Posts

ملڪ ۾ ڪورونا وائرس گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 23 ڄڻن جون حياتيون ڳڙڪائي ويو

  ملڪ ۾ ڪورونا وائرس گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 23 ڄڻن جون حياتيون ڳڙڪائي ويو آهي ،جنهن بعد فوتن جو انگ 440 تي پهچي ويو آهي جڏهن ته متاثرن جو 19 هزار 103 تي پهچي ويو آهي.. سڄي ملڪ ۾ هيل تائين 19 هزار 103 ڄڻن کي ڪورونا وائرس هجڻ جي تصديق ٿي چڪي آهي،جڏهن ته هيل تائين سڄي ملڪ ۾ 4 هزار 817 ڄڻا ڪورونا وائرس جو مقابلو ڪندي صحتياب ٿي ويا آهن، جاري ڪيل انگن اکرن موجب سنڌ ۾ 7 هزار 102، پنجاب ۾ 7 هزار 106، بلوچستان ۾ هڪ هزار 172 ڄڻن کي وائرس جي تصديق ڪئي وئي آهي،اهڙي ريت خيبرپختونخواهه ۾ 2 هزار 907، اسلام آباد 393 ڄڻن کي وائرس جي تصديق ڪئي وئي آهي،جڏهن ته گلگت ۾ 356 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 67 ڄڻا ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿي چڪا آهن .     مٺي جي سول اسپتال ۾ هڪ وڌيڪ ٻارڙو فوت ٿي ويو جنهن بعد فوتين جو انگ وڌي 5 ٿي ويو آهي سول اسپتال ۾ خوراڪ جي کوٽ هجڻ سبب 5 مهينن جو ٻارڙو امر ڀيل فوت ٿي ويو جنهن بعد گذريل 24 ڪلاڪن ۾ فوتي ٻارڙن جو انگ وڌي 5 ٿي ويو آهي. جڏهن ته هلندڙ مهيني فوتي ٻارڙن جو انگ 7 ۽ هلندڙ سال انگ وڌي 265 تي پهچي ويو آهي.     پنوعاقل ويجھو زميني تڪرار تان انڍڙ ۽ سمائر برادري جي ٻن ڌري

ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 24 مريض فوت ٿي ويا

  ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 24 مريض فوت ٿي ويا، فوتين جو انگ وڌي 385 ٿي ويو، مجموعي طور تي هن وقت تائين مريضن جو انگ 16800 کان وڌيڪ ٿي ويو آهي، هن وقت تائين سڀ کان وڌيڪ فوتگيون ڪي پي ڪي ۾ سامهون آيون آهن، جتي 146 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن، سنڌ ۾ 112 ۽ پنجاب ۾ 106 مريض فوت ٿي چڪا آهن،   ان کانسواءِ بلوچستان ۾ 14، اسلام آباد ۾ 4 ۽ گلگت بلتستان ۾ 3 ڄڻا ڪورونا وائرس سبب فوت ٿي چڪا آهن، اڄ پوري ملڪ مان وڌيڪ 344 ڪيس سامهون اچي چڪا آهن ۽ 24 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن جن مان ڪي پي ڪي مان 314 ڪيس 24 فوتگيون ۽ اسلام آباد مان 30 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، وفاقي دارالحڪومت ۾ اڄ ڪورونا سبب وڌيڪ 30 ڪيس سامهون آيا آهن، جيڪي سرڪاري پورٽل تي رپورٽ ڪيا ويا آهن،   پورٽل جي موجب نوان ڪيس سامهون اچڻ بعد اسلام آباد ۾ ڪيسز جو انگ 343 ٿي ويو آهي، شهر ۾ وائرس سبب هن وقت تائين 4 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن. هوڏانهن ٽنڊومحمدخان جي ڪاسائي پاڙي ۾ وڌيڪ 5 ڄڻن جي ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو اچي وئي، ان سلسلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر ياسر ڀٽي جو چوڻ آهي ته نون ڪيسن ۾ هڪ ئي گهر جون 3 عورتون ۽ 2 مرد شامل آهن، ٽنڊومحمدخان ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن جو انگ وڌي 4