يارو لنڊ ويجهو گونگي عورت خودڪشي ڪئي آهي

 

يارو لنڊ ويجهو گونگي عورت خودڪشي ڪئي آهي

اياز گبول کان

 گذريل ٻن سالن دوران حڪومتي قرض ۾ پنجيتاليهه سيڪڙو واڌ

 ناڻي واري وزارت نئين دستاويز جاري ڪري ڇڏيو آهي جنهن موجب گذريل 2 سالن ۾ حڪومتي قرض ۾ 45 سيڪڙو واڌ ٿي آهي

.رپورٽ موجب ناڻي واري وزارت طرفان جاري ڪيل نئين دستاويز موجب 2 سالن ۾ حڪومتي قرض جي ڊي پي جي 87 سيڪڙو جي برابر ٿي ويا آهن جڏهن ته قرض ۾ واڌ جو وڏو سبب مالي خسارو پورو ڪرڻ جي لاءِ ورتل قرض آهي.

ٻئي طرف قانون موجب حڪومتي قرض جي ڊي پي جي 60 سيڪڙو کان وڌيڪ نه هجڻ گهرجي.

 ياد رهي ته مسلم ليگ(ن) جي حڪومت دوران حڪومتي قرض جي ڊي پي جو تقريبن 73 سيڪڙو هو.

 

سنڌ حڪومت صوبي ۾ موجود مدرسن کي تعليمي ادارن جيان رجسٽرڊ ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي

.وڏي وزير جي ترجمان موجب مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ نيشنل ايڪشن پلان سميت ٻين معاملن تي بريفنگ ڏني وئي

. آءِ جي سنڌ بريفنگ ۾ ٻڌايو ته سنڌ ۾ 8195 مدرسا ۽ امام بارگاهون آهن، فيصلو ڪيو ويو آهي ته صوبي ۾ مدرسن کي تعليمي ادارن جيان رجسٽرڊ ڪيو ويندو ۽  ان کي تعليم کاتو رجسٽرڊ ڪندو.

ان موقعي تي وڏي وزير چيو ته مدرسن جو مفت تعليم ڏيڻ ۾ اهم ڪردار آهي. قانوني صلاحڪار بريفنگ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ته اسٽريٽ ڪرائيم جي خاتمي بابت قانونسازي تيار ڪئي پئي وڃي.

نئين قانون جي تياري لاءِ هاءِ ڪورٽ سان صلاح مشورا ڪري رهيا آهيون.قانون واري صلاحڪار  جي بريفنگ تي وڏي وزير چيو ته  صرف قانون ٺاهڻ ڪافي نه آهي. مڪمل عمل  ضروري آهي.

اسٽريٽ ڪرائمز جا ڪيس ائين ٺاهيا وڃن جو جوابدارن کي سزا به ملي سگهي.

 اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته عدالت مان اسٽريٽ  ڪرائمز جي ڪيسن جي لاءِ ڌار جج لڳائڻ جي درخواست ڪئي ويندي.

 

افغان طالبان جو 7 رڪني وفد افغان امن عمل جي معاملي تي ڳالهين جي لاءِ پاڪستان پهچي ويو.

ذريعن موجب افغان طالبان جي سياسي آفيس جو وفد ملا عبدالغني برادر جي اڳواڻي ۾ پاڪستان پهتو آهي.

 افغان وفد پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جي دعوت تي پاڪستان آيو آهي

.ذريعن جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته افغان طالبان جو وفد پاڪستاني  اڳواڻن سان افغان مفاهمتي عمل بابت ڳالهيون ڪندو.

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪراچي ڪميٽي خلاف مظاهرا،

 مورو، ٺل، نصير آباد، ٽنڊو باگو، ڊگهڙي ۽ ٻين شهرن ۾قومي عوامي تحريڪ جي سڏ تي ريليز بعد مظاهرا ڪيا ويا، هٿن ۾ بئنر ۽ پلي ڪارڊ کنيل مظاهرين طرفان ڪراچي ڪميٽي نامنظور جا نعرا،

 مظاهرن کي خطاب دوران اڳواڻن چيو آهي ته وفاق ۽ سنڌ حڪومت جي ڪميٽي ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ واري سازش جو حصو آهي، پ پ حڪومت دٻاءُ ۾ اچي سنڌ جي عوام جي اُميدن جي لتاڙ ڪئي آهي،

 سنڌ جو عوام ٻٽي نظام جيان ڪراچي ڪميٽي کي به ناڪام بڻائي ڇڏيندي، سنڌ جي وحدت خلاف سازشون سدائين ناڪام ٿيون آهن ۽ هاڻي به ناڪام ٿي وينديون،

جي يو آءِ ف اڳواڻ راشد محمود سومرو چيو آهي ته سنڌ کي ورهائڻ واري سازش تحت پهرئين مرحلي ۾ ڪراچي ڪميٽي ٺاهي وئي،

ٻئي مرحلي ۾ ڪراچي کي وفاق حوالي ڪيو ويندو ۽ ٽئين مرحلي ۾ ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪري سامونڊي پٽي کي عالمي طاقتون حوالي ڪيو ويندو.

بڊاڻي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ بيدردي سان 20 سالا ناري قتل, جوابدار فرار,

بڊاڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڄام ميرل سانگي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ چاچي مظفر سومرو پنهنجي ڪنواري ڀائٽري 20 سالا خالدان خاتون ڌي رشيداحمد سومرو کي پسٽل جا فائر ڪري بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو

 جڏهن ته مياڻي ايٽ بڊاڻي پوليس جاء واردات تي پهچي مقتولا جي لاش کي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاء ڪشمور اسپتال منتقل ڪيو ويو جتان ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو  جڏهن ته وقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو ۽ نه وري ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي

غوثپور جي ڪچي ۾ هٿياربندن جي احمدو جاگيراڻي زمين تي ڪاه 4 مينهون ڦر ، مذاحمت تي ڌنار زخمي ڀاڳين همٿ ڪري هڪ چور کي سوگهو ڪري ورتو جنهن جي سڃاڻپ ظهور احمد طور ٿي آهي

جنگڻ ٿاڻي جي حد جي ڪچي جي ڳوٺ ڏاگھو جاگيراڻي ۾ اڻ ڄاتل ھٿياربندن جي احمدو جاگيراڻي جي زمين تي ڪاھ ڪري سندس چارمينھون ڦر ڪري ڪاھي وڃي رهيا هئا ته مزاحمت تي ڌنار وارث  جاگيراڻي کي زخمي ڪيو ويو

۔ ڀاڳين پيڇو ڪري ھڪ چور ظھور احمد کي ھٿيارن سميت سوگھو ڪري ورتو

دادلغاري ويجهو کروهي ۾ عورت سان مبينه ڏاڍائي جي ڪوشش مذاحمتي تي مارڪٽ بعد ڪپڙا ليڙون ليڙون ڪيا ويا

دادلغاري ويجهو کروهي شر ۾ متاثره عورت حضوران شر الزام هڻندي ٻڌايو ته هوءَ ٻني ۾ گاھ ڪري رهي هئي ته جوابدار قطب شر ساڻس جنسي ڏاڍائي جي ڪوشش ڪئي، مزاحمت تي هن مارڪٽ به ڪئي ۽ ڪپڙا به ڦاڙيا.

 هن چيو ته يارولنڊ ٿاڻي تي فرياد به ڪئي آهي پر پوليس جوابدار کي گرفتار نه ٿي ڪري، هن ايس ايس پي گهوٽڪي کان مطالبو ڪيو ته جوابدار قطب شر کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 هوڏانهن يارولنڊ پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار کي گرفتار ڪري مامري جي جاچ ڪئي ويندي.

 

ڪراچي جي لانڍي ۾ 13 ورهين جي نينگري سان ماسترياڻي جي ڀاءَ سميت ٽن ڄڻن پاران لڄالٽ ڪئي وئي. متاثر نينگري 20 هفتن جي حمل سان ٿي وئي. پوليس ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.

پوليس موجب 13 ورهين جي نينگري سان سندس ماسات وقاص، ماسترياڻي جو ڀاءُ حماد بيگ ۽ پاڙيسري محمد اسماعيل لڄالٽ ڪندا رهيا. پوليس جو چوڻ هو ته متاثر نينگري جي والد جي فرياد تي ٽنهي جوابدارن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري نينگري کي ميڊيڪل ليٽر جاري ڪيو ويو آهي. متاثر نينگري جي والد موجب سندس ڌيءُ کي پيٽ ۾ سور پيو هو کيس ڊاڪٽر ٻڌايو ته سندس ڌيءُ 20 هفتن جي حمل سان آهي. هن چيو ته ڌيءُ کان پڇڻ تي ٻڌايو ته ڄاڻايل جوابدار لڄالٽ ڪندا رهيا ۽ خاموش رهڻ لاءِ ڌمڪيون ڏيندا رهيا. هن وس وارن کي انصاف جو مطالبو ڪيو.

 

Comments

Popular posts from this blog

ايس ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل پاران ضلعي جي پوليس کي سماجي

قادرپور ويجهو سنڌو درياء ۾ پاڻي جي سطح ۾ لاٿ اچڻ بعد درياء

شهري اتحاد سرحد پاران سرحد ۾ روڊ حادثن کان حفاظت جي سلسلي ۾ سيمينار ٿي گذريو،