صحت جي عالمي اداري(ڊبليو ايڇ او) آفريڪا کي پوليو کان پاڪ قرار ڏئي ڇڏيو

 

صحت جي عالمي اداري(ڊبليو ايڇ او) آفريڪا کي پوليو کان پاڪ قرار ڏئي ڇڏيو آهي

.پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب صحت جي عالمي اداري باقاعده اعلان ڪيو آهي ته  آفريڪا جي 47 ملڪن ۾ پوليو جو خاتمو ٿي ويو آهي جنهن ۾ علاج نه ٿيڻ جوڳي معذوري ٿي سگهي ٿي.

 صحت جي عالمي اداري ان حوالي سان لاڳيتو سرٽيفڪيشن جو اعلان به ڪيو آهي. آفريڪا ۾ وائلڊ پوليو  جو آخري ڪيس 4 سال اڳ نائيجيريا جي اتر اوڀرين حصي ۾ سامهون آيو هو.

واضح رهي ته پوليو اها موذي بيماري آهي جيڪا ٻارن جي ريڙهه جي هڏي تي حملو ڪري ان کي سڄي زندگي جي لاءِ معذور بنائي ڇڏيندي آهي.

 1950 جي ڏهاڪي ۾ ويڪسين تيار ٿيڻ تائين دنيا جي مختلف حصن ۾ ملندي هئي پر ايشيا ۽ آفريڪا جي غريب ملڪن جي لاءِ هي ويڪسين پهچ کان ٻاهر هئي

.1988ع جي آخر ۾ ڊبليو ايڇ او جي انگن اکرن موجب سڄي دنيا ۾ وائلڊ پوليو جا ساڍا 3 لک ڪيس موجود هئا. جڏهن ته 1996ع ۾ صرف آفريڪا ۾ ان جا 70 هزار کان وڌيڪ ڪيس سامهون آيا هئا. پر عالمي ڪوششن ۽ 30 سال کان وڏي عرصي جي فنڊنگ سبب هلندڙ سال هن بيماري جا ڪيس صرف افغانستان  ۽ پاڪستان ۾ سامهون آيا آهن.

 

 

نيوزي لينڊ ۾ مسجدن تي فائرنگ ڪندڙ  قاتل نما ”شيطان“ سامهون متاثرن جا بيان رڪارڊ ڪيا ويا

نيوزي لينڊ جي مسجد ۾ قتل عام جي واقعي ۾ ٻن زندهه بچي ويل ماڻهن ڪرائيسٽ چرچ جي عدالت ۾ حملو ڪندڙ برينٽن تي سڌيءَ ريت ڪاوڙ ڪڍڻ لاءِ پنهنجن بيانن تان هٿ کنيو ۽ جوابدار کي موت جي سزا جو حقدار قرار ڏنو. آهي

برينٽن جيڪو پهريون ڀيرو متاثرن جي آمهون سامهون آيو، 15 مارچ 2019 تي ڪرائيسٽ چرچ جي ٻن مسجدن اندر ٿيندڙ حملن ۾ قتل جي 51 الزامن، قتل جهڙي عمل جا 40 ۽ هڪ دهشتگرديءَ جو اعتراف ڪيو آهي.

29 سالن جي نوجوان جنهن جي باري ۾ چيو پيو وڃي ته هو پهريون ماڻهو هوندو جنهن کي نيوزي لينڊ ۾ پهريون ڀيرو بغير ڪنهن پيرول جي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ويندي.

برينٽن ٽيرنٽ جي سزا لاءِ ٻڌڻيءَ جي ٻئين ڏينهن جج ڪيمرون مينڊر جي سامهون مير واعظ وزيري جو چوڻ هو ته ”مونکي هن دهشتگرد جي نظرن ۾ ڪو افسوس ۽ شرم محسوس نه ٿيو تنهن ڪري مون تي پوندڙ اثرن جي حوالي سان بيان کي مون نه پڙهڻ جو فيصلو ڪيو آهي پر هن کي ڏيکارڻ چاهيندس ته مون ڪيتري تڪليف برداشت ڪئي آهي.

هن گورن جي بالادستي جي حمايتي برينٽن ٽيرنٽ ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته ” اڄ تون دهشتگرد آهين ۽ مسلمان دهشتگرد ناهن.“

هن جي اهڙي ڳالهه ٻڌي اتي موجود ماڻهن تاڙيون وڄايون جڏهن ته برينٽن جي چهري تي هڪ به لڪير نمايان نه ٿي.

سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير قائم علي شاهه جو وڏو پٽ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو،

سيد مظفر علي شاهه گهڻي وقت کان بيمار هو. جنهن ڪراچي جي هڪ خانگي اسپتال ۾ علاج دوران دم ڏيئي ڇڏيو

اهڙي خبر ٻڌندي ئي مرحوم مظفر علي شآه جا عزيز مٽ مائٽ ، دوست ۽ ٻيا سندس خيرپور واري بنگلي تي پهچڻ شروع ٿي ويا ..

ارشد پپو قتل ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي، دهشتگردي ٽوڙ عدالت عذير بلوچ ۽ ٻين تي ترميمي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو آهي،

 عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي شاهدن کي طلب ڪري ورتو آهي، عذير بلوچ جو چوڻ آهي ته اعترافي بيان رڪارڊ ڪندڙ جج کان قسم کڻائي بيان بابت پڇاڳاڇا ڪئي وڃي،

 ڏوهه کي نٿا مڃون، جڏهن ته عدالت درخواست تي ٻڌڻي 14 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

بڊاڻي 8 ڏينھن اڳ ڄام شورو ٽول پلازه وٽ ٽرالر جو بيٺل ٽرالي کي ٽڪر ۾ زخمي ٿيل 20 سالا نوجوان آصف علي سانگي ڪراچي جي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو

خبر موجب ڄام شورو ٽول پلازه وٽ 8 ڏينھن اڳ بيٺل ٽرالر کي پويان تيز رفتار سان ايندڙ ٽرالر جو ٽڪر لڳڻ سبب بيٺل ٽرالر جا ٽائر چيڪ ڪندڙ ڪليئنر بڊاڻي شھر جي ڳوٺ ڄام ميرل سانگي جو رهواسي  نوجوان 20 سالا نوجوان آصف علي سانگي سخت زخمي ٿي پيو ھو جنهن کي حيدآباد جي نجي اسپتال نيو ويو جتان ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪراچي ملير  جي اسپتال ٽراما سينٽر ۾ داخل ڪرايو ويو ھو جتي نوجوان زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو

فوتي آصف علي سانگي جو مڙه ڪراچي کان ايمبولنس ذريعي پنھنجي اباڻي ڳوٺ ڄام ميرل سانگي ۾ آندو ويو جتي سندس تدفين ڪئي وئي

ڪشمور مان تتر کڻڻ ويل نوجوان دوست هٿان يرغمال، وارثن کان 50 لک رپيا ڀنگ طلب ڪيا ويا آهن،

ڳوٺ فقير نوح هوٿياڻي واسي اختيار نوحپوٽو دوست عطر باچڪاڻي وٽان تتر کڻڻ ويو ته واپس نه موٽيو، نوجوان جي دوست پاران سندس مائٽن سان فون تي رابطو، 50 لک رپيا ڀنگ طلب، 5 ڏينهن جي مهلت ڏني وئي آهي،

وارثن پاران کيبر ٿاڻي تي اطلاع ڏنو ويو پر وارثن جو چوڻ آهي ته ، پوليس نو گو ايريا چئي اين سي داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو،

 وارثن جو چوڻ آهي ته نوجوان کي دوست اغوا ڪيو آهي، 50 لک رپيا گهريا

انجنيئر عبدالغني چاچڙجو ڀاء۽ ايڊوڪيٽ علي اصغر چاچڙ جو والد حاجي محمد پنهل چاچڙ هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو آهي جنهن جي جنازي نماز سڀاڻي صبح جو 8 وڳي گهوٽڪي جي مدرسه قاسم العلوم خليل شاه ۾ ادا ڪئي ويندي

 

 

 

 

گهوٽڪي ۾ اينٽي ڪرپشن پوليس کان تپيدار کي ٽريپ ڪرائيندڙ فريادي جو گهوٽڪي پهچي احتجاج جوابدار تپيدار جي وارثن مٿان اڳرا نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏيڻ جا الزام ايس ايس پي کان تحفظ جو مطالبو

 

ڳوٺ بالاچ خان بلو جي رهواسي حفيظ الله پٽ حبيب الله ڀٽو گهوٽڪي پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪندي چيو آهي ته گذريل ڏينهن سيل سرٽيفڪيٽ جا 15 هزار رشوت وٺڻ تي تپيدار تپو رڪ جي تپيدار عطا شاه کي اينٽي ڪرپشن پوليس جج جي موجودگي ۾ ٽريپ ڪيو هو

هن چيو ته جوابدار تپيدار جا ڀائر ۽ ٻيا مائٽ واپڊا ملازم امجد شآه ۽ ٻيا هن کي موتمار ۽ اڳرا نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏيئي رهيا آهن

ڪيس جي فريادي حفيظ الله بلو ايس ايس پي گهوٽڪي کان تحفظ جو مطالبو ڪيو آهي

تمام گهڻو پيار ۽ جهيڙو نه ڪرڻ سبب زال مڙس کان طلاق گهري ورتي

اسان اڪثر اهڙي طرح جا واقعا ٻڌندا آهيون جنهن ۾ مڙس زال  سان جهيڙو ڪندو آهي ۽ ان سبب زال مڙس کان ڌار ٿيڻ جو مطالبو ڪندي آهي پر ڀارتي رياست اتر پرديش  ۾ هڪ انوکو ئي واقعو سامهون آيو آهي جتي مڙس پنهنجي زال سان  تمام گهڻي محبت ڪندو آهي  جنهن سبب هن ڪڏهن به پنهنجي زال سان نه  ڪڏهن جهيڙو ڪيو آهي ۽ نه  وري ڪڏهن  گهٽ وڌ ڳالهايو آهي. اهوئي سبب آهي جو زال پنهنجي مڙس کان طلاق گهري ورتي آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب اتر پرديش سان تعلق رکندڙ عورت شادي جي 18 مهينن کان پوءِ مڙس کان ڌار ٿيڻ جي لاءِ شريعت موجب ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو.

عورت درخواست ۾ پنهنجي موقف ۾ چيو آهي ته منهنجو مڙس مون سان تمام گهڻي محبت ڪندو آهي ۽  ڪڏهن به مون سان نه جهيڙو ڪيو آهي ۽ نه ئي وري ڪڏهن دڙڪا ڏنا آهن. ان ڪري منهنجو هن سان رهڻ هاڻ ناممڪن ٿي ويو آهي.

درخواست ڏيندڙ  عورت وڌيڪ چيو آهي ته اهوئي نه پر منهنجو مڙس گهر جي صفائي سٿرائي کان وٺي گهر جي ماني به پاڻ ئي ٺاهيندو آهي ۽ گهر جي ٻين ڪمن ۾ به منهنجو هٿ ونڊائيندو آهي. آئون پنهنجي مڙس جي انهن عادتن کان تنگ اچي چڪي آهيان اهوئي سبب آهي ته هاڻ مان پنهنجي مڙس کان ڌار ٿيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

عورت وڌيڪ ٻڌايو ته  مون کان جيڪڏهن ڪابه غلطي ٿي ويندي آهي ته منهنجو مڙس مون کي فوري طور تي معاف ڪري ڇڏيندو آهي. مون کي اهڙي طرح جي زندگي نه گهرجي جتي منهنجو مڙس منهنجي هر ڳالهه تي راضي هجي.

عورت طرفان داخل ڪيل درخواست کي ڪورٽ رد ڪري ڇڏيو آهي جنهن کان پوءِ  مذڪوره عورت مقامي پنچائت سان رابطو ڪيو ته پنچائت به عورت کي طلاق وٺڻ کان منع ڪري ڇڏيو آهي.

سنڌ ۾ برسات جي صورتحال بابت موسميات کاتي چيو آهي ته سنڌ ۾ 29 ۽ 30 آگسٽ تي نئون برساتي سسٽم داخل ٿيڻ جو امڪان آهي،

موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ اڄ به برسات پوندي، برساتن جو سلسلو رڪجڻ جو في الحال ڪو به امڪان ناهي، برسات جو سلسلو خميس جِي صبح تائين وقفي وقفي سان جاري رهي سگهي ٿو.

Comments

Popular posts from this blog

ايس ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل پاران ضلعي جي پوليس کي سماجي

قادرپور ويجهو سنڌو درياء ۾ پاڻي جي سطح ۾ لاٿ اچڻ بعد درياء

شهري اتحاد سرحد پاران سرحد ۾ روڊ حادثن کان حفاظت جي سلسلي ۾ سيمينار ٿي گذريو،