گهوٽڪي ويجهو ڳوٺ گل محمد گهوٽو جي رهواسين پاران بي سيڪشن گهوٽڪي پوليس خلاف احتجاج، پوليس پاران بي گناھ ماڻهن تي قتل ڪيس ۾ ڦاسائڻ جا الزام، ايس ايس پي گهوٽڪي کان شفاف جاچ جو مطالبو،

گهوٽڪي ويجهو ڳوٺ گل محمد گهوٽو جي رهواسين پاران بي سيڪشن گهوٽڪي پوليس خلاف احتجاج، پوليس پاران بي گناھ ماڻهن تي قتل ڪيس ۾ ڦاسائڻ جا الزام، ايس ايس پي گهوٽڪي کان شفاف جاچ جو مطالبو،
بي سيڪشن ٿاڻي گهوٽڪي جي حد ڳوٺ گل محمد گهوٽو جي رهواسين عورتن مسمات بيبل، مسمات عزيزان گهوٽو ۽ ٻين گهوٽڪي پهچي بي سيڪشن گهوٽڪي پوليس  خلاف نعريبازي ڪئي،
سندس چوڻ هو ته گذريل ڏينهن قتل ٿيل مولا بخش گهوٽو پنهنجي ڀائرن جي جهيڙي ۾ مارجي ويو هو، جنهن جي ڪيس ۾ پوليس سندن مردن مٿان درج ڪري ناانصافي ڪئي وئي آهي،
هنن الزام هنيو ته پوليس ڏوڪڙن جي لالچ ۾ سندن بي گناھ ماڻهن کي ڦاسائي اصل قاتلن کي بچائڻ جي ڪوشش ۾ آهي،
هنن ايس ايس پي گهوٽڪي کان مطالبو ڪيو آهي ته مقتول مولابخش گهوٽي جي ڪيس بابت شفاف جاچ ڪرائي سندن بي گناھ ماڻهن مٿان داخل ڪيس خارج ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي...........

Comments

Popular posts from this blog

ايس ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل پاران ضلعي جي پوليس کي سماجي

قادرپور ويجهو سنڌو درياء ۾ پاڻي جي سطح ۾ لاٿ اچڻ بعد درياء

شهري اتحاد سرحد پاران سرحد ۾ روڊ حادثن کان حفاظت جي سلسلي ۾ سيمينار ٿي گذريو،