Prime Minister Pakistan Call to Sardar Ali Gohar Khan Mahar

SINDHI GHOTKI NEWS

وزيراعظم عمران خان پاران سنڌ جي صورتحال تي ڳڻتي جي اظهار کانپوءِ صوبي ۾ سياسي هلچل ۾  تيزي اچي وئي آهي، جڏهن ته تحريڪ انصاف جي اڳواڻن رابطا به شروع ڪري ڇڏيا.
سنڌ ۾ گورنر راڄ يا ان هائوس تبديلي جي افواهن کانپوءِ تحريڪ انصاف ۽ پيپلز پارٽي جي اڳواڻن طرفان هڪ ٻئي تي تنقيد جو سلسلو جاري آهي،
سنڌ ۾ پ پ جي حڪومت ڪيرائڻ لاءِ پي ٽي آءِ ۽ جي ڊي اي خانڳڙهه جي گوهر پئلس ۽ تاربنگلي کي سياسي مرڪز بڻائي ڇڏيو آهي،
خانڳڙهه ۾ جي ڊي اي اڳواڻ علي گوهر مهر جي دعوت تي پهتل گورنر سنڌ عمران اسماعيل، پي ٽي آءَ جي پارلياماني ليڊر حليم عادل شيخ ، پي ٽي آءِ جي وفاقي وزير اينٽي نارڪو ٽيڪس سردار علي محمد خان مهر ، جي ڊي اي اڳواڻ ايم اين اي غوث بخش خان مهر ، مهر گروپ جي اتحادي اڳوڻي ايم پي اي رحيم بخش خان بوزدار جي علي گوهر مهر جي تار بنگلي تي گذريل رات گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ سنڌ جي موجوده سياسي صورتحال ۽ سنڌ ۾ پ پ جي حڪومت ڪيرائڻ جي حوالي سان صلاح مشورا ڪيا ويا،
تحريڪ انصاف ۽ مهر ڀائرن سنڌ ۾ تبديلي لاءِ ڪوششون وڌيڪ تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي.
گورنر سنڌ عمران اسماعيل ۽  پي ٽي آءِ  اڳواڻ تاربنگلي کان گوھر پيلس خانڳڙھ پهتا.
ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائيندي پي ٽي آءِ  اڳواڻ حليم عادل شيخ چيو ته سنڌ ۾  تبديلي اڻٽر آھي وڌيڪ فيصلو قيادت ڪندي.
ھن چيو ته  جي آءِ ٽي رپورٽ اچڻ بعد سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھ کي استعيفيٰ  ڏيڻ گھرجي. سندس چوڻ هو ته اڃا هاڻ ته پارٽي شروع ٿي آهي، اڳتي ڏسون ته ڇا ٿو ٿي.
هن چيو ته سردار علي گوھر خان مھر سان وزير اعظم عمران خان جي فون تي ڳالھ ٻولھه ٿي آھي، صدر عارف علوي جلد خانڳڙھ ايندو، جنهن بعد وزيراعظم پڻ خانڳڙھ پهچندو،
حليم عادل شيخ چيو ته سنڌ ۾ ان هائوس تبديلي لاءِ  رابطا مھم جاري آھي، ڪجھ به ناممڪن ناھي.
ھوڏانھن جي ڊي اي اڳواڻ ايم پي اي علي گوھر خان مھر چيو ته سنڌ قدرتي نعمتن سان مالا مال آھي پر افسوس جو سنڌ جي ماڻھن جو وارو ناھي اچي سگهيو، سنڌ ۾  بنيادي سھوليتن جي کوٽ آھي،  روڊ رستا تباھ آهن، اسپتالن ۾  غريب مريضن جو علاج نه پيو ٿي سنڌ ۾ تبديلي اچڻ گھرجي،
سندس چوڻ هو ته سنڌ جي عوام کي پنھنجا حق ملڻ گھرجن، ان لاءِ  دوستن سان رابطا جاري آھن ۽ جلد ئي صدر ۽  وزيراعظم خانڳڙھ پهچندا،
علي گوھر خان مھر جو وڌيڪ چوڻ هو ته جي ڊي اي ۽ پي ٽي آءِ جي قيادت سنڌ جي عوام جي بھتري لاءِ بھتر فيصلو ڪندي.
خانڳڙهه ۾ گورنر سنڌ عمران اسماعيل ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن جي آمد جي موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا،  پوليس سان گڏ رينجرز جا جوان مقرر ڪيا ويا ۽ گوهر پئلس جي مين گيٽ وٽ واڪ ٿرو گيٽ پڻ لڳايو ويو،

Comments

Popular posts from this blog

ايس ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل پاران ضلعي جي پوليس کي سماجي

قادرپور ويجهو سنڌو درياء ۾ پاڻي جي سطح ۾ لاٿ اچڻ بعد درياء

شهري اتحاد سرحد پاران سرحد ۾ روڊ حادثن کان حفاظت جي سلسلي ۾ سيمينار ٿي گذريو،