ايس ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل جي مقرري بعد گهوٽڪي ضلعي
سرحد ڀرسان ڳوٺ ڊرنگ ملوڪ واري جا رهواسي چار ڳوٺاڻا جاويد احمد
ميربحر سندس 7 سالن جو معصوم پٽ مقداد علي ميربحر, شهزاد احمد ميربحر, قربان علي ميربحر
درگاه جهانپور شريف تي ميلو گمهڻ آيا ته واپسي تي ڳوٺ ڊرنگ ملوڪ واري ويندي رستي مان
مبينا طور اغوا ٿي ويا
ان حوالي سان اغوا ڄاڻايل مغوين جي وارثن علي بخش ميربحر ۽ ٻين
سرحد ٿاڻي تي پهچي پوليس کي ٻڌايو ته هنن جا 4 ڄڻا ميلي تان اغوا ٿي ويا آهن جن جا
فون نمبر به بند ملي رهيا آهن
اغوا ٿيل مغوين مان
هڪ مغوي جاويد احمد فوجي جوان آهي جيڪو اڄ موڪل پوري ٿيڻ بعد ڊيوٽي تي واپس وڃي ها
وارثن پاران مغوين کي خيريت سان آزاد ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او سرحد بهار الدين ڪيريوصحافين
کي ٻڌايو ته مغوين جا موبائيل نمبر ٽريس ڪري رهيا آهيون جلد خبر پئجي ويندي
گهوٽڪي
ميونسپل ڪميٽي جي اڳوڻي چيئرمين اصغر شاهه چيو آهي ته انور آباد بنگلو سرڪاري پلاٽ
تي نه پر ذاتي ملڪيت ۾ ٺهيل آهي، انڪروچمينٽ ٽربيونل روينيو سميت سمورن ادارن کي مداخلت
کان روڪيو آهي، اسسٽنٽ ڪمشنر گهوٽڪي محمد شهاب اسلم جو چوڻ آهي ته ٽربيونل قانون موجب
معاملي کي ڏسڻ جو حڪم ڏنو آهي،
گهوٽڪي ميونسپل ڪميٽي
جي اڳوڻي چيئرمين سيد اصغر شاهه گيلاني چيو آهي ته اينٽي انڪروچمينٽ ٽربيونل سکر منهنجي
داخل ڪيل درخواست تي روينيو ۽ اينٽي ڪرپشن سميت ڌر ڄاڻايل سمورن ادارن کي ذاتي ملڪيت
۾ اجائي مداخلت ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي،
هن چيو ته سروي
نمبر 473 سي ۾ واقع انور آباد بنگلو سرڪاري پلاٽ تي نه پر ابن ڏاڏن جي ذاتي ملڪيت آهي،
جنهن جي داخلا 12 سال اڳ سٽي سروي ۾ رکيل آهي ۽ اهڙو رڪارڊ موجود آهي،
هن چيو ته ٽربيونل
پنهنجي فيصلي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر کي رڪارڊ چيڪ ڪرڻ جو ڪوبه حڪم ناهي ڏنو، پر ڌر ڄاڻايل
هجڻ ڪري اي سي کي اهو چيو ويو آهي ته قانون تي عمل ڪيو وڃي،
اصغر شاهه گيلاني
جو چوڻ هو ته شانل شاهه پنهنجي درخواست ۾ منهنجي مٿان جيڪي الزام لڳايا، اهي ثابت نه
ڪري سگهيو، جنهن ڪري ٽربيونل چيو ته ڪنهن کي اپيل ڪرڻي آهي ته هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪئي
وڃي،
هوڏانهن رابطو ڪرڻ
تي اسسٽنٽ ڪمشنر گهوٽڪي محمد شهاب اسلم ٻڌايو ته اصغر شاهه جي درخواست تي انڪروچمينٽ
ٽربيونل قانون موجب معاملي کي ڏسڻ جو حڪم ڏنو آهي،
فيصلي ۾ ڳالهه
واضح ٿيڻ کان پهريان اهو نٿو چئي سگهجي ته ڪهڙو رڪارڊ چيڪ ڪرڻو آهي
اينٽي
انڪروچمينٽ ٽريبيونل اڳوڻي چيئرمين سيد اصغر علي شاه گيلاني جي سَندي زمين جي حوالي
سان سندس جي حق ۾ فيصلو ڏنو آهي ڄام هائوس عادلپور پاران سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان
بي بنياد ۽ من گھڙت آهي.
اڳوڻي چيئرمين سيد
اصغر علي شاه گيلاني خلاف ٿيندڙ انتقامي ڪاروايون جيڪي ڏيڊ سال کان وٺي جاري آهن مخالفن
کي هر موڙ تي سواءِ رسوائي جي ٻيو ڪجهه به نصيب نه ٿيو آهي
ڪجهه مهينا اڳ انورآباد
گهوٽڪي ۾ سابقہ چيئرمين سيد اصغر علي شاه جي ذاتي زمين جيڪا شروع کان وٺي سندس جي ابن
ڏاڏن جي ملڪيت رهي آهي مخالفن پاران اينٽي انڪروچمينٽ ٽريبيونل ۾ پٽيشن داخل ڪئي ويئي
هئي ته جنهن زمين ۾ سيد اصغر علي شاه جي اوطاق ٺهيل آهي سان سرڪاري ملڪيت آهي پر ٽريبيونل
۾ ڪيس هلڻ کانپوءِ اها حقيقت ڏسڻ ۾ آئي ته جنهن زمين جي لاءِ ڪيس ڪيو ويو هو
اڳوڻي چيئرمين سيد
اصغر علي شاه گيلاني جي خاندان جي اوائلي دور کان وٺي سَندي ملڪيت رهي آهي جنهن جو
لکت ۾ ٽريبيونل پاران فيصلو به جاري ڪيو ويو آهي
هن جو چوڻ هو ته
ڄام هائوس وارن کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته مڪمل
فيصلي جا تفصيل اسين سوشل ميڊيا تي رکون ٿا ڪي سٺا ناليوارا قانوندان گهرائي انهن کان
ئي فيصلو پڙهايو وڃي. غلط بياني ڪرڻ سان اوهان کي ڪجھه به حاصل نه ٿيندو.
اينٽي انڪروچمينٽ
ٽريبيونل پاران لکت ۾ جاري ڪيل فيصلي ۾ اي سي کي واضع هدايتون ڏنل آهن ته انتقامي بنيادن
تي انڪروچمينٽ جو جواز ڄاڻائي هر گز ڪاروايون نه ڪرڻ گهرجن.
تعليم جي صوبائي وزير سعيد غني پريس ڪانفرنس ڪندي
چيو آهي ته تعليمي ادارا 15 سيپٽمبر کان مرحيليوار کوليا ويندا. ڪورنا گهٽ ٿيو آهي
پر ختم ناهي ٿيو، ٿي سگهي ٿو ٻيهر پکڙجي وڃي. تعليمي ادار تبديل ٿيل ۽ غير معمولي حالتن
۾ کلي رهيا آهن.
سعيد غني چيو ته سڀني
جي ذميواري آهي ته حڪومت ۽ ٽرانسپورٽرن تي ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ ۾ والدين جو ڪردار
اهم آهي. ميڊيا جي ذريعي آگاهي جا اشتهار هلائينداسين وفاقي حڪومت به منصوبو جوڙيو
آهي.
صوبائي وزير چيو ته اسڪول کولڻ سمورن ڪاروبارن کولڻ کان وڌيڪ
حساس آهن. زبردستي جي ڳاله ناهي والدين مطمعن ٿين ته ٻارن کي اسڪول موڪلين ۽ آن لائين
ڪلاس به ڏياري سگهن ٿا.
هن چيو ته اسڪولن تي اهو فيصلو ڇڏيو آهي ته اهي شاگردن کي عمل
ڪرائن. ڇنڇر واري ڏينهن موڪل ختم ڪئي آهي هڪ ڏينهن هڪڙو ڪلاس ٻئي ڏينهن ٻئي درجي جي
شاگردن کي گهرايو وڃي.
سعيد غني چيو ته پنج هزار استادن کي تربيت ڏني، پاڻي، صابڻ،
سينيٽائيزر يونيسيف 11 ضلعن ۾ ۽ ورلڊ ھيلٿ آرگنائيزيشن 4800 اسڪولن ۾ ان قسم جون شيون
فراهم ڪندا. اسڪول ايس ايم ايز فنڊز مان به اسڪول سامان خريدي سگهي ٿي.فوڪل پرسن مقرر
ڪري ڊسٽرڪٽ مانيٽرنگ ڪميٽيون قائم ڪيون آهن.
صوبائي وزير چيو ته
سنڌ جي مختلف ضلعن جو پاڻ دورو ڪنداسين، صوبائي مانيٽرنگ ڪاميٽي ڊي جي جي سربراهي
۾ ٺاهي آهي
ڊي سي، اي سي ۽ ايڊمنسٽريٽرز به مدد ڪندا. هن ڀيري سياري جون
موڪلون نه ٿينديون ۽ جولاء جو هڪ مهينو گرمي جون موڪلون هونديون.
هڪ سال اڳ پاڪستان ڇڏي ڀارت ويل 2 هندو خاندان تنگ
ٿي واپس سنڌ پهچي ويا
تفصيل موجب هڪ سال اڳ سنڌ جا ٻه هندو خاندان جيڪي پاڪستان ڇڏي
ڀارت هليا ويا هئا، اهي تنگ ٿي واپس سنڏ پهچي ويا، واپس پهتل هندو خاندانن جو ميرپور
ماٿيلو ڊي سي آفيس ۾ شاندار استقبال ڪيو ويو،
هڪ سال اڳ گهوٽڪي جي ڏهرڪي شهر جو نانڪ رام خاندان، عمر ڪوٽ
جي ڪنعيا لعل جو خاندان جيڪي 14 گهر ڀاتين سان ڀارت جي شهر جوڌ پور لڏي ويا هئا،
نانڪ رام جو چوڻ آهي
ته ڀارت ۾ اسان انتهائي تنگ ٿياسين، پاڪستان حڪومت کي خط لکياسين، حڪومت واپس ڪرايو
آھي، اڄ سنڌ جي ڌرتي تي اچي اسان ٻهڪي پيا آھيون،
هن چيو ته ڀارت ۾ جيترو وقت رهياسين هڪ پل به پنهنجي ڌرتي کي
نه وساريوسين، ٻنهي خاندان جو ڊي سي آفيس ۾ شاندار استقبال ڪيو ويو،
گهوٽڪي جي ماڊل ڪورٽ قتل ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي ٽن
سالن بعد ٻڌائي عورت سميت 4 ڄڻا باعزت بري ڪري ڇڏيا،
ان ڏس ۾ ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ گهوٽڪي جي عدالت ۾ محمد مٺل مهر
قتل ڪيس جي ٻڌڻي شروع ٿي ته فريادي جي وڪيل ۽ جوابدارن جي وڪيل ارشاد علي سومرو پنهنجا
دليل مڪمل ڪيا،
عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد قتل جو
ڪيس ثابت نه ٿيڻ تي عورت مسمات شهزادي خاتون لال محمد، دلمراد، طلب حسين مهر کي باعزت
بري ڪري ڇڏيو.
واضح رهي ته سال 2017 ۾ سرحد ٿاڻي جي حد ۾ محمد مٺل مهر قتل
ٿيو هو جنهن جو ڪيس مقتول جي ڀاءُ غلام حسين مهر جي فرياد تي مقتول جي گهرواري شهزادي
خاتون، سالن لال محمد، دلمراد، طلب حسين مهر مٿان سرحد ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو هو
جنهن جو فيصلو گهوٽڪي جي ماڊل ڪورٽ ٻڌائي ڇڏيو .
ڪشمور پوليس پيرپاڳارو جي لاهور واري گهر ۾ ڪم ڪندڙ
ملازم کي عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو،
ڪشمور پوليس کي اطلاع
ملڻ تي ملازم خدابخش جونو سان رابطو ڪري کيس بچائي ورتو،
ڳجهي اطلاع موجب پيرسن کي ڪچي ۾ سرگرم منظور جعفري گينگ گهرائي
اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي
شڪارپور_رتوديرو روڊ وٽ بوهي قبا چونڪي وٽ مقرر پوليس
اهلڪار تيز رفتار ويگن جي ٽڪر ۾ پوليس اهلڪار سيد غلام مرتضيٰ شاهه فوت ٿي ويو
. نوجوان جو مڙھ ڊکڻ ٿاڻي تي آندو ويو جتي سوين شهري گڏ ٿي ويا
نوجوان اهلڪار کي پوسٽ مارٽم لاء مديجي تعلقا اسپتال نيو ويو.
نوجوان جو تعلق تعلقي
لکي جي ڳوٺ سهڪجي سان هو.
واقعي بعد ويگن پوليس تحويل ۾ وٺي ڪلينر امام الدين بهلڪاڻي
کي لاڪپ ڪري ڇڏيو ڊرائيور فرار ٿي ويو.
گهوٽڪي ۾ ڊي ايس پي خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج، 70 ورهين
جي پيرسن ۽ سندس پوٽي کي ناحق گم ڪرائڻ جو الزام، سيشن ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرڻ جو فيصلو،
خبر موجب گهوٽڪي ڀرسان ڳوٺ در محمد چاچڙ واسي 70 ورهين جي پيرسن نور محمد چاچڙ ۽ سندس
پوٽي عرض محمد کي ٻن ڏينهن کان پوليس ناحق کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي، جن کي اڃا تائين ظاهر
ناهي ڪيو ويو،
گم ڪيل پيرسن نور محمد چاچڙ جي پٽ
خير محمد چاچڙ جي اڳواڻي ۾ برادري جي ماڻهن پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪيو،
ان موقعي تي هن الزام هنيو ته ڊي ايس
پي گهوٽڪي حافظ عبدالقادر چاچڙ برادري سان لاڳاپيل حافظ محمد احمد چاچڙ جي چوڻ تي منهنجي
والد ۽ پٽ کي ناحق کنڀي گم ڪرايو آهي، پوليس ون ٽو فائيو موٽرسائيڪل به گم ڪري ڇڏي
آهي، پوليس گرفتاري مڃڻ لاءِ تيار ناهي
،هن چيو
ته حافظ محمد احمد چاچڙ اسان جي چاچي کي قتل ڪرڻ واري ڪيس ۾ نامزد ٿيو آهي، جنهن جو
راڄوڻي نبيرو ڪيو ويو، پر حافظ محمد احمد چاچڙ ڏنڊ جي رقم به نه پيو ڏئي،
ڳوٺاڻي ايس ايس پي گهوٽڪي کان مطالبو
ڪيو ته پيرسن والد ۽ پٽ کي آزاد ڪيو وڃي. متاثر ڳوٺاڻي پاران ڊي ايس پي خلاف اڄ سيشن
ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو ويو آ
ايس ايس پي گهوٽڪي جي حڪمن تي پوري ضلعي ۾ جنرل هولڊ
اپ / ناڪا بندي جاري ، جنرل هولڊ اپ / ناڪا بندي جي دوران شڪي ماڻهن ۽ شڪي گاڏين ۽
موٽرسائيڪلن جي ڪاغذن جي چيڪنگ وارو عمل جاري
ايس ايس پي گهوٽڪي جي پي آر او افتخار پاران جاري ڪيل پريس
رليز مطابق ته
ضلعي گهوٽڪي ۾ امن امان جي فضا قائم رکڻ لاءِ پوري
ضلعي ۾ قانون جي بالادستي قائم رکڻ جي لاءِ پوليس کي سختي سان حڪم جاري ڪيا ويا آهن
،حفاظتي انتظامن کي يقيني بنائڻ لاءِ پوليس کي مختلف علائقن جي گشت جاري رکڻ لاءِ حڪم
ڪيو ويو آهي ،مختلف ڏوهن ۾ گهربل عنصرن ۽ سماجي براين کي روڪڻ لاءِ سخت قدم کنيا ويا
آهن
جنرل هولڊ اپ جو مقصد عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت کي يقيني بنائڻ
جي هدايت ڪئي وئي آهي، ،ان کانسواءِ جمعي جي نماز جي اجتماعن ۾ نمازين جي حفاظت لاءِ مسجدن ۽ امام
بارگاهن تي به پوليس مقرر ڪري شڪي ماڻهن تي ڪرڙي نظر رکي وئي ،
ان کان علاوه ڦورن
۽ سماجي براين خلاف ڀرپور نموني قانوني ڪاروائي ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن
، جڏهن ته سنيپ چيڪنگ دوران 44 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري سندس پڇا ڳاڇا ڪئي پئي
وڃي .
Comments
Post a Comment