Posts

Showing posts from December, 2018

سرحد ڀرسان گهريلو جهيڙي تان نوجوان مبينه طور خودڪشي ڪري ڇڏي

سرحد ڀرسان   گهريلو جهيڙي تان نوجوان   مبينه طور خودڪشي ڪري ڇڏي ، سرحد ٿاڻي جي حد ڳوٺ قادر بخش ڀيو جي رهواسي 18 سالن جي   نوجوان وزير ڀيو مبينه طور گهريلو جهيڙي تان بندوق جو فائر ڪري پنهنجي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو. اطلاع ملڻ تي سرحد پوليس پهچي فوتي جو لاش کڻائي تعلقي اسپتال گهوٽڪي پهچايو، جتان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو،

گهوٽڪي ويجهو ڳوٺ گل محمد گهوٽو جي رهواسين پاران بي سيڪشن گهوٽڪي پوليس خلاف احتجاج، پوليس پاران بي گناھ ماڻهن تي قتل ڪيس ۾ ڦاسائڻ جا الزام، ايس ايس پي گهوٽڪي کان شفاف جاچ جو مطالبو،

گهوٽڪي ويجهو ڳوٺ گل محمد گهوٽو جي رهواسين پاران بي سيڪشن گهوٽڪي پوليس خلاف احتجاج، پوليس پاران بي گناھ ماڻهن تي قتل ڪيس ۾ ڦاسائڻ جا الزام، ايس ايس پي گهوٽڪي کان شفاف جاچ جو مطالبو، بي سيڪشن ٿاڻي گهوٽڪي جي حد ڳوٺ گل محمد گهوٽو جي رهواسين عورتن مسمات بيبل، مسمات عزيزان گهوٽو ۽ ٻين گهوٽڪي پهچي بي سيڪشن گهوٽڪي پوليس  خلاف نعريبازي ڪئي، سندس چوڻ هو ته گذريل ڏينهن قتل ٿيل مولا بخش گهوٽو پنهنجي ڀائرن جي جهيڙي ۾ مارجي ويو هو، جنهن جي ڪيس ۾ پوليس سندن مردن مٿان درج ڪري ناانصافي ڪئي وئي آهي، هنن الزام هنيو ته پوليس ڏوڪڙن جي لالچ ۾ سندن بي گناھ ماڻهن کي ڦاسائي اصل قاتلن کي بچائڻ جي ڪوشش ۾ آهي، هنن ايس ايس پي گهوٽڪي کان مطالبو ڪيو آهي ته مقتول مولابخش گهوٽي جي ڪيس بابت شفاف جاچ ڪرائي سندن بي گناھ ماڻهن مٿان داخل ڪيس خارج ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي...........

شهري اتحاد سرحد پاران سرحد ۾ روڊ حادثن کان حفاظت جي سلسلي ۾ سيمينار ٿي گذريو،

شهري اتحاد سرحد   پاران سرحد ۾ روڊ حادثن کان حفاظت جي سلسلي ۾ سيمينار   ٿي گذريو، جنهن ۾ نيشنل هاءِ ويز اينڊ موٽروي بيٽ 25 _ڏهرڪي پوليس جي ڊي ايس پي محمد حسن ۽ ايڊمن آپريشن عبدالرزاق چنه سيمينار کي خطاب ڪندي چيو ته اسين سڀ روزمره جي زندگي ۾ روڊن تي سفر ڪيون ٿا پر اڪثر ماڻهو   ٽرئفڪ ۽ روڊ جي اصولن کان بي خبر بڻيل آهن يا جن کي ٽرئفڪ جي اصولن جي خبر به هوندي آهي پر انهن جي غفلت، ڪنهن اهڙي حادثي کي جنم ڏئي ٿي جنهن ۾ يا ته ماڻهو معذور ٿي وڃي ٿو يا وري   فوت ٿي وڃي ٿو،   هنن احتياطي تدبيرن ۾ ٻڌائيندي چيو ته هيلمٽ جي استعمال، سيٽ بيلٽ ٻڌڻ ۽ ڪوهيڙي ۾ اسپيڊ گهٽائڻ سان سفر محفوط ۽ خوشگوار ثابت ٿي سگهي ٿو. ان موقعي تي عملدارن ٻڌايو ته آءِ جي( موٽر وي   )اي ڊي خواجه، ڊي آءِ جي سليم ڀٽي، ايس ايس پي غلام سرور جي ڏنل حڪمن تحت روڊ ۽ ٽرئفڪ جي ڄاڻ فراهم ڪرڻ لاءِ مختلف هنڌن تي معلوماتي سيمينار ڪيا پيا وڃن ته جيئن حادثن کان بچي سگهجي. هنن چيو ته “روڊ سيفٽي” جي معلومات کي عام ڪرڻ لاءِ سول سوسائٽي ۽ ساڃاهه وندن کي به ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ان موقعي تي شهري اتحاد سرحد جي چيئرمين فقير ڪامل لکڻ

پيپلز پارٽي جي اڳواڻ خورشيد شاهه جو چوڻ آهي ته بلاول ڀٽو زرداري جي گرفتاري خطرناڪ راند هوندي ۽ ان سان ملڪ افراتفري جو شڪار ٿيندو.

پيپلز پارٽي جي اڳواڻ خورشيد شاهه جو چوڻ آهي ته بلاول ڀٽو زرداري جي گرفتاري خطرناڪ راند هوندي ۽ ان سان ملڪ افراتفري جو شڪار ٿيندو . لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پيپلز پارٽي جي اڳواڻ خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته بلاول ڀٽو جي گرفتاري لاءِ دل ۽ گڙدو گهرجي، بلاول ڀٽو جي گرفتاري خطرناڪ راند آهي، ان سان ملڪ افراتفري جو شڪار ٿيندو، بلاول کي گرفتار ڪرڻ ممڪن ناهي پر حڪومت ڪجهه به ڪري سگهي ٿي. خورشيد شاهه چيو ته سنڌ ۾ گورنر راڄ لڳائڻ ممڪن ناهي، آئين ۽ قانوني ۾ ڪابه گنجائش ناهي، مارشل لا وسيلي آئين ختم ڪري گورنر راڄ لڳائي سگهجي ٿو، آئين ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪامياب نه ٿيندي ۽ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ ملڪ لاءِ بهتر نه هوندو.

گهوٽڪي ۾ عادلپور ٿاڻي جي حد ڏيڍ مهينو اڳ قتل ٿيل ساجد ڪلوڙ جي وارثن گورنر سنڌ اڳيان احتجاج ڪيو

گهوٽڪي ۾ عادلپور ٿاڻي جي حد ڏيڍ مهينو اڳ قتل ٿيل ساجد ڪلوڙ جي وارثن گورنر سنڌ اڳيان احتجاج ڪيو، قتل ٿيل نوجوان جي وارثن چنگلاڻي ڀرسان خانپور گهوٽڪي روڊ تي خانڳڙھ کان واپس ايندي   گورنر عمران اسماعيل جي گاڏي اڳيان بيهي کيس روڪي ورتو، گورنر گاڏي مان لهي نوجوان جي وارثن کان تفصيل معلوم ڪيا ۽ کين يقين ڏياريو   ته   آءِ جي سنڌ سان ان معاملي تي ڳالهائي سندن مسئلو حل ڪيو ويندو، گورنر سنڌ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته   بدامني سڄي سنڌ ۾ اچي وئي آھي ۽ ترقياتي ڪم   بند ٿي ويا آھن، سنڌ حڪومت رڳو جلسا ڪرڻ ۾ پوري آھي اسان هتان جي عوام جا مسئلا حل ڪنداسين............

Prime Minister Pakistan Call to Sardar Ali Gohar Khan Mahar

SINDHI GHOTKI NEWS وزيراعظم عمران خان پاران سنڌ جي صورتحال تي ڳڻتي جي اظهار کانپوءِ صوبي ۾ سياسي هلچل ۾   تيزي اچي وئي آهي، جڏهن ته تحريڪ انصاف جي اڳواڻن رابطا به شروع ڪري ڇڏيا . سنڌ ۾ گورنر راڄ يا ان هائوس تبديلي جي افواهن کانپوءِ تحريڪ انصاف ۽ پيپلز پارٽي جي اڳواڻن طرفان هڪ ٻئي تي تنقيد جو سلسلو جاري آهي، سنڌ ۾ پ پ جي حڪومت ڪيرائڻ لاءِ پي ٽي آءِ ۽ جي ڊي اي خانڳڙهه جي گوهر پئلس ۽ تاربنگلي کي سياسي مرڪز بڻائي ڇڏيو آهي، خانڳڙهه ۾ جي ڊي اي اڳواڻ علي گوهر مهر جي دعوت تي پهتل گورنر سنڌ عمران اسماعيل، پي ٽي آءَ جي پارلياماني ليڊر حليم عادل شيخ ، پي ٽي آءِ جي وفاقي وزير اينٽي نارڪو ٽيڪس سردار علي محمد خان مهر ، جي ڊي اي اڳواڻ ايم اين اي غوث بخش خان مهر ، مهر گروپ جي اتحادي اڳوڻي ايم پي اي رحيم بخش خان بوزدار جي علي گوهر مهر جي تار بنگلي تي گذريل رات گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ سنڌ جي موجوده سياسي صورتحال ۽ سنڌ ۾ پ پ جي حڪومت ڪيرائڻ جي حوالي سان صلاح مشورا ڪيا ويا، تحريڪ انصاف ۽ مهر ڀائرن سنڌ ۾ تبديلي لاءِ ڪوششون وڌيڪ تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو   آهي. گورنر سنڌ عمران اسماعيل ۽   پي ٽي آءِ   ا