ملڪ ۾ ڪورونا وائرس گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 23 ڄڻن جون حياتيون ڳڙڪائي ويو
ملڪ ۾ ڪورونا وائرس گذريل
24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 23 ڄڻن جون حياتيون ڳڙڪائي ويو آهي،جنهن بعد فوتن جو انگ 440 تي پهچي ويو آهي جڏهن ته متاثرن
جو 19 هزار 103 تي پهچي ويو آهي..
سڄي ملڪ ۾ هيل تائين 19 هزار 103 ڄڻن
کي ڪورونا وائرس هجڻ جي تصديق ٿي چڪي آهي،جڏهن ته هيل تائين سڄي ملڪ ۾ 4 هزار 817
ڄڻا ڪورونا وائرس جو مقابلو ڪندي صحتياب ٿي ويا آهن،
جاري ڪيل انگن اکرن موجب سنڌ ۾ 7 هزار
102، پنجاب ۾ 7 هزار 106، بلوچستان ۾ هڪ هزار 172 ڄڻن کي وائرس جي تصديق ڪئي وئي
آهي،اهڙي ريت خيبرپختونخواهه ۾ 2 هزار 907، اسلام آباد 393 ڄڻن کي وائرس جي تصديق
ڪئي وئي آهي،جڏهن ته گلگت ۾ 356 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 67 ڄڻا ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿي
چڪا آهن.
مٺي جي سول اسپتال ۾ هڪ وڌيڪ
ٻارڙو فوت ٿي ويو جنهن بعد فوتين جو انگ وڌي 5 ٿي ويو آهي
سول اسپتال ۾ خوراڪ جي کوٽ هجڻ سبب 5
مهينن جو ٻارڙو امر ڀيل فوت ٿي ويو جنهن بعد گذريل 24 ڪلاڪن ۾ فوتي ٻارڙن جو انگ وڌي
5 ٿي ويو آهي. جڏهن ته هلندڙ مهيني فوتي ٻارڙن جو انگ 7 ۽ هلندڙ سال انگ وڌي 265 تي
پهچي ويو آهي.
پنوعاقل ويجھو سطانپور ۾ انڍڙ ۽ سمائر
برادري جي ٻن ڌرين ۾ زميني جي تڪرار تان جھيڙو ٿي پيو لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ جي نتيجي
۾ ٻنهي ڌرين جا 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا. زخمين ۾ مهيع الدين انڍڙ،نجم الدين انڍڙ،عبدالقدوس
سمائر،محمد نواز سمائر ۽ عبدالشڪور سمائر شامل آهن. جن کي تعلقه اسپتال پنوعاقل
منتقل ڪيو ويو.
ٻي پاسي ٻنهي ڌرين پاران ڪينٽ ٿاڻي تي
هڪ ٻئي مٿان اين سي داخل ڪرائي ڇڏي آهي
ٻئي پاسي دادلوءِ ٿاڻي جي حد ڳوٺ مولي
ڏنو ميربحر ۾ گهٽي جي لنگهه تان ميراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دروان عورت سميت
6 ڄڻا زخمي ٿي پيا زخمين ۾ مائي مهناز،ٻانهون، غلام محمد، مهيوال، ظهير احمد ۽
بشير احمد شامل آهن جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو..
ميرپور
ماٿيلو ويجھو شيخ ۽ چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي جنهن جي نتيجي ۾ 9 ڄڻا
زخمي ٿي پيا جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو..
ميرپورماٿيلو
ويجھو ڳوٺ بشير شيخ ۾ ٽرانسفامر مان بجلي
جي تار لڳائڻ تان چانڊيا ۽ شيخ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو لٺيون ۽ سروٽا
لڳڻ جي نتيجي ۾9 ڄڻا زخمي ٿي پيا زخمين ۾ علي گل،عمران،شاھنواز،گلزار،صاحب علي،رفيق
احمد،حاڪم علي، ۽ غلام نبي شيخ، شامل آهن،جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.اهڙي
واقعي جي اين سي پڻ داخل ڪرائي وئي آهي..
خانپورمهر
۾ مهانگائي جي شڪايت تي اسسٽنٽ ڪمشنر خانڳڙھ جا دڪانن توڙي پيٽرول پمپن تي ڇاپا،اضافي
اگهه وٺندڙ دڪاندارن توڙي پمپ مالڪن مٿان ڏنڊ وڌو ويو،
خانپورمهر ۾ هٿرادو
مهانگائي واري شڪايت تي اسسٽنٽ ڪمشنر خانڳڙھ عديل احمد سوهو پاران اسسٽنٽ مختيارڪار
سجاد ڪلوڙ کي ساڻ ڪري شهر جي مختلف هنڌن تي قائم ڪريانه، سبزي فروٽن سميت مختلف عام
واهپي جي شين جي دڪانن تي ڇاپا هڻي شين جا اگهه معلوم ڪري ريٽ لسٽون چيڪ ڪيون، جڏهن
ته مختلف دڪانن تي ريٽ لسٽون نه هجڻ ۽ هٿرادو مهانگائي ڪندڙ دڪاندارن مٿان ڏنڊ پڻ وڌو
ويو،
ٻي پاسي اي سي خانڳڙھ
خانپورمهر ۽ ڀرپاسي جي مختلف هنڌن تي قائم پيٽرول پمپن تي ڇاپا هڻي پيٽرول ۽ ڊيزل جا
اگھ معلوم ڪيا ۽ اضافي اگهه وصول ڪندڙ پيٽرول پمپ مالڪن مٿان ڏنڊ به لڳايا ويا.
ان موقعي تي اسسٽنٽ
ڪمشنر خانڳڙھ عديل احمد سوهو پيٽرول پمپ مالڪن کي پيٽرول ۽ ڊيزل حڪومتي اگهه تي وڪرو
ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي،
سندس چوڻ هو ته ڊي
سي گھوٽڪي جي هدايتن تي پيٽرول پمپن تي وڃي پيٽرول ۽ ڊيزل جا اگھ معلوم ڪيا آهن، اضافي
اگهه وٺندڙ ۽ ماپي تي پورو نه لھندڙن تي ڏنڊ وڌو آهي،
هن چيو ته عام واهپي
جون شيون مقرر ڪيل اگهن تي وڪرو نه ڪندڙ منعافي خور دڪاندارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي
ويندي...
ميرپور
ماٿيلو ويجھو ڳوٺاڻن جو بااثرن جي ڏاڌ خلاف احتجاج وس وارن کان نوٽيس وٺڻ جو
مطالبو ڪيو ويو..
وزير
احمد لاشاري جي رپورٽ مطابق ته
ميرپور ماٿيلو ويجهو
ڳوٺ پير محمد کٽياڻ ۾ بااثرن جي ڏاڌ خلاف
منگي برادري جي ماڻهون جو نظير احمد بشير احمد، منظور احمد، قربان علي،شعبان،رمضان،عرفان،فرمان
علي منگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
ان موقعي تي
مظاهرين ميڊيا آڏو دانهيندي چيو آهي ته هندو برادري جي بااثرن استاد ڀڳوان داس،ڪرتن
داس،هري لعل ۽ ٻين اسان جي پلاٽ مٿان قبضو ڪري اسان مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا آهن.
هنن چيو ته
ڇڪتاڻ بابت ڳوٺ جي چڱي مڙس به ڪيترا ڀيرا ڳالهيون ٻڌيون آهن، پر ڀڳوان داس ڪنهن جي
به ڪا ڳالھ مڃڻ لاءِ تيار ناهي،
هنن چيو ته اسان
مسڪين ماڻهو آهيون اسان جي ڪير به مدد ڪرڻ لاءِ تيار ناهي،جڏهن ته ڄاڻايل بااثرن اسان
مٿان ڪوڙا الزام مڙهي اسان کي بليڪ ميل ڪري رهيا آهن،
احتجاج ڪندڙن آءِ
جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي گهوٽڪي، سميت ٻين وس وارن کان نوٽيس وٺڻ جو
مطالبو ڪيو آهي..
گهوٽڪي
۾ ٽي ڏينهن اڳ جوا جي اڏي تان گرفتار ڪيل شوڪت لاکي ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿيڻ
بعد ايس ايس پي گهوٽڪي ڇاپو هڻڻ لاءِ ويل سڀني اهلڪارن جي ٽيسٽ ڪرائڻ جو فيصلو ڪري
ورتو...
ان
حوالي سان وڌيڪ تفصيل معلوم ڪنداسين 91 جي رپورٽر مسرت مهر کان...
گهوٽڪي
ويجھو معمولي ڳالهه تان منگسي برادري جي ٻن ڀائرن ۾ جھيڙو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾
4 ڄڻا زخمي ٿي پيا..
گهوٽڪي ويجھو بي
سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ درياھ خان منگسي ۾ گهرو معملي تان منگسي برادري جي ٻن ڀائرن
۾ جهيڙو ٿي پيو،لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا زخمين ۾ حاجي راڻو
منگسي ۽ سندس پٽ ساجد منگسي،مجيب منگسي ۽ مبارڪ منگسي شامل آهن جن کي تعلقيٰ
اسپتال منتقل ڪيو ويو جتان ٽن ڄڻن ساجد،مجيب ۽ مبارڪ منگسي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سکر
ريفر ڪيو ويو آهي.
جڏهن ته اهڙي
واقعي بعد زخمي ٿيل حاجي راڻي منگسي پاران بي سيڪشن ٿاڻي تي 7 ڄڻن مٿان واقعي جي اين
اي داخل ڪرائي ڇڏي آهي جنهن بعد پوليس ٻن ڄڻن اربيلو منگسي ۽ محب منگسي کي گرفتار
ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو.
گهوٽڪي
۾ ڪورونا پنهنجي سفر کي تيز ڪري ڇڏيو وڌيڪ 8 ڪيسن جي تصديق ، مقامي مريضن جو انگ
38 ٿي ويو انتظاميه پاران لاکا محلي کي سيل ڪري پوليس اٽالا مقرر ڪري ڇڏيا.
گهوٽڪي جي لاکا محلي مان ورتل باقي 22 نمونن تحت وڌيڪ 8 ماڻهن
۾ وائرس جي تصديق ٿي وئي آهي.
ان سلسلي ۾ ڊپٽي
ڪمشنر جو چوڻ آهي ته ضلعي انتظاميه پاران ڀرپور ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته ڄاڻايل محلي توڙي
ڀرپاسي جي ماڻهن جون وڌ کان وڌ ٽيسٽون ڪيون وڃن ته جيئن وقت سر مريضن جي نشاندهي ٿي
سگهي ان ڪري ماڻهن کي گهرجي ته هو وائرس کي وڌيڪ پکڙجڻ کان روڪڻ لاءِ گهرن کان ٻاهر
نه نڪرن ۽ سخت احتياطي تدبيرون اختيار ڪن.
هن وڌيڪ چيو ته لاکا
محلي ۾ وڌيڪ سختي ڪئي پئي وڃي ته جيئن ماڻهن جي غيرضروري اڃ وڃ کي مڪمل بند ڪيو وڃي
گهوٽڪي انتظاميه
پاران ڪورونا متاثر لاکا محلي کي سيل ڪري ايندڙ ويندڙ رستن تي پوليس اٽالا مقرر
ڪري ڇڏيا آهن
گهوٽڪي ۾ راشن نه ملڻ خلاف
پ پ جي ورڪر جو احتجاج وس وارن کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو..
گهوٽڪي جي
قادريه فيڪٽري محلي جي رهواسي پ پ جي ورڪر محمد جمن شيخ 91 آفيس پهچي احتجاج ڪندي
دانهيو آهي منهنجا ٻچڙا بک تي ويٺل آهي راشن لاءِ پ پ جي چونڊيل نمائيندن ۽ اڳواڻن
وٽ دانهيو آهي پر ڪير به مدد ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.
هن چيو ته بک ۽
بد حالي سبب خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ٿي ويو آهيان ان حوالي سان پورهيت محمد جمن 91
سان ڪجھ هن ريت ڳالهه ٻول ڪئي آهي.
Comments
Post a Comment