وزيراعظم جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس، معاشي صورتحال تي مشاورت،نواز شريف جي وطن واپسي تي بحث ڪيو ويو،
وزيراعظم جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس، معاشي
صورتحال تي مشاورت،نواز شريف جي وطن واپسي تي بحث ڪيو ويو،
وفاقي ڪابينا نواز شريف کي وطن واپس آڻڻ تي اتفاق ڪري ورتو آهي،
وزيراعظم جو چوڻ آهي ته نواز شريف کي فوري طور وطن آندو وڃي.
قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف ۽ جي يو آءِ
سربراهه مولانا فضل الرحمان وچ ۾ ملاقات دوران پي ٽي آءِ سرڪار کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ
صلاح مشورا،
اسلام آباد ۾ فضل الرحمان جي رهائشگاهه تي ملاقات دوران ٻنهي
جماعتن جا اڳواڻ به موجود هئا،
ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا
فضل الرحمان چيو آهي ته ملاقات ۾ حڪومت خلاف تحريڪ هلائڻ تي اتفاق ٿيو آهي، پر اُن
لاءِ سمورين اپوزيشن جماعتن کي گڏيل طريقيڪار ۽ حڪمت عملي طئه ڪرڻي پوندي،
اي پي سي ۾ قوم آڏو پنهنجو لائحه عمل
پيش ڪيو ويندو،
شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت خلاف تحريڪ لاءِ پارليامينٽ کان
ٻاهر سياسي جماعتن کي به گڏ ڪيو ويندو، حڪومت کي هاڻي وڌيڪ عرصو برداشت نٿو ڪري سگهجي.
تيز برسات سبب سعودي عرب کان ڪراچي ايندڙ اڏام کي
نوابشاهه ايئرپورٽ تي لاٿو ويو ،
جده کان ڪراچي ايندڙ پي آءِ اي جي
اڏام کي نوابشاهه جي ايئرپورٽ تي لاٿو ويو،
ايئرپورٽ ذريعن موجب ته جهاز ۾277
مسافر سوار آهن، جنهن کي موسم بهتر ٿيڻ بعد ڪراچي روانو ڪيو ويندو.
سنڌ حڪومت سرڪاري زمينن جي غيرقانوني الاٽمينٽ ڪيس
۾ نيب هٿان گرفتار ٿيل سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ روشن شيخ کي هٽائي ڇڏيو،
ڪمشنر ڪراچي افتخار شالواڻي نئون سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ مقرر،
ڪراچي جي احتساب عدالت 265 ايڪڙ سرڪاري زمين جي غيرقانوني الاٽمينٽ واري ڪيس ۾ اڳوڻي
سيڪريٽري روشن شيخ، اڳوڻو ايڊمنسٽريٽ لالا فضل الرحمان ۽ اڳوڻي ڊائريڪٽر لينڊ وسيم
کي 2 سيپٽمبر تائين جيل موڪلي ڇڏيو،
نيب گذريل ڏينهن ضمانت
رد ٿيڻ بعد ٽنهي جوابدارن کي گرفتار ڪيو هو.
تيز برسات سبب مهراڻ يونيورسٽي ۾هلندڙ انٽري ٽيسٽ
ٻن ڏينهن لاءِ ملتوي،
مهراڻ يونيورسٽي ۾26 ۽ 27 آگسٽ تي رٿيل ڪمپيوٽرائزڊ انٽري ٽيسٽ
نه ٿيندي،
ترجمان جو چوڻ آهي ته عاشوري جي موڪلن بعد ملتوي ٿيل ٻن ڏينهن
واري ٽيسٽ جي تاريخ جو اعلان ڪيو ويندو.
سکر بئراج وٽان سنڌو درياءَ مان ھٿ آيل نوجوان ناريءَ
جي لاش هٿ ڪيو ويو. لاش جي سڃاڻپ علي واھڻ واسي مائرا ڌيءَ محمد علي قريشي طور ٿي آھي.
وارثن موجب مائرا 3 ڏينھن کان پراسرار نموني گم ٿي وئي ھئي.
جنھن جو لاش پوليس معرفت لاءِ مليو آھي،
هنن چيو ته سندن نياڻي جي جسم تي تشدد
جا نشان آهن. نياڻي کي قتل ڪرڻ بعد لاش لوڙهيو ويو آهي.
درگاهه ڀرچونڊي ۾ ٻيهر پيرن ۽ مريدن جو ڪٺ، پير عبدالخالق
پاران علي گوهر مهر کان سياسي رستو ڌار ڪري محمد بخش مهر سان گڏجڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي،
درگاهه ڀرچونڊي شريف ۾ پير عبدالخالق قادري جي سربراهي ۾ ٻيهر
پيرن ۽ مريدن جو ڪٺ ٿيو،
جنهن دوران پير عبدالخالق
پاران علي گوهر مهر کان سياسي رستو ڌار ڪري محمد بخش مهر سان گڏجڻ جو اعلان ڪيو ويو،
پير عبدالخالق قادري
جو ان موقعي تي چوڻ هو ته مهر سردارن سان 47ورهين جو سياسي سفر رهيو پر هاڻي سياسي
طور هو محمد بخش خان مهر سان گڏ آهن ۽ رهندا
گهوٽڪي جي اينٽي ڪرپشن پوليس تپيدار کي رشوت
وٺندي سوگهو ڪري ورتو مٿس سيل سرٽيفڪيٽ جا کاتيدار کان 15 هزار وٺڻ جو الزام آهي
اينٽي ڪرپشن پوليس مطابق ته کاتيدار حفيظ الله بلو جي فرياد
تي تپيدار رڪ عطا شاه کي رشوت وٺندي سوگهو ڪيو ويو آهي
اينٽي ڪرپشن پوليس مطابق ته سول جج جي موجودگي ۾ رشوت جا
نمبر لڳل پئسه پن موقعي تي هٿ ڪيا ويا آهن ۽ مٿس 3 )2020 ( ڪيس درج ڪيو ويو آهي
سکر جي عدالت ۾ پرڻي لاءِ پهتل پنجاب واسڻ ناري کي
وارثن پاران زبردستي کنڀڻ جي ڪوشش،
ان موقعي تي دانهيندي ناري ايمان ملڪ چيو ته زندگي کي خطرو هيو
جنهن سبب گهر ڇڏي پنوعاقل مائٽن وٽ آيس جن نمبر بند ڪري ڇڏيا، مجبور ٿي اڻڄاڻ نوجوان
کي شادي جو چيو جنهن حامي ڀري، عدالت پهتاسين ته مائٽن حملو ڪيو آهي،
عدالت ٻاهران تشدد جو نشانو بڻائي اغوا ۽ قتل جي ڪوشش ڪئي وئي،
زندگي کي خطرو آهي، تحفظ ڏنو وڃي.
صادق آباد جي مدرسي ۾ نوجوان کٿابي ڳلو ڪپي قتل،
پوليس شڪ جي بنياد تي هڪ ڄڻي کي گرفتار
ڪري ورتو
مدرسي ۾ سُتل راشد علي کي نامعلوم جوابدار تيز ڌار اوزار سان
ڳلو ڪپي قتل ڪري ڇڏيو،
صادق آباد پوليس جو چوڻ آهي ته شڪ جي بنياد تي کٿابي ڪامران
کي گرفتار ڪري ورتو آھي،
مقتول راشد علي ۽ ڪامران
۾ جهيڙو هلندڙ هو، وڌيڪ جاچ ڪيون پيا.
عادلپور ۾ نوجوان نياڻي فائر ڪري قتل ، پوليس پهچي لاش
کڻائي اسپتال پهچايو ، عادلپور پوليس جو چوڻ آهي ته مقتوله جو والد اڳ ۾ ئي فوت ٿي
چڪو آهي ماء جي ٻي هنڌ شادي ٿيڻ بعد هي پنهنجي ڏاڏي جي گهر ۾ رهندي هئي جنهن کي
رات فائر ڪري قتل ڪيو ويو آهي واقعي جي هر رخ کان جاچ ڪري رهيا آهيون..
هي واقعو عادلپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ جيئند چاچڙ ۾ پيش آيو آهي جتي غير
شادي شده نوجوان نياڻي 18 ورهين جي اميرزادي ڌي مرحوم خدابخش چاچر کي گهر اندر ئي
پسٽل جو فائر ڪري کيس قتل ڪيو ويو آهي
واقعي جي اطلاع تي عادلپور پوليس پهچي مقتوله نياڻي جو لاش کڻائي
گهوٽڪي اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو
رابطو ڪرڻ تي عادلپور پوليس جو چوڻ هو ته مقتوله ناري جو پي اڳ ۾ ئي
فوت ٿي چڪو آهي جنهن بعد هن جي والده ٻي هنڌ شادي ڪئي ۽ ناري پنهنجي ڏاڏي سان سندس
گهر ۾ رهندي هئي ته کيس فائر ڪري قتل ڪيو ويو آهي
پوليس مطابق ته واقعو ڪيئن پيش آيو ۽ قتل جو ڪارڻ ڇا آهي ان بابت
پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي فريادي اچڻ تي ڪيس داخل ٿيندو ٻي صورت ۾ سرڪار پاڻ
فريادي ٿي ڪيس داخل ڪندي
سنڌ ۾ طوفاني برساتن دوران ننڍا وڏا علائقا بجلي کان
محروم ٿي ويا آهن،
ڪراچي ۾ تيز برسات دوران 400 فيڊر ٽرپ ٿيڻ سبب شهر جا اڌ کان
وڌيڪ علائقن کي بجلي جي فراهمي معطل، ملير، قائد آباد، لانڍي، لياقت آباد، لياري ۽
ٻين علائقن ۾ بجلي بند هجڻ سبب شهرين جا اهنج ٻيڻا ٿي ويا،
سيپڪو جي رينجر ۾
70 فيڊر ٽرپ ٿيڻ جي نتيجي ۾ 4 کان وڌيڪ ضلعن ۾ بجلي بند، سکر، دادو، جيڪب آباد، ڳڙهي
خيرو، جوهي، راڌڻ، شهدادڪوٽ، ڳڙهي خيرو، وارهه ۽ ٻين علائقن کي بجلي جي فراهمي معطل
ٿي وئي ،
ڪي اليڪٽرڪ ۽ سيپڪو
اختيارين چيو آهي ته برساتي پاڻي نيڪال ٿيڻ ۽ برساتي سلسلو بند ٿيڻ کانپوءِ ئي فني
خرابي ختم ڪئي ويندي.
سنڌ ۾ گذريل ڏينهن کان وقفي وقفي سان جاري برسات تباهي ڪري ڇڏي، مختلف واقعن ۽ حادثن ۾ 11 ڄنا فوت ٿي
ويا،
ڪراچي جي ملير، قائد
آباد، لانڍي، ڪورنگي، اختر ڪالوني، ابراهيم حيدري ۽ ٻين علائقن ۾ برسات بعد رستن تي
پاڻي بيهجي ويو، حيدرآباد، ٽنڊو محمد خان، ميرپور خاص ۽ مٽياري ضلعي جي مختلف علائقن
هڪلي ۽ گجگوڙ سان برسات، ڪوٽڙي، هالا، خاڻوٺ، گاجي کهاوڙ، نبي سر روڊ، ڪُنري، نندو،
ملڪاڻي شريف،ڪڙيو گهنور ۽ قاضي احمد ۾ برسات بعد رستن ۽ گهٽين تي پاڻي بيٺل، بجلي
۽ مواصلاتي نظام ڊانواڊول، ڊگهڙي ۾ سڀ کان وڌيڪ 230 ملي ميٽر برسات رڪارڊ، موسميات
کاتي چيو آهي ته ميرپور خاص ۾ 162، مٺي ۾ 135، حيدرآباد سٽي ۾ 133 ۽ ايئرپورٽ واري
علائقي ۾ 128 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ٿي آهي، ڪراچي ۾ سڀ کان وڌيڪ گلشن حديد ۾ 105 ملي
ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي آهي. جڏهن ته سنڌ جي مختلف علائقن ۾ تيز برسات دوران حادثن
۽ واقعن جي نتيجي ۾ 11 ڄڻا فوت ٿي ويا، ملير ندي ۾ چاڙهه بعد ٻارڙَي سوڌو 2 ڄڻا ٻڏي
ويا، ملير جي ڀينس ڪالوني ۾ ڀِت ڪرڻ جي نتيجي ۾ نينگر دٻجي فوت ٿي ويو، ڪراچي جي اتحاد
۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ جي نتيجي ۾ ناري فوت ٿي وئي، هوسڙي ڀرسان ڳوٺ مراد ڪليري ۾ تيز
برسات دوران گهر جي ڇِت ڪرڻ سبب 2 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا، ڪڙيو گهنور ۾ اوطاق جي ڇِت
ڪرڻ سبب پيرسن دٻجي فوت ٿي ويو، ڪوٽ غلام محمد ڀرسان ڳوٺ مهر ٻوٽا ۾ گهر جي ڇِت ڪرڻ
سبب نينگر حياتي وڃائي ويٺو، ٺٽي ڀرسان ڪينجهر روڊ تي سوزوڪي سلپ ٿيڻ بعد ڪلٽي، هڪ
ڄڻو فوت ۽ 3 زخمي ٿي پيا.
سنڏ جي تاريخي ماڳ ماٿيلو مومل جي ماڙي ۾ سنڌي ٻولي جي مشھور سگھڙ علي حسن منگي جي اوطاق تي سگھڙن
جي تنظيم سلات ۽ سنڌي ادبي سنگت شاخ ماٿيلو مومل جي ماڙي پاران ڪربلا جي شھيدن جي ياد
۾ ھڪ سگھڙ ڪچھري سنڌي ٻولي جي ناليواري سگھڙ ۽ لطيف جي پارکو بشير احمد ڏيٿو جي صدارت
۾ ڪوٺائي وئي , جنھن ۾ ناميارن سگھڙن ۽ شاعرن بشير احمد ڏيٿو.علي حسن منگي.عبدالحئي
ڀٽو.محمد ابراھيم پيرزادو.يونس ڀٽو.خدابخش ٻرڙو.غلام مصطفي مھر.علي شير منگي ۽ ٻين
پنھنجي نئين نڪور شاعري ۾ ڪربلا جي شھيدن کي خوبصورت لفظن جي ڀيٽا پيش ڪندي عقيدت جا
گل نڇاور ڪيا آخر ۾ بشير احمد ڏيٿو.عبدالحئي ڀٽو.علي حسن منگي.خدا بخش ٻرڙو ۽ ٻين ڳالھائيندي
چيو تہ ڪربلا جي ميدان ۾ حضرت امام حسين ۽ سندس خاندان جي ڏنل عظيم قرباني کي ڪڏھن
بہ وساري نٿو سگھجي اھي حق ۽ سچ تي شھيد ٿي ھميشہ لاء امر ٿي ويا ۽ اھي ھر وقت تاريخ جي ورقن
۾ زنده رھندا
Comments
Post a Comment