ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 24 مريض فوت ٿي ويا

 

ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 24 مريض فوت ٿي ويا، فوتين جو انگ وڌي 385 ٿي ويو، مجموعي طور تي هن وقت تائين مريضن جو انگ 16800 کان وڌيڪ ٿي ويو آهي، هن وقت تائين سڀ کان وڌيڪ فوتگيون ڪي پي ڪي ۾ سامهون آيون آهن، جتي 146 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن، سنڌ ۾ 112 ۽ پنجاب ۾ 106 مريض فوت ٿي چڪا آهن،

 ان کانسواءِ بلوچستان ۾ 14، اسلام آباد ۾ 4 ۽ گلگت بلتستان ۾ 3 ڄڻا ڪورونا وائرس سبب فوت ٿي چڪا آهن،

اڄ پوري ملڪ مان وڌيڪ 344 ڪيس سامهون اچي چڪا آهن ۽ 24 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن جن مان ڪي پي ڪي مان 314 ڪيس 24 فوتگيون ۽ اسلام آباد مان 30 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن،

وفاقي دارالحڪومت ۾ اڄ ڪورونا سبب وڌيڪ 30 ڪيس سامهون آيا آهن، جيڪي سرڪاري پورٽل تي رپورٽ ڪيا ويا آهن،

 پورٽل جي موجب نوان ڪيس سامهون اچڻ بعد اسلام آباد ۾ ڪيسز جو انگ 343 ٿي ويو آهي، شهر ۾ وائرس سبب هن وقت تائين 4 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن.

هوڏانهن ٽنڊومحمدخان جي ڪاسائي پاڙي ۾ وڌيڪ 5 ڄڻن جي ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو اچي وئي، ان سلسلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر ياسر ڀٽي جو چوڻ آهي ته نون ڪيسن ۾ هڪ ئي گهر جون 3 عورتون ۽ 2 مرد شامل آهن،

ٽنڊومحمدخان ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن جو انگ وڌي 43 ٿي ويو آهي، ڊپٽي ڪمشنر جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ماڻهن کي گهرن ۾ رهڻ گهرجي، صورتحال ڏينهون ڏينهن خراب ٿي رهي آهي.

سکر ۾ فوت ٿي ويل شڪي مريض جي ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو اچي وئي. جنهن بعد سکر ۾ ڪورونا سبب فوت ٿي ويلن جو انگ وڌي 5 ٿي ويو. فوتيءَ جي وارثن جي ٽيسٽ جي لاءِ به سيمپل ورتا ويا آهن

سکر سي سيڪشن ٿاڻي جي حد شاليمار واري علائقي جي رهواسي فوتي ٿي ويل محمد انور مغل جي ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو اچي وئي آهي، جنهن جي تصديق سول اسپتال سکر جي ميڊيڪل سپريٽينڊنٽ ڊاڪٽر تسليم اختر خميساڻي ڪئي آهي، جنهن جو چوڻ آهي ته فوتيءَ جي فيملي ميمبرز جي به ڪورونا ٽيسٽ جي لاءِ سيمپل وٺي ٽيسٽ لاءِ اماڻيا ويندا.

 ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿيڻ بعد فوت ٿي ويل محمد انور جي فوت ٿيڻ کان پوءِ فوت ٿي ويلن جو انگ وڌي 5 ٿي ويو آهي. جنهن ۾ هڪ عورت ۽ پنج مرد شامل آهن. جڏهن ته ان کان اڳ  هيلٿ ٽيڪنيڪشن اسڪول جي ڪلارڪ، پوليس اهلڪار سميت 3 ڄڻن جي ڪورونا ٽيسٽ پڻ پازيٽوَ آئي آهي

هوڏانهن وري سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪورونا وائرس بابت هيلٿ ڪيئر ڪميشن پاران جوڙيل ڪاميٽي خلاف داخل درخواست تي صحت کاتي جي سيڪريٽري، هيلٿ ڪيئر ڪميشن جي سليڪشن ڪاميٽي ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو آهي.

سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن جي سربراهه ڊاڪٽر منهاج پاران داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ڪورونا وائرس سميت ڪنهن به معاملي بابت ڪاميٽي جوڙڻ جو اختيار هيلٿ ڪيئر ڪميشن جي سي اي او وٽ آهي، هن وقت ٺاهيل ڪاميٽي غير قانوني آهي، جنهن ڪري ان کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.

جنهن تي عدالت صحت کاتي جي سيڪريٽري ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪري جواب طلب ڪري ورتو آهي.

ڪرم پور ويجهو ڀان واسي 3 ڄڻا اغوا ٿي ويا وارثن کان ڀنگ طلب ڪيو ويو آهي

ٻڌايو پيو وڃي ته ڀان جي رهواسي ٽن دوستن اسلم سولنگي وزير جمالي ۽ گلشير خاصخيلي کي عورتاڻي آواز تي هرکائي گهرائي اغوا ڪيو ويو آهي جن جي وارثن کي ڌاڙيلن پاران 30 لک روپيه ڀنگ طلب ڪيو ويو آهي

ميڊيا رپورٽ مطابق ته

ڀان سيد آباد واسي 3 ڄڻا عورتاڻي آواز تي هرکجي ڳڙھي تيغو جي ڪچي واري علائقي مان اغوا ٿي ويا آهن،

اغوا ٿيلن ۾  اسلم سولنگي، وزير جمالي ۽ گلشير خاصخيلي شامل آهن

ان سلسلي ۾ مغوين جي وارثن جو چوڻ آهي ته ٽنهي ڄڻن کي عورتاڻي آواز تي گهرائي اغوا ڪيو ويو آهي، ٽئي ڄڻا پاڻ ۾ دوست هئا جن کي شڪارپور جي ڪچي مان اغوا ڪيو ويو آهي، وارثن موجب ڌاڙيلن پاران 30 لک ڀنگ طلب ڪيو ويو آهي.

سکر جو بلڊر گهوٽڪي واسي رائو شاڪر ۽ سندس ساٿي گرفتار نه ٿيا ، عدالت جو آء جي سنڌ ، ڊي آءَ جي سکر، ايس ايس پي سکر ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي کي پڻ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ قتل ۽ اغوا ڪيس ۾ بلڊر رائو شاڪر ۽ سعيد غني مهيسر جي گرفتاري لاء داخل درخواست جي ٻڌڻي ٿي، عدالت آ ءِ جي سنڌ، ايڊيشنل آءِ جي، ڊي آءِ جي، ايس ايس پي سکر، خيرپور، گهوٽڪي ۽ ٻين ڏانهن نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.

عدالت پهرين جون تي جواب داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. ڌرين جي غير حاضري جي صورت ۾ عدالت فيصلو ٻڌائيندي۔ سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ جي جسٽس شمس الدين عباسي تي ٻڌل سنگل بئنچ بلڊر رائو شاڪر، سعيد غني مهيسر کي قتل ٿي ويل قاسم کوسو جي قتل ڪيس ۽ قطب الدين بکراڻي جي اغوا سميت ٻين ڪيسن ۾ گرفتار نه ڪرڻ خلاف داخل درخواست جي سنڌ هاء ڪورٽ ٻڌڻي ڪئي،

 درخواست گذار شريف کوسو جي وڪيل محمد آچر گبول چيو ته بلڊر رائو شاڪر بااثر هجڻ ڪري پوليس کيس گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، هوڏانهن درخواست گذار جي وڪيل آچر گبول موجب سکر جي ففٿ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت به رائو شاڪر ۽ سندس ساٿين جا شناختي ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ جي لاءِ نادرا کي پڻ حڪم ڏنو آهي.

گهوٽڪي جي اي سيڪشن ٿاڻي تي سرڪار جي مدعيت ۾ 12 ڄڻن مٿان جوا ايڪٽ تحت ڪيس داخل ٿي ويو

گهوٽڪي ۾ اي ايس پي اياز حسين پاران رات دير سان شوڪت علي لاکو جي جڳهه تي ڇاپو هڻي ٻارنهن ڄڻن شوڪت لاکو۔بابو گڏاڻي۔واجد شاھ۔يونس ميراڻي۔اصغر مگسي۔اڪرم ملڪ۔اسد چاچڙ۔الطاف۔نعيم الله سمون اياز جتوئي ۽وحيد سومرو کي گرفتار ڪري ٿاڻي تي کڻي آئي هئي

پوليس گرفتار ٿيندڙن وٽان 3 لک 29 هزار روڪ رقم  17 موبائل فون ۽ تاش جا پتا هٿ ڪرڻ جي دعوا ڪندي مٿن ايس ايڇ او اي سيڪشن طفيل احمد ڀٽو جي  فرياد تي جوا جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي  

واضح رهي ته ڇاپي بعد اي ايس پي اياز حسين گهوٽڪي ٿاڻي تي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو هو ڇاپي دوران پوليس اهلڪارن مٿان پٿراء به ڪيو ويو ۽ فائرنگ به ٿي آهي

 

خيرپور جي ڀرڳڙي پاڙي جي رهواسڻ مسمات بشيران وساڻ پوليس اهلڪار سميت 5 جوابدارن تي گهر ۾ گهڙي تشدد ڪرڻ ۽ جنسي ڏاڍائي جي ڪوشش جو الزام هڻندي عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪرائي ڇڏي آهي.

 مسمات بشيران وساڻ پنهنجي وڪيل راجا عبدالحميد خاصخيلي معرفت ايڊيشنل سيشن ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته پوليس اهلڪار اعجاز وساڻ، طارق علي، فرمان علي، محمد حنيف ۽ راجا وسيم وساڻ سندس گهر ۾ داخل ٿي مٿس تشدد ڪيو ۽ جنسي ڏاڍائي جي ڪوشش ڪئي

، گهر ۾ پيل 8 لک رپيا روڪ، 12 تولا سون ۽ زمين جا ڪاغذ زبردستي ڦر ڪيا، جوابدارن کي مون پيرن تي پوتي رکي ته مون سان ڏاڍائي نه ڪيو پر هنن منهنجا ڪپڙا ڦاڙي ليڙون ليڙ ڪري ڇڏيا، پوليس اهلڪار اعجاز وساڻ منهنجو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته هن مون کي ساٿين سان گڏ اغوا ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي

عدالت داخل ڪرايل درخواست ٻڌڻ جوڳي قرار ڏيندي ايس پي ڪمپلين خيرپور کان رپورٽ طلب ڪندي 4 مئي تي جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ليڊي ڊاڪٽر کي ميڊيڪل رپورٽ پيش ڪرڻ جو پڻ حڪم ڏنو ويو آهي

ايران ۽ ڀارت مان پهتل ماڪڙ جي جٿن گهوٽڪي ۾ تباهي مچائي ڇڏي ، ڪورونا سبب ٿيل لاڪ ڊائون ماڻهو پهريان ئي ڊپريشن جو شڪار هوندي ماڪڙ طرفان ٿيل هيڪاندي نقصان سبب ٻٽي عذاب ۾ مبتلا ٿي ويا

ماڪڙ گهوٽڪي ۽ ڀرپاسي ۾ ديرا ڄمائي ڇڏيا ، فصل کائي چٽ ڪري ڇڏيا آبادگارن جو ساه مٺ ۾ اچي ويو سنڌ سرڪار توڙي گهوٽڪي انتظاميه کان تڪڙا اپاء وٺڻ جو مطالبو

گذريل هڪ هفتي کان هڪ ڀيرو ٻيهر ماڪڙ گهوٽڪي ۽ ڀرپاسي ۾ ڦرندي نظر اچي رهي آهي

اڄ تازو ئي ماڪڙ جلال خان گهوٽو، جندو گهوٽو، فتح علي گهوٽو، بنگل گهوٽو، ساماڻو گهوٽو ، ڪريم بخش گهوٽو، منر گهوٽو ۽ ڳوٺ يوسف گهوٽو سميت ٻين ڳوٺن جي ڀرپاسي ۾ ماڪڙ اڏندي ۽ فصل کائيندي ڏٺي وئي آهي

آبادگارن جو چوڻ آهي ته ماڪڙ مختلف فصلن، سبزين ، ميون ۽ مال جي چاري گاه کي کائي چٽ ڪري رهي آهي

هنن ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي کان مطالبو ڪيو آهي ته ماڪڙ مار ڦوهارو ڪرائي هنن جو وڌيڪ نقصان ٿيڻ کان بچايو وڃي

ڪجهه سال اڳ سعودي عرب ۾ مزدوري دوران عمارت تان ڪري زخمي ٿيل ماٿيلو واسي نوجوان اپاهج ٿي ويو هلڻ ڦرڻ کان لاچار سرندي وارن کان سار لهڻ جو مطالبو

شاه خالد جي رپورٽ مطابق ته

ماٿيلو مومل جي ماڙي ويجهو ڳوٺ ٻڍو جهتيال جو نوجوان پورهيت ياسين جهتيال چار سال اڳ سعودي عرب ۾ مذدوري ڪرڻ دوران عمارت جي ڇت تان ڪري پوڻ سبب پنهنجي ڳوٺ ٻڍو جهتيال ۾ لاچاري ۽ بيوسي جي زندگي گهاري رهيو آهي،

هڪ طرف غربت سبب معياري علاج کان محروم آهي ته ٻي طرف ڪرونا لاڪ ڊائون سبب پنهنجي بي پهچ خاندان سميت فاقه ڪشي سندس مقدر بڻيل آهي

، 91 نيوز سان ڳالهائيندي هلڻ ڦرڻ کان لاچار بڻيل ياسين جهتيال  ٻڍايو ته عمارت تان ڪري پوڻ سبب منهنجي جسم جو هيٺيون حصو ڪم نٿو ڪري جڏهن ته غربت سبب معياري علاج کان محروم آهيان ۽ پورهيو ڪري گهر ڀاتين کي پالي نٿو سگهان،

معذور پورهيت ڊي سي گهوٽڪي سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو ته فوري طور منهنجو بهتر علاج ڪرائي منهنجي خدا ڪارڻ مدد ڪئي وڃي ته جيئن زندگي جا ڪجھ پل گذاري سگهان

 

قادرپور م لاڪ ڊائون م دڪان   کلڻ لڳا، پوليس پاران ھوٽلن ء وڏي دڪانن تان بتو وٺي رمضان پڪيچ ڏئي ڇڏيو ڪورونا وائرس ٿيڻ جو خدشو،،،،

ذوالفقار سندراڻي جي رپورٽ مطابق

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھ ڪرونا وائرس جي پکڙجڻ کي روڪڻ لاء آن لائین خریداري واري اعلان تي عمل نہ ٿي سگھيو آھي شھري ٻارن سميت گھرن کان ٻاھر نڪري آياآھن جن طرفان شھر جي مختلف بازارن م وڃي خريداري ڪرڻ جو سلسلو جاري رھيو دڪاندار پنھنجي پنھنجي دڪانن اڳيان ويھي دڪان جو شٽراڌ کولي گھراڪن جو انتظار ڪري رھيا ھئا

 جیئن خریدار بازار اچي ٿو تہ ان کي دڪان جو شٽر ھيٺ ڪري سامان ڏئي رھيا آھن اھو سڄو عمل پوليس جي سرپرستي م ھلي رھيو آھي اھڙي عمل جي خلاف شھر جي سياسي سماجي اڳواڻن سخي جان چاچڙ قلندر بخش بوھڙ منير احمد لکڻ غلام حسين لکڻ  پاران ڳڻتي ظاھر ڪندي چيو تہ شھرين جي ان عمل سان ڪروناوائرس ڦھلجڻ جو خدشو آھي شھرين جون زندگيون داء تي لڳل آھن

ھنن سنڌ جي وڏي  وزير سيد مرادعلي شاھ کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبوڪيون ٿا

پاڪستان جي اترين علائقن ۾ ايندڙ چئن ڏينهن تائين کنوڻ ۽ گوڙ سان گڏ برسات جو امڪان،

 ان سلسلي ۾ موسميات کاتي جي ڊائريڪٽر جو چوڻ آهي ته برساتي نظام سبب سامونڊي هوائون جاري رهنديون، سردار سرفراز جو چوڻ آهي ته بلوچستان جي ريگستاني علائقن ۾ گرم هوا ۾ شدت هوندي.

Comments

Popular posts from this blog

ايس ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل پاران ضلعي جي پوليس کي سماجي

قادرپور ويجهو سنڌو درياء ۾ پاڻي جي سطح ۾ لاٿ اچڻ بعد درياء

شهري اتحاد سرحد پاران سرحد ۾ روڊ حادثن کان حفاظت جي سلسلي ۾ سيمينار ٿي گذريو،