تنگواڻي ڀرسان بجاراڻي ۽ بهلڪاڻي ڌرين ۾ زميني تڪرار تان پوليس
تنگواڻي ڀرسان بجاراڻي ۽ بهلڪاڻي
ڌرين ۾ زميني تڪرار تان پوليس جي ڳوٺ تي چڙهائي، عورتن ۽ ٻارڙن کي مبينا طور گرفتار
ڪري وين ۾ ويهاري ڇڏيو، جنهن بعد ڳوٺاڻا احتجاجن پوليس موبائلن آڏو ليٽي پيا
ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته پوليس اهلڪارن عورتن
۽ ٻارڙن کي تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد گرفتار ڪيو، پوليس جو چوڻ آهي ته ڌرين ۾ تڪرار
هلندڙ آهي، ڪيس جي جاچ لاءِ ڪارروائي ڪئي.
نوشهرو فيروز جيل ۾ ڦر جو قيدي
فوت ٿي ويو، گهوٽڪي جي ريلوي اسٽيشن ويجهو معزور نوجوان جو لاش هٿ
نوشهرو فيروز جي ڊسٽرڪٽ جيل ۾ مورو واسي ڦر
ڪيس جو قيدي پراسرار نموني فوت، 25سالن جي نادر مشوري جو مڙهه اسپتال آندو ويو،
ڊاڪٽرن موجب قيدي جو موت ڊائريا سبب ٿيو:
هوڏانهن وري گهوٽڪي جي ريلوي اسٽيشن جي مسافر خاني مان اڻڄاتل
نوجوان جو لاش هٿ آيو اطلاع تي گهوٽڪي جي اي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس پهچي لاش کڻائي
اسپتال پهچايو
سنڌ ۾ خوفناڪ روڊ حادثا، 3ڄڻا فوت
ٿي ويا، 18 ڄڻا زخمي ٿي پيا،
ميرپورماٿيلو لڳ ايس ايس پي آفيس سامهون قومي
شاهراهه تي موٽرسائيڪل ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر ٿي پيو نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار ڳوٺ صوفي رحمت
اللہ جو رھواسي محمد سليم راجپوت فوت ٿي ويو.
اطلاع تي پوليس پهچي فوتي جو لاش کڻائي سول
اسپتال ميرپوماٿيلو آندو
جتان ضروري ڪاروائي بعد مڙہ سندس وارثن حوالي
ڪيو ويو مڙہ گھر پھچڻ تي سندس گھر ۾ ڪھرام مچي ويو.
ڪرمپور ويجهو انڊس هاءِ وي تي ڪار ۽ موٽر سائيڪل
۾ ٽڪرٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ زال مڙس فوت ٿي ويا، پيارو جعفري ۽ سندس زال ماروي جعفري
جا لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا،
جهرڪ
ويجهو ملاڪاتيار پل وٽ سوزوڪي ۽ ڪار ۾ ٽڪرٿي پيو نتيجي ۾ 14 ڄڻا زخمي ٿي پيا،
ڪنري ۾ به ڊاٽسن ۽ ٻن موٽر سائيڪلن ۾ ٽڪر سبب
4 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
سکر ۾ شهرين پاران مھانگائي خلاف
مانيون هٿن ۾ کڻي ۽ مٿي ۾ مٽي وجهي انوکو احتجاج،
هٿن ۾ بينرز کنيل شهرين جو چوڻ هو ته اٽو،
کنڊ ۽ ٻيون شيون مھانگيون ٿي ويون، ٻه ويلا ماني لاءِ پريشان آهيون، مظاهري دوران مظاهرين
کي هٿن ۾ مانيون کنيل هيون ۽ مٿي ۾ مٽي وجهي رهيا هئا، هنن چيو ته شديد پريشانين ۾
آهيون، دڪاندار اوڌر به نٿا ڏين، حڪومت صرف دعوائون ڪري رهي آهي،
هنن چيو ته مهانگائي جو نوٽيس وٺي شيون سستيون
ڪيون وڃن ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو تيز ڪيو ويندو.
خيرپور ۾ ڇوهارا منڊي جي واپاري
راجيش ڪمار جي قتل خلاف خيرپور ۽ سکر جي واپارين جو ٺيڙهي ڦاٽڪ وٽ ڌرڻو،
ان
موقعي تي واپارين جو چوڻ هو ته ايس ايس پي خيرپور قاتلن جي گرفتاري لاءِ 3 ڏينهن جي
مهلت گهري هئي، پر جوابدار اڃا تائين گرفتار ناهن ٿي سگهيا،
پوليس قاتلن کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي
آهي، راجيش ڪمار جي قاتلن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي
ڪراچي جِي بلوچ ڪالوني ۾ ٻه ماڙ عمارت تان اڇلايل تازِي ڄاول ٻارڙِيءَ معجزاڻي
طور بچي وئي،
اَبهَم نياڻي جِي اک کي معمولي نقصان پهتو، پوليس ٻارڙي جِي ماءُ نجمه ۽ نانَي
ممتاز کوکر کي گرفتار ڪري ورتو، سرڪار جِي مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو،
رمضان ڇيپا واقعي وارَي هنڌ پهچي ٻارڙي
کي هنج ورتو، پريس ڪانفرنس دوران رمضان ڇيپا چيو ته هُو ٻارڙي جِي سار سنڀال ڪندا،
پوليس موجب ناري ۽ سندس پيءُ ڏوهه جو اعتراف ڪري ورتو آهي، ويم ڪرائيندڙ خلاف به ڪارروائي
ڪئي ويندي..
ڏڪاريل ڏيهه ٿر ۾ خوبصورتي جي علامت
مورن ۾ راڻي کيت بيماري ٻيهر ڪر کنيو آهي،
چيلهار
۽ ڀرپاسي 4 ڏينهن دوران 10 کان وڌيڪ مور مري ويا، ڳوٺاڻن جي شڪايتن باوجود وائيلڊ لائيف
کاتي جي عملدارن تحرڪ نه ورتو،
ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته راڻي کيت بيماري ٻيهر
ڪر کنيو آهي، انتظاميه ڪي به قدم ناهن کنيا، قيمتي مور مري رهيا، ٿر جي سونهن ختم ٿي
رهي آهي.
قادرپور ويجهو چاچڙ برادري جي
ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، لٺيون لڳڻ سبب 2 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا
جهيڙي جو هي واقعو ڪچو ٻنڊي ون ٿاڻي جي حد
ڳوٺ در محمد چاچڙ مان رپورٽ ٿيو آهي جتي لشير پٽ ولي محمد چاچر ۽ ثناء الله چاچڙ
زخمي ٿي پيا زخمين کي پوليس ليٽر بعد گهوٽڪي اسپتال نيو ويو
پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي اين سي داخل
ڪري ورتي آهي واقعي جي جاچ پڻ ڪري رهيا آهيون
گڊو ۾ يتيم نياڻين جو پنهنجي
والده سميت فوتي والد جي ملڪيت تي مبينه قبضي خلاف احتجاج تدارڪ جو مطالبو
مزاري پاڙي جي رهواسڻ يتيم نياڻين اقرا،
ياسره، سدره، ۽ رضيه پنهنجي والده سگهران سميت گڊو ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو
سندن چوڻ هو ته هو يتيم چار نياڻيون آھن
هنن جو پي محمد ايوب فوت ٿي ويو آهي
هنن جو چاچو محمد يعقوب هنن جي ملڪيت تي
قبضو ڪري ويٺو آهي
ملڪيت گهرڻ تي هو موتمار ڌمڪيون ڏيئي رهيو
آهي
هنن ايس ايس پي ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ کان فوري
نوٽيس وٺي انصاف جو مطالبو ڪيو آهي
دادلوءِ جي رهواسين جو برادري
جي بااثر ماڻهن خلاف احتجاج وس وارن کان
نوٽس وٺڻ جو مطالبو
دادلوءَ جي رهوااي لونگ چاچڙ ادريس چاچڙ
علي شير جمغو درگاهي ۽ ٻين 91 آفيس پهچي دانهيو آهي ته پنهنجي برادري جي بااثر
ماڻهن الهرکيو چاچڙ شهزادي لياقت سجاول چاچڙ ۽ ٻين جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي
هنن چيو ته ڪجهه وقت اڳ جوبدارن اسان جي
گهر ۾ داخل ٿي چوري جي ڪوشش ڪئي هئي
سجاڳ ٿيڻ تي مزاهمت دوران لونگ چاچڙ کي
زخمي ڪيو ويو هو اهڙو ڪيس داخل ڪرايو هيو سين
جنهن بعد جوابدار مڇرجي پيا ۽ اسان مٿان
ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي رهيا آحن
هنن چيو ته ايس ايس پي ڌرين مٿان
راڄوڻي نبيري لاءِ زور ڀريو پر جوابدار ڌر
اها اڙي ڏئي فيصلي کان ڦري وئي ته پهريان ڪيس ختم ڪرايا وڃن بعد ۾ نيبرو ڪنداسين
هنن
ڊي آءِ دجي سکر ايس ايس پي کان تدارڪ جو مطالبو ڪيو آهي
گهوٽڪي پوليس هٿان مبينا مقابلي
۾ زخمي ٿيل جراور واسي نوجوان عبدالرحيم گبول عمر ڀر لاء معزور ٿي ويو ، ڪراچي
اسپتال ۾ داخل نوجوان جي ڊاڪٽرن ٽنگ ئي ڪاٽي ڇڏي ، معذور نوجوان جي وارثن جو چوڻ
آهي ته هنن جي نوجوان کي بي گناه گهوٽڪي پوليس هٿراڌو مقابلي ۾ زخمي ڪيو هو قانوني
رستو اختيار ڪندا
اياز گبول جي رپورٽ مطابق ته
ڪجهه ڏينهن اڳ مبينا مقابلي ۾ هاف فراءِ ڪيل
نوجوان عبدالرحيم گبول جو ڪراچي جي اسپتال ۾ آپريشن ڪيو ويو، ڊاڪٽرن سندس ڄنگهه ڪٽي ڇڏي آهي
جنهن بعد نوجوان سڄي ڄمار لاءِ معذور بڻجي ويو آهي.
گهوٽڪي پوليس پاران هفتو اڳ هاف فرائي ڪيل جروار جي ڳوٺ ڀڙي گبول جي رهواسي
عبدالرحيم گبول جي طبيعيت ۾ سڌارو نه اچڻ سبب کيس
نازڪ حالت ۾ ڪراچي جي ٽراما سينٽر اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو جتي ڊاڪٽرن هن جو
آپريشن ڪري گوڏي وٽان ڄنگھ ڪٽي ڇڏي آھي
ڊاڪٽرن موجب هن جو زخم خراب ٿي ويو هو ۽ زخم
۾ زهر ڀرجي ويو هو جيڪڏھن هن جي ڄنگھ نه ڪٽجي ها ته زهر پوري جسم ۾ ڦهلجي وڃي ها ۽
ان سان نوجوان جي زندگي کي پڻ خطرو هو
, معزور بڻجي ويل نوجوان جي وارثن غلام قادر
گبول شمن فقير گبول ماجد گبول ،خليل گبول ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ گهوٽڪي پوليس خلاف احتجاج
ڪندي ٻڌايو ته گهوٽڪي پوليس بنا جواز نوجوان کي گرفتار ڪري گوليون هڻي ھميشه لا معذور ڪيو آھي
هنن وڌيڪ چيو ته پوليس بااثر ماڻھن جي وينگار
وهندي نوجوان سان اھڙو ويڌن ڪيو آھي زخمي نوجوان جي ڀاءُ واحد گبول جو چوڻ ھو تہ اسان
گھوٽڪي پوليس جي اھڙي ظلم خلاف قانوني ويڙھ
ڪنداسين ۽ ملوث پوليس اهلڪارن کي سزا ڏيارڻ
تائين خاموش نہ ويھنداسين
هوڏانهن
پاڪستان گبول ويلفيئر ايسوسيئيشن جي اڳواڻ خالد گبول پريس رليز ۾ چيو آھي ته گهوٽڪي پوليس نوجوان کي
گوليون ھڻي معذور ڪري وڏو ظلم ڪيو آھي جيڪڏھن نوجوان ڏوھاري ھو يا ان جو ڪو قصور ھو
تہ ان کي سزا ڏيڻ عدالت جو ڪم آھي نہ ڪي پوليس جو
هنن جو چوڻ هو ته گهوٽڪي پوليس جي اهڙي ظلم
خلاف گبول برادري سنڌ سميت پوري پاڪستان ۾
احتجاجي مظاهرا ڪندي ۽ قانوني جنگ ۾ سندن تنظيم
وارثن سان ھر قدم تي گڏ هوندي
اڳوڻي انجنيئر پاران 38 ڪروڙ روپين جي ڪرپشن
جو انڪشاف، اڳوڻي انجنيئر امجد جتوئي، ايس ڊي او محمد علي مڱريو، زبير جتوئي، منظور
جتوئي، بندن جي مرمت لاءِ آيل جي ڪروڙين روپيه رقم هڙپ ڪرڻ جو انڪشاف، سنڌ سرڪار پاران
آيل ڪروڙين روپيه بغير ڪنهن ڪم جي ڪاغذن ۾ ڪم ڏيکاري مال دٻو ڪيو ويو، (ذريعا)تفصيل
موجب آبپاشي کاتي جي ميرپور ماٿيلو جي اڳوڻي انجنيئر امجد جتوئي پاران 38 ڪروڙ روپين جي
ڪرپشن جو انڪشاف ٿيو آهي، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب اڳوڻي انجنيئر امجد جتوئي، ڊائريڪٽر سيڊا محمد علي
زرداري، سميت ايس ڊي او محمد علي مڱريو، ٺيڪيدار
زبير جتوئي، منظور جتوئي جي معرفت بغير ڪنهن ڪم جي بندن جي مرمت توڙي ڊي سلٽنگ، ايم
اي ڊار لاءِ آيل لاءِ آيل ڪروڙين روپين جا فنڊ هڙپ ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، ان سلسلي
۾ سنڌ سرڪار پاران آيل ڪروڙين روپيه بغير ڪنهن ڪم ڪرڻ جي ڪاغذن ۾ مڪمل ڏيکاري مال دٻو
ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان ذريعن جو چوڻ آهي، ته اڳوڻي آبپاشي انجنيئر امجد جتوئي
۽ ٻين 38 ڪروڙ روپين جي ڪروپشن ڪئي آهي.
سنڌپوليس جي شهيدجوانن کي سلام پيش
ڪجي ٿو*
اڄ 4 آگسٽ سنڌ پوليس جي شھيد جوانن جي ڏيهاڙي جي حوالي
سان *ايس ايڇ او ڪوٽ لالو سيف الله ٻگھيو پوري
ٽيم سان گڏ جي ڪوٽ لالو ٿاڻي جي شهيد اهلڪار
امن چودڳي واسي شھيد امان الله شر جي وارثن وٽ پھتو، شھيد جي وارثن سان
گڏجي ايس ايڇ او ڪوٽ لالو امن ڀرسان اجيرو پير قبرستان ۾ شھيد اهلڪار امان الله شر جي
قبر تي قرآن خواني ڪري گلن جي چادر چاڙھي شھيد
اهلڪار جي مغفرت لاء دعا گھري وئي ان موقعي
تي ايس ايڇ او ڪوٽ لالو ٻڌايو ته سنڌ پوليس جا
شھيد اھلڪار اسان جا ھيروز آھن جنهن پنهنجي جان جي پرواھ نه ڪئي ۽ ايمانداري
سان پنهنجو فرض سرانجام ڏيندا آهن اسان ۽ توهان
تي فرض ٿو ٿئي ته انھن جي لازوال قربانين کي
ياد ڪري انھن کي ڀيٽا پيش ڪيون
Comments
Post a Comment