پيپلز پارٽي جي اڳواڻ خورشيد شاهه جو چوڻ آهي ته بلاول ڀٽو زرداري جي گرفتاري خطرناڪ راند هوندي ۽ ان سان ملڪ افراتفري جو شڪار ٿيندو.

پيپلز پارٽي جي اڳواڻ خورشيد شاهه جو چوڻ آهي ته بلاول ڀٽو زرداري جي گرفتاري خطرناڪ راند هوندي ۽ ان سان ملڪ افراتفري جو شڪار ٿيندو.
لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پيپلز پارٽي جي اڳواڻ خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته بلاول ڀٽو جي گرفتاري لاءِ دل ۽ گڙدو گهرجي، بلاول ڀٽو جي گرفتاري خطرناڪ راند آهي، ان سان ملڪ افراتفري جو شڪار ٿيندو، بلاول کي گرفتار ڪرڻ ممڪن ناهي پر حڪومت ڪجهه به ڪري سگهي ٿي.
خورشيد شاهه چيو ته سنڌ ۾ گورنر راڄ لڳائڻ ممڪن ناهي، آئين ۽ قانوني ۾ ڪابه گنجائش ناهي، مارشل لا وسيلي آئين ختم ڪري گورنر راڄ لڳائي سگهجي ٿو، آئين ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪامياب نه ٿيندي ۽ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ ملڪ لاءِ بهتر نه هوندو.

Comments

Popular posts from this blog

ايس ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل پاران ضلعي جي پوليس کي سماجي

قادرپور ويجهو سنڌو درياء ۾ پاڻي جي سطح ۾ لاٿ اچڻ بعد درياء

شهري اتحاد سرحد پاران سرحد ۾ روڊ حادثن کان حفاظت جي سلسلي ۾ سيمينار ٿي گذريو،