سڄي دنيا ۾ ڀارت جي غيرقانوني قبضي خلاف ڪشميري ڀائرن سان ٻڌيءَ
سڄي دنيا ۾ ڀارت جي غيرقانوني قبضي خلاف
ڪشميري ڀائرن سان ٻڌيءَ جي اظهار لاءِ يومِ استحصال ملهايو پيو وڃي، پاڪستان ۾ يومِ
استحصال ملهائڻ لاءِ ننڍن وڏن شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا ڪيا پيا وڃن
پاڪستان ۾ صبح 10 وڳي سائرن وڄائي هڪ منٽ جي خاموشي
اختيار ڪئي وئي، يوم استحصال جي موقعي تي ڪشميرين سان ٻڌي جي اظهار لاءِ انساني هٿن
جي زنجير ٺاهي ريليون ڪڍيون پيون وڃن،
شاهراه ڪشمير
هاءِ وي کي سرينگر هاءِ وي جو باضابطه نالو ڏنو ويو
،
اسلام آباد ۾ ريلي کي خطاب ڪندي صدر عارف علوي چيو آهي ته يومِ استحصال ملهائڻ جو مقصد
ڪشمير تي ڀارت جي غيرقانوني قبصي تي دُنيا جو ڌيان ڇڪائڻ آهي، ڪشميري ڀائرن تي ڀارتي
ظلم کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو، ڪشميري ڀائر پاڻ کي اڪيلو نه سمجهن،
صدر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان
ڪشميرين جي آزادي جي حمايت ۾ جدوجهد جاري رکندو ۽ هڪ ڏينهن کين ضرور آزادي ملندي،
اسلام آباد ۾ ريلي دوران پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي،
قومي اسيمبلي جو اسپيڪر اسد قيصر ۽ ٻين سوڌو وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي.
سنڌ جي وڏي وزيرسيد مراد علي شاهه چيو آهي
ته ورهاڱي دوران طئي ٿيو هو ته جتي مسلمانن جي اڪثريت هوندي اتي پاڪستان هوندو، پر
هندستان ان جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي
.ڪراچي
۾ يوم استحصال جي ريلي کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو آهي ته شهيد ذوالفقارعلي ڀٽو چيو
هو ته ڪشمير لاءِ اسان سئو سال به وِڙهنداسين.
وڏي وزير چيو
آهي ته والاريل ڪشمير ۾ مودي هڪ سال کان غير قانوني طور ڪرفيو لاڳو ڪري ڇڏيو آهي جنهن
جي سخت مذمت ڪيون ٿا.
هن چيو آهي
ته اهو وقت پري ناهي جڏهن ڪشمير آزاد ٿيندو، ڪشميرين ۽ اسان جو جيئڻ مرڻ گڏ آهي.
وڏي وزير وڌيڪ چيو آهي ته اڄ دنيا کي پيغام ڏيڻو آهي
ته پاڪستان ڪشمير سان گڏ آهي
سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو آهي ته اڄ
هي پيغام پوري دنيا ۾ ويندو ته وفاق کان صوبن ۽ سرڪار کان مخالف ڌر تائين سمورا پاڪستاني
ڪشميري ڪاز تي هڪ آهن.
ڪراچي ۾ يوم استحصال جي ريلي کي خطاب ڪندي گورنر سنڌ
چيو آهي ته ڀارت ڪشمير کي دنيا جو وڏو جيل بڻايو آهي.
هن چيو ته گڏيل قومن ۾ خطاب دوران وزيراعظم عمران خان
يقين ڏياريو ته پوري قوم ڪشمير جي مسئلي تي هڪ آهن.
عمران اسماعيل چيو آهي ته اڄ هندستان کي ااسان جو هي
پيغام آهي ته طاقت سان توهان اسان کي جهڪائي نه ٿا سگهو.
هن چيو ته هندستان ڪمزور ۽ پاڪستان مضبوط وڪيٽ تي آهي،
هندستان ڪشمير بي انتها ظلم ۽ بربريت قائم ڪري ڇڏي آهي، مودي اڃا به رهيو ته هندستان
پاڻ ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويندو.
ان کان
علاوه ميرپور ماٿيلي داد لغاري سرحد سميت
مختلف شهرن ۾ ريليون ڪڍيون ويون
ميرپور
ماٿيلي مان وزير لاشاري مطابق
ميرپور ماٿيلو
پريس ڪلب اڳيان سنڌ فنڪار ويلفيئر آرگنائيزيشن گهوٽڪي جي اڳواڻن اميد علي ڪلوڙ علي حسن احسن چڍڙ
،ضمير حسين مهر، محمد هاشم جلباڻي،۽ ٻين
پاران ڪشميرين سان يڪجهتي لاء يوم استحصال ملهايو ويو
ان موقعي تي اڳواڻن ڪشمير پاڪستان جي شهه رڳ آهي، ڪشمير
کي پاڪستان کان ڪير به الڳ نه ٿو ڪري سگهي،
داد
لغاري مان عبدالستارلغاري مطابق
داد لغاري
۾ مختلف سياسي سماجي ڌرين طرفان ڪشمير سان يوم يڪجھتي طور احتجاجي ريلي ڪڍي ڀارتي جارحيت
خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي
داد لغاري
جي ڪار اسٽينڊ کان پريس ڪلب چوڪ تائين شھر جي سوين ماڻهن ريلي ڪڍي شھري
اتحاد,منارٽي ونگ,جميعت علماء اسلام,فنڪشنل ليگ سميت مختلف پارٽين ريلي ۾ شرڪت ڪئي
ان موقعي تي اڳواڻن قاري بشير لغاري ,رياض لوھر,ڪامريڊ
لطف شر,اسلم لغاري ,سعيد لغاري , اشوڪ بيڪس,ڀڳوانداس مارواڙي ۽ ٻين خطاب ڪيو
سرحد مان
عبدالقادر گهنڃو مطابق
سرحد ۾ به مختلف سياسي سماجي ڌرين طرفان ڪشمير سان
يوم يڪجھتي طور احتجاجي ريلي ڪڍي ڀارتي بربريت خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي
سرحد ۾
فقير منزل کان پريس ڪلب سرحد تائين شھر جي
سوين ماڻهن ريلي ڪڍي
جنهن ۾شھري اتحادسرحد ,شهري ايڪشن ڪاميٽي عوامي
اتحاد سرحد سميت مختلف پارٽين ريلي ۾ شرڪت ڪئي
ان موقعي تي فقير ڪامل لکڻ فقير نواب لکڻ غلام
حسين چنه محمد شعبان اوڳاهي ڄام حبيب الله لکڻ علي محمد مغل ارشاد لکڻ نوردين زنگي
راڻا رياض غلام مصطفي ڀارو علي حسن پهوڙسميت ٻين چيو ته ڀارت طرفان مسلسل ڪشمير سان
ظلم ڪيو پيو وڃي جنهن تي دنيا جو سڌريل قومون خاموشي اختيار ڪري ويٺل آهن ڀارتي جارحيت
۽ قتل و غارت خلاف ڪير به نوٽس وٺڻ لاء تيار ناهي
اڳواڻن مطالبو
ڪندي چيو ته اقوام متحده فوري طور نوٽيس وٺي
۽ ڪشمير کي فوري آزاد ڪيو وڃي
ھنن چيو ته پاڪستان جي عوام ھر موڙ تي ڪشمير سان گڏ
بيٺل آهي ۽ ڪشميرين خلاف پاڪستان جو ٻچو ٻچو
به قرباني ڏيڻ لاء تيار آهي
ڀان سيدآباد ويجهو ڀاءُ هٿان ڀاءُ مارجي ويو، کڏڙو ويجهو نوجوان قتل،
ڳڙهي حسن ويجهو عورت جو لاش هٿ
ڀان سيدآباد ويجهو ملڪيت جي تڪرار تان ڀاءُ هٿان ڀاءُ
مارجي ويو،
کڏڙو ويجهو پراڻي دشمني تان جوابدارن نوجوان کي قتل
ڪري ڇڏيو،
ڳڙهي حسن ويجهو
عورت جو گوليون لڳل لاش هٿ آيو آهي.
ڳوٺ جمن شاهاڻي ۾ ملڪيت جي تڪرار تان جهيڙي دوران جوابدار
ڀاءُ اڪبر شاهاڻي فائرنگ ڪري حنيف شاهاڻي کي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي بعد جوابدار فرار
ٿي ويو.
اطلاع تي پوليس
واقعي واري هنڌ پهچي مقتول حنيف شاهاڻي جو لاش پوسٽ مارٽم لاء سيوهڻ اسپتال منتقل ڪيون
جتان ضروري ڪارروائي بعد وارثن ڪري ڇڏيو.
پوليس جو چوڻ
آهي ته ٻنهي ڀائرن وچ ۾ ملڪيت جي معاملي تان ڪيتري ئي عرصي کان تڪرار هلندڙ هو جنهن
تان واقعو پيش آيو، جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي تيز ڪئي وئي آهي.
ٻئي پاسي کڏڙو
ٿاڻي جي حد ديھ 5 جمڙائو ۾ 4 جوبدارن ڪھاڙين جا وار ڪري 26 ساله نوجوان عابد حسين شر
کي قتل ڪري ڇڏيو. اطلاع تي کڏڙو پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي مقتول جو لاش اسپتال منتقل
ڪيو،
پوليس جو چوڻ
آهي ته واقعو پراڻي دشمني تان پيش آيوآهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي
. هوڏانهن ڳڙھي حسن ويجھو ڳوٺ جهنگل ڌوئو ۾ عورت جو
گوليون لڳل لاش هٿ آيو، نذيران زال مولا بخش ٻرڙو جو لاش گهر ۾ پيل ڏسي ڳوٺاڻن پوليس
کي اطلاع ڏنو.
پوليس واقعي واري هنڌ پهچي عورت جو لاش تحويل ۾ وٺي
اسپتال منتقل ڪيو،
پوليس جو چوڻ آهي ته عورت کي قتل ڪرڻ جو ڪارڻ معلوم
نه ٿي سگهيو، جاچ جاري آهي، جڏهن ته علائقي ۾ عورت کي ڪارنهن الزام ۾ قتل ڪرڻ جا چوٻول
هلي رهيا آهن
جھرڪ ويجھو ڪار ۽ سوزوڪي پڪ اپ ۾ ٽڪر جي
نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سميت 14 ڄڻا زخمي ٿي پيا ،4 زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ۾ حيدرآباد
نيو ويو
. جھرڪ ٿاڻي جي حد ۾ واقع ڪار ۽ سوزوڪي پڪ اپ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ منڇري برادري
جي هڪ ئي خاندان سان تعلق رکندڙ ٻن عورتن ، 8 ٻارڙن سميت 14 ڄڻا زخمي ٿي پيا،
حادثي جي سمورن زخمين کي جھرڪ اسپتال پهچايو ويو، جتان
بعد ۾ زخمين کي ڄامشورو ، حيدرآباد ۽ ٺٽو سول اسپتال منتقل ڪيو ويو،
چيو وڃي ٿو
ته سوزوڪي ۾ سوار نبي بخش منڇري جي هڪ ئي خاندان جا 2 عورتن ۽ 8 ٻارڙن سميت 9 ڄڻا سيوهڻ
کان زيرو پوائنٽ جاتي وڃي رهيا هئا،
جڏهن ته ڪار سوار انور سولنگي، زاهد سمون ۽ امير بخش
بهراڻي جي حالت به ڳڻتي جوڳي هئڻ ڪري کين مختلف اسپتالن ڏانهن روانو ڪيو ويو.
مٺي ۾ ڀيل برادري پاران گهر ڊاهڻ خلاف هڪ
ڀيرو ٻيهر احتجاج جو سلسلو شروع، عورتن ۽ ٻارڙن سميت سوين ماڻهن صادق فقير ڪاليج کان
ريلي ڪڍي، ريلي ۾ وڏي انگ ۾ عورتن، ٻارن توڙي مردن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي مظاهرين جو چوڻ هو ته ڳوٺ مالڻهور خانجي ۾ ضلعي انتظاميا
بااثرن سان ملي گهر ڊاهي ظلم ڪيو آهي، بااثرن طرفان ڪيل قبضن کي نٿو هٽايو وڃي،
هنن مطالبو
ڪيو ته اسان غريبن جا گهر ڊاهڻ کان پاسو ڪيو وڃي.
دادلغاري ويجھو ڪار جو
موٽرسائيڪل کي ٽڪر هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو..
دادلغاري ويجھوڳوٺ شفيع محمد جويو ۾ ڪار ۽
موٽرسائيڪل وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو
جنهن جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار محمد الياس جويو
سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي ميرپورماٿيلو اسپتال منتقل ڪيو ويو.
ٻي پاسي پوليس واقعي واري هند پهچي ڪار
ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو....
گهوٽڪي پوليس خلاف جروار ۾ گبول
برادري جي ماڻھن جو پريس ڪلب جروار آڏو احتجاج ,
گهوٽڪي پوليس پاران هاف فرائي ڪيل عبدالرحيم
گبول جي ڄنگھ ڪٽجڻ خلاف گبول برادري جي ماڻھن غلام قادر گبول خليل احمد افضل گبول
۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ گهوٽڪي پوليس خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ,
هنن چيو ته گهوٽڪي پوليس بنا جواز عبدالرحيم
کي گرفتار ڪري گوليون هنيون هن وقت هو معزور ٿي ويو آھي
هنن چيو ته پوليس جي اهڙي زيادتي ۽ ظلم خلاف قانوني ويڙھ
جاري رکنداسين
ميرپور ماٿيلو ۾ سيڊا ڊائريڪٽر گھوٽڪي
محمد علي زرداري ۽ اڳوڻي آبپاشي انجنيئر ميرپور
ماٿيلو امجد جتوئي ، ايس ڊي او محمد علي مڱريو ، ايس ڊي او عبدالمجيد نائچ ۽ ٻين عملدارن
پاران بندن جي مرمت توڙي ايم اي ڊار ، ڊي سلٽنگ جي مد ۾ جعلي بلن ذريعي 38 ڪروڙ روپيا
ھڙپ ڪري وڃڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، ان حوالي سان ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب ته آبپاشي کاتي
جي ڪرپٽ ڪامورن پاران بندن جي مرمت توڙي ايم اي ڊار ، ڊي سلٽنگ جي مد ۾ آيل 38 ڪروڙ
روپيه هڙپ ٿيڻ جي ڪا به ڪاروائي ناهي ٿي سگهي، جنهن سبب آپباشي کاتي جي ڪرپٽ عملدارن
جا ٺٺ لڳا پيا آهن، هوڏانهن وري اهم ذريعن اهو به ٻڌايو آهي ته ڪجھ مهينا اڳ بندن جي مرمت لاءِ آيل رقم جي ورهاست دوران ڊائريڪٽر آفيس ڪرپٽ عملدارن ۾ جهيڙو به ٿيو هو، پر ڪرپٽ عملدار مال هڙپ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، هوڏانهن
وري اڳوڻي آبپاشي انجنيئر امجد جتوئي، ڊائريڪٽر سيڊا محمد علي زرداري، ايس
ڊي او محمد علي مڱريو، ايس ڊي او عبدالمجيد نائچ ۽ من پسند ٺيڪيدارن جي ملي ڀڳت سان
ڪوڙيون ايم بيون پاس ڪري مال دٻو ڪري ويا آهن،
هوڏانهن نيب ، اينٽي ڪرپشن، ايف آءِ اي به ٻوٽو ناهي ٻاريو ۽ خاموشي اختيار ڪري ويٺل
آهن...
ڪراچي
۽ حيدرآباد ۾ خميس کان ايندڙ 3 ڏينهن دوران 100 کان 130ملي ميٽر تائين برسات جو امڪان،
شهري ٻوڏ واري صورتحال ٿي سگهي ٿي: موسميات کاتي خبردار ڪندي چيو آهي ته نالن جي جلد صفائي نه ٿي
ته صورتحال بدتر ٿي ويندي: موسميات کاتي جي وارننگ بعد اين ڊي ايم اي جو وڏن نالن
۾ صفائي لاءِ آپريشن جاري، گجر نالي سميت 5 نالن مان ڪچرو ڪڍي تنگ هنڌن کي پاڻي لاءِ
ڪليئر ڪيو پيو وڃي
Comments
Post a Comment