي شاگردن جي درخواست تي هيڪ چيئرمين کي شاگردن جون شڪايتون ٻڌي مسئلو حل ڪرڻ لاءِ لکت ۾ حڪمنانمو جاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو،

هائر ايجوڪيشن ڪميشن جي وڪيل طرفان مهلت گهرڻ تي عدالت هيڪ کي ٻن هفتن ۾ جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي،

يونيورسٽيز جي شاگردن درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته پُٺتي پيل علائقن ۾ انٽرنيٽ نه هجڻ سبب اُتان جا شاگرد آن لائين ڪلاسز جو حصو نه ٿي سگهيا آهن، اهڙي صورتحال ۾ لاڳاپيل شاگردن جا گريڊز متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي

يونيورسٽيز هاسٽل بند هجڻ باوجود شاگردن کان فيس اوڳاڙي وڃي ٿي..

قومي اسيمبلي جي ميمبرز جي پگهارن ۾ واڌ بابت سمورا تفصيل پيش ڪيا وڃن، سنڌ هاءِ ڪورٽ ايم اين ايز جي پگهار ۾ واڌ خلاف درخواست تي وفاقي سرڪار ۽ ٻين کي نوٽيسز جاري ڪري ڇڏيا، لاڳاپيل اختيارين کان 16 سيپٽمبر تائين تفصيل طلب،

قومي اسيمبلي جي سيڪريٽري کي ميمبرز جي اڳوڻين ۽ موجوده پگهارن سوڌو رعايت جو رڪارڊ پيش ڪرڻ جو حڪم،

درخواستگذار سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته قومي اسيمبلي ۾ ميمبرز جي پگهار ۽ رعايتن ۾ واڌ جو بِل پيش ڪيو ويو هو، جنهن تحت هڪ ايم اين اي کي ساليانو 25 ايئر ٽڪيٽس استعمال ڪرڻ جو اختيار ڏنو ويو آهي، ٽڪيٽ استعمال نه ٿيڻ جي صورت ۾ اها رقم به حاصل ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي،

 موجوده صورتحال ۾ ايم اين ايز جي پگهارن ۽ رعايتن ۾ واڌ کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.

       سنڌ سرڪار اِي پي آءِ پروگرام جَي پراجيڪٽ ڊائريڪٽر ڊاڪٽر محمد اڪرم سلطان کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو،

 صحت کاتي ۾ رپورٽ ڪرڻ جِي هدايت ڪئي وئي. گذريل ڏينهن اي پي آءِ جَي وائرل ٿيل مبينا ليٽر ۾ ڪراچي کي صوبو ڄاڻايو ويو هو.

سوشل ميڊيا تي سخت تنقيد بعد ڄاڻايل پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ليٽر کي ڪوڙو قرار ڏنو هو.

                                                                .

 

.

ٿرپارڪر ۾ ڀارتي ايف ايم ريڊيو جي نشريات بند ڪرڻ لاءِ درخواست تي وفاق ۽ سنڌ حڪومت کي نوٽيسز جاري،

سنڌ هاءِ ڪورٽ گهرو کاتي ۽ سُڌ سماءَ جي وزارت سوڌو ٻين واڳيل اختيارين کان به 17 سيپٽمبر تي لکت ۾ جواب طلب ڪري ورتو،

درخواستگذار مريد علي شاهه موقف اختيار ڪيو آهي ته ٿرپارڪر ۾ ڀارتي ريڊيو ايف ايم جي نشريات هلي رهي آهي،

 ڀارتي ريڊيو اسٽيشن ذريعي پاڪستان ۽ پاڪ فوج خلاف پروپئگنڊا ڪئي ويندي آهي، تنهن ڪري ڀارتي ريڊيو جي نشريات بند ڪرڻ لاءِ حڪم ڏنو وڃي

سرحد لڳ قومي شاهراه تي ٽرالر ۽ ڪنٽينر وچ ۾ ٽڪر 2 ڄڻا زخمي

سرحد ٿاڻي جي حد قومي شاهراه تي ٽرالر ء ڪنٽينر وچ ۾ ٽڪر  ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا حنيف ڪلهوڙو ء نصير ڪلهوڙو زخمي ٿي پيا جن کي تعلقي اسپتال گهوٽڪي پهچايو ويو آهي.

2 مهينا اڳ قتل ٿي ويل ڏهرڪي واسي نوجوان جي قتل ۾ ملوث جوابدارن مان هڪ جوابدار سوگهو ،مقتول جي وارثن پاران ٻيا جوابدار به گرفتار ڪرڻ جو مطالبو

2 مهينا اڳ ڏهرڪي جي ، مسلم ڪالوني ۾ هٿياربندن گهر ۾ گهڙي ننڊ سُتل گهر ڀاتين تي هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا هئا، گوليون لڳڻ سبب امان الله سميجو ٿڌي تي مارجي ويوهو جڏهن ته سندس  امڙ ميهر خاتون ۽ والد واڌل زخمي ٿي پيا. واقعي کانپوءِ هٿياربند فرار ٿي ويا هئا

 ڏهرڪي پوليس قتل ڪيس م ملوث جوابدارن مان هڪ جوابدار اصغر سميجو کي گهوٽڪي جي  رحمووالي واري علائقي  مان گرفتار ڪري ورتو آهي

 هوڏانهن مقتول جي وارثن محمد ياسين سميجو محمد عالم غلام رسول سميجو ۽ ٻين صحافين اڳيان احتجاج ڪندي مطالبو ڪيو  آهي ته ڪيس ۾ گهربل ٻين جوابدارن کي به گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي

 

 

 

 

 

 

Comments

Popular posts from this blog

ايس ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل پاران ضلعي جي پوليس کي سماجي

قادرپور ويجهو سنڌو درياء ۾ پاڻي جي سطح ۾ لاٿ اچڻ بعد درياء

شهري اتحاد سرحد پاران سرحد ۾ روڊ حادثن کان حفاظت جي سلسلي ۾ سيمينار ٿي گذريو،